• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تبديلي

ڏکڻ کان جيڪا تبديلي آئي، ان اسان جي مذهب، سياست ۽ سماج ۾ وڏي اٿل پٿل آندي. محمدي بن قاسم آيو ته ملڪ جو مذهب ئي مٽجي ويو، انگريز آيا ته اسان جي سياست ئي بدلجي وئي ۽ پوءِ جڏهن اسان عظيم ميزبانن جا هندستاني ڀائر آيا ته ٻولي ۽ ثقافت اسان لاءِ اوپريون ڳالهيون بڻجي ويون.
1947ع کان ڪراچي ۽ ان سان گڏ ڏکڻ سنڌ اندر گرائونڊ تحريڪن جي نتيجن ۾ اسان جي پيرن هيٺان کسڪڻ شروع ڪيو آهي. بن قاسم ۽ گوادر بندر جو ٺهڻ، ذوالفقار آباد جي آبادي ۽ ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي سياڻن لاءِ وڏا اشارا آهن ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڪو وڏو ممڻ مچڻ وارو آهي. هاڻي اتر کان ايندڙ ماڻهن جي نالي ۽ پناهه ۾ ويڙهاندي گروهن ۽ ڪرائي جي قاتلن جا هر اول دستا، سنڌ ۾د اخل ٿيندا. نتيجي ۾ مچ ڪراچيءَ ۾ ٻرندو ۽ ٽانڊا سموري سنڌ ۾ دکڻ شروع ٿيندا
 
Back
Top