عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
جيءُ آئين ڀَلي آئين تون،
ڪنھن منزل مون پھچائين تون،
ٿو موٽي سِرُ وڍائين تون!
سرمَدَ کي ڏيئِي لَتَ ڪھايئِي، سوريءَ تي مَنصور چڙھايئي،
شيخ عطار جو سِرُ وڍايُئي ، ھاڻي ھيڏي پنڌَ پُڇائين تون.
زڪريا ساڻُ ڪرٽَ چِيرايئي، يوسف کي مَنجھ کوھَ وجھايئي،
شمس مُلن جي ھَٿئون مارايُئي، عاشِقَ ٿو آزمائِين تون.
جڻيو ڪفر صنعان وجھايئي، بُلي شاھ کي ذبح ڪرايئي،
جعفر کي درياء ٻوڙايئي، تن کي پار لنگھائِين تون.
گھاڻي ۾ بلاول پيڙايئي، عنايت ميدانَ مارايئي،
ڪرمَل کي ھِنَ حُڪم ھِلايئي، ڦيرُوءَ ڪَنڌُ ڪَپائين تون.
قاسِم دُرن ساڻ سَٽايئي، موسيٰ کي بيٖ سُھاڳَ وٺايئي،
اڪيداسَ تَعزير ڏِوايئي، سو اَڄُ ساڳيو آھين تون.
"سچو" سَندءِ پنڌَ پُڇائي، گھوريو پنھنجو سِر گھُمائي،
نِيھن واري ڳالِھ ڳالھائي، عاشق ٿي فرمائين تون