غزا جون غمگين شامون ۽ انقلابي جدوجهد جون يادگيريون! اعجاز منگي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    اها هڪ رت ڳڙندي ۽ رڪ وهندي راند هئي. جڏهن عرب ريگستانن ۾ فلسطيني رومالن جي ٻٽ ٻڌل گوريلا روسي ڪلاشنڪوفن سان ڳجهيون ميٽنگون ڪندا هئا. هو جن جا خانداني نالا هڪڙا ۽ تنظيمي نالا ٻيا هوندا هئا. هو جيڪي سدائين سفر ۾ هوندا هئا. ڪڏهن انهن کي اردن جي ايئرپورٽ تان اڏامي دمشق ۾ لينڊ ڪرڻو هوندو هو ته ڪڏهن هو ٽرپوليءَ جي ڪنهن انتهائي حساس هنڌ تي پنهنجي نئين آپريشن جي ريهرسل ڪندا هئا. ڪڏهن هو يورپ جي ڪنهن شهر ۾ ڪنهن مختلف پاسپورٽ سان سفر ڪندا هئا ته ڪڏهن انهن کي تنظيم جي نوجوان ساٿين جو اتساهه وڌائڻ جي لاءِ انقلابي گيتن تي هٿيارن سان گڏ رقص ڪرڻو هوندو هو. هو جيڪي ماسڪو کان وٺي هوانا تائين پوري سوشلسٽ بلاڪ کي پنهنجو اباڻو گهر سمجهندا هئا ۽ انهن کي ان وقت يقين هو ته نه صرف پنهنجي ديس کي آزاد ڪرائي ڇڏيندا پر اسرائيل کي دنيا جي تختي تان ميساري به ڇڏيندا. ان مقصد لاءِ انهن پنهنجي زندگين جون قربانيون صرف موت جي صورت نه ڏنيون هيون پر انهن کي اهڙي زندگي گهارڻي پئي، جنهن جو انهن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو. هو جيڪي پنهنجي پنهنجي گهرن کان دور هئا ۽ انهن پاڻ ۾ هڪ انقلابي ڪٽنب جوڙيو هو، سو جڏهن عالمي سياست جي طوفان ۾ منتشر ٿي ويو، تڏهن صرف رڪارڊ تي رهجي ويا، اهي نالا جيڪي پنهنجي دور جي وڏي وٿ هئا. موجوده نسل کي ته انهن جا حوالا ٻڌي به حيرت ٿيندي، جن کي ان جارج حباش جي ڄاڻ به مشڪل هجي، جيڪو ستر جي ڏهاڪي جو وڏو اتساهه هو. جنهن پي ايف ايل پي جي نالي سان پي ايل او جو سڀ کان وڏو گروپ ٺاهيو هو. ان تنظيم سان تعلق رکندڙ اها ليليٰ خالد جنهن جهاز هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ ان ڪوشش دوران انهن جو ڪامريڊ پيٽرڪ آرگيولو گوليون لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو هو ۽ ليليٰ انقلابي رسم ادا ڪندي هن جي زخمن کي ڳڻيو ۽ پوءِ هن جي چپن تي الوداعي چمي ڏني ۽ پاڻ کي مليل ڪافيءَ جي ڪوپ جو ڍڪ هن جي زهر جهڙو محسوس ٿيو ۽ هن جي اها وارتا سنڌ ۾ “اسان زنده رهنداسين” جي نالي سان ڪيتري نه پيار سان پڙهي وئي هئي. پر ڪجهه سال اڳ جڏهن هڪ يورپي صحافيءَ هن کي ٻاهٺ سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڏوهٽيءَ کي ڪڏائيندي ڏٺو هو ۽ کيس محسوس ٿيو هو ته هوءَ جدوجهد کان گهڻي ڀاڱي پاسيري ٿي چڪي آهي پر هن جي آڱر ۾ پوءِ به اها منڊي پاتل هئي، جنهن ۾ ڪو قيمتي هيرو يا فيروزو نه هو پر هينڊگرنيڊ جي پن مان ٺهيل ان منڊيءَ جي ٽڪ پستول جي گولي هئي. هن جي ڪلاشنڪوف سان مشهور ٿيل تصوير هاڻي ڪنهن به هاسٽل جي ديوار تي آويزان ناهي، جنهن ۾ هن کي فلسطيني رومال ٻڌل هوندو هو پر لبنان کان وٺي لبيا تائين هاڻي به اهي پوڙها شينهن موجود آهن، جن کي آڱرين تي ياد آهن، انهن ارڏن انقلابين جا نالا جيڪي وديح هداد کان وٺي ان دلال المغربي تائين وڏي