پٺاڻ سعودي عرب ۾ نسوار کائي رهيو هو ته پوليس پڪڙي ورتس هڪ پوليس آفيسر عربيءَ ۾ سمجهائيندي چيس ماالذي تاڪل النسوار هذالشيءَ المضر (نسواڙ صحت لاءِ نقصانڪار آهي) پٺاڻ پوليس واري کي ڀاڪر پائي روئندي اوڇگارون ڏيندي چيو هم ڪو آج پتا چلا هي ڪي نسوار ڪا ذڪر قران مين بهي آيا هي
ڀائڙا هونءَ ته دنيا جي هر خطي ۾ ڪجهه قومن يا ذاتين سان منسوب ٿيل ڪيتريون ئي کلائڻ جهڙيون ڳالهيون سر عام هونديون آهن جيئن سعودي عرب ۾ زهراني قبيلي سان منسوب ڪيتريون ڳالهيون ملنديون تيئن وري برصغير هند ۾ سکن ۽ پٺاڻن لاءِ به ائين کي کلائيندڙ ۽ عجيب ڳالهيون منسوب ٿيل آهن ... جيئن هڪ ماڻهونءَ پٺاڻ کي چيو ته سڀني قومن وٽ پيغمبر آيا پر پٺاڻن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو، ائين ڇو؟ پٺاڻ جواب ڏنو ... ابي ڪوچا موسا خان ۽ عيسا خان پٺاڻ نه هيا ته ڪير هيا .... لک قرب