عقيدت جي علامت هوندا هئا، جنهن جا وارا ليڊي ڊيانا جهڙا هوندا هئا ۽ جيڪا ان وقت به انتهائي خوبصورت هئي، جڏهن هوءَ 1978 ۾ ڪوسٽل روڊ آپريشن ۾ قتل ٿي وئي هئي. جارج حباش ته ٽين دنيا جي انقلابي نوجوانن جو هيرو هو پر هاڻي ته ان فلسطين ۾ اهو ياسر عرفات به ناهي، جنهن جو انٽرويو ڪندي اٽليءَ جي مشهور صحافي خاتون اوريانا فلاچيءَ کائنس پڇيو هو ته ”تنهنجي اکين تي ڪمري ۾ به ڪارو چشمو ڇو چڙهيل آهي؟“ تڏهن جواب ڏنو هو ته “ان ڪري جيئن منهنجا دشمن منهنجي اکين مان منهنجا اردا نه پروڙي وٺن” اهو ياسر عرفات جيڪو پهرين سوها پرڻيو ۽ پوءِ اسرائيل سان اوسلو ٺاهه وارو هٿ ملائي ايڊورڊ سعيد کان وٺي محمود درويش تائين نه معلوم ڪيترن عرب انقلابين جي دل جو شيشو چور ڪري ڇڏيو، ان لاءِ به پوءِ به سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي دل ۾ تمام گهڻي محبت ڀري عقيدت هئي، ان ڪري ئي ته هن لکيو هو ته:
    ”حسرت مان جنهن وقت فلسطين
    جيئن ياسر عرفات ڏسي
    چپ ايئن ڀيڪوڙي پنهنجا
    سارا رتو رت لڳن!!“
    پر اها جدوجهد جنهن مان اتساهه وٺڻ وارا صرف وچ اوڀر تائين محدود نه هئا پر پاڪستان جا اهي نوجوان جن مير مرتضيٰ ڀٽو سان گڏجي ڪابل کان وٺي دمشق تائين ڊگهي ۽ پرخطر جدوجهد ڪئي هئي، انهن کي به ان اسٽرگل مان پنهنجن خوابن جو هڳاءُ ايندو هو ۽ چوڻ وارا به ته اهو به چون ٿا ته اهو ياسر عرفات جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان ڳراٽڙي پائي تصويرون ڪڍرائيندو هو سو هن جي انقلابي پٽن سان تمام ويجهو هو ۽ هو پاڪستان ۾ آمريت جي پاڙ اکيڙڻ جي حوالي سان هن سان صلاحون به ڪندا هئا. هي اهو دور هو جڏهن فيض احمد فيض بيروت مان ”لوٽس“ يعني ”ڪنول“ جي نالي سان آفريڪا ۽ ايشيا جي انقلابي اديبن ۽ شاعرن جو ترجمان رسالو ڪڍندو هو ۽ هن پنهنجي هڪ ڪتاب جي ارپنا به عرفات جي نالي سان ڪئي هئي ۽ هو سمجهندو هو ته اها هڪ وڏي انقلابي تحريڪ آهي پر سرد جنگ جي خاتمي سان آهستي آهستي سسي سوڙهي ٿي ويل اها سموري تحريڪ هاڻي به ختم نه ٿي آهي پر افسوس جي ڳالهه صرف اها آهي ته ان مزاحمت جي سرواڻي هاڻي انهن سوشلسٽ ۽ کاٻي ڌر جي فڪر وارن همراهن وٽ نه پر ان حماس وٽ آهي، جيڪا هن قوت فلسطين جي تحريڪ ۾ وڏي قوت بڻجي وئي آهي ۽ ان غزا جي پٽيءَ ۾ 2007 کان وٺي انهن جي حڪومت آهي، جنهن مٿان اسرائيل مستقل حملا ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت اهي اخبارون ۽ ويب سائيٽون توڙي ٽي وي چينل جيڪي ڪڏهن عرب اسپرنگ جي حوالي سان تمام گهڻي ڪوريج ڏيندا هئا، اڄ انهن تي انهن شهيدن ۽ زخمين جون تصويرون ۽ غزا مٿان ٿيندڙ حملن جا تفصيل آهن، جيڪي اڃان تائين جاري آهن ۽ هاڻي ته مغربي ميڊيا به مڃي رهي آهي ته انهن حملن ۾ هن وقت تائين هڪ سئو کان وڌيڪ انسان اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. جن ۾ ننڍڙا ٻار ۽ نوجوان ناريون به شامل آهن ۽ بي بي سيءَ تي انهن گهرن جون تصويرون اپلوڊ ٿي رهيون آهن، جيڪي هاڻي واريءَ جا ڍير آهن ۽ انهن جي ڀرسان ڪارا ڪپڙا پائي پوڙهيون عرب عورتون ماتم ڪري رهيون آهن. اهو ماتم صرف پنهنجن ٻچن جي لاءِ ناهي پر اهو ماتم تاريخ جي ان دور لاءِ به آهي، جيڪو بظاهر دفن ٿي چڪو آهي ۽ اهي انسان ڄڻ ته وسري ويل ڪهاڻيءَ جا ڪردار محسوس ٿي رهيا آهن، جن کي مرڻ وقت به ان ڳالهه جو يقين هو ”اسان زنده رهنداسين“
    ها! هو زنده رهندا. درويش جي انهن گيتن ۾ جن مان حملي هيٺ آيل غزا جا ماڻهو اڄ به اتساهه وٺن ٿا. جڏهن هو سوشل ميڊيا تي درويش جو اهو نظم هڪ ٻئي سان شيئر ڪن ٿا ته:
    “غزا موت ۽ خودڪشي ناهي
    پر جيئڻ جو هڪ انداز آهي”
    تڏهن انهن جي لڙڪن سان آلين اکين ۾ مغموم مرڪ جا پڇا لهرائڻ لڳن ٿا ۽ هو پنهنجن تازن شهيدن جي قبرن تي ڳاڙها پيلا گل رکي وري ان جدوجهد ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا، جيڪا ڪڏهن به ختم نه ٿي آهي. فسطين جا اهي انسان جن ايڊورڊ سعيد جي ان موقف کي دل جي گهرائين سان تسليم ڪيو ته ”فلسطين هڪ عظيم مشن جو نالو آهي“ سي پنهنجي ان مشن جي تڪميل لاءِ اڃان تائين تحرڪ واري تصوير بڻيل آهن ۽ حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته هو اڄ به پنهنجن لفظن ۾ ان عجب جو اظهار ڪري رهيا آهن، جيڪو انهن کي محسوس ٿي رهيو آهي، مغرب جي ان ٻٽي پاليسيءَ تي جنهن سدائين اسرائيل جي غيرمشروط حمايت ڪئي آهي. انهن اسرائيل تي ان وقت به ڪک رکيا هئا، جڏهن هن جي جهازن صابره ۽ شتيلا جي ڪيمپن مٿان بم ۽ راڪيٽ وسايا هئا. اهو مغرب جيڪو اسرائيل جو اصل محافظ آهي، ان طرف مهڻن ۽ ميارن وارا لفظ لکڻ وارا هٿ اڃان تائين نه ٿڪا آهن ۽ ان سان گڏ هو پنهنجي هر قسم جي جدوجهد جا طورطريقا به استعمال ڪري رهيا آهن. هو آمريڪي صدر اوباما توڙي فرانس جو صدر فرانڪوئس هولاندي اڄ به اسرائيل جي حملن کي ”فلسطين ۽ اسرائيل جنگ“ قرار ڏئي رهيا آهن ۽ گڏيل قومن جي تنظيم يو اين جو سربراهه بانڪي مون اهو فرمائي رهيو آهي ته ”اهو خطو هڪ مڪمل جنگ افورڊ ڪري نه ٿو سگهي“
    ڇا اها جنگ آهي؟ اهي ته اروڪ حملا آهن ۽ انهن حملن جي ابتدا ان واقعي کان ٿي جڏهن فسلطيني نوجوان ابو خدير کي باهه ڏئي جلايو ويو. پندرنهن سال عمر هئي، مسڪرائيندڙ اکين واري ان ڳڀروءَ جي جنهن کي پيغمبرن جي سرزمين يروشلم ۾ ڪجهه صيحونين پهرين اغوا ڪيو ۽ پوءِ هن کي جيئرو ساڙي ڇڏيائيون ۽ هن جو پوسٽ مارٽم اسرائيلي ڊاڪٽرن ڪيو ۽ انهن پنهنجي رپورٽ ۾ اهو اعتراف به ڪيو ته ابو خدير جي ساهه واري ناليءَ ۾ رک ملي آهي، جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته جنهن وقت هن کي جلايو پئي ويو، ان وقت هو جيئرو هو!فلسطيني عوام جو ان ڳالهه تي ايمان آهي ته ابوخدير سميت انهن جو هر فرد تاريخ ۾ زنده رهندو، جنهن پنهنجي وطن جي لاءِ جان جو نذارنو ڏنو آهي.
    هن وقت غزا جي اها پٽي جنهن مٿان اسرائيلي حملا جاري آهن، ان تي ووٽن سان چونڊجي آيل اها ان حماس جي هٿن ۾ آهي، جيڪي پنهنجي عقيدن جي حوالي سان انتهاپسند ڪوٺيا وڃن ٿا ۽ انهن کي آمريڪا توڙي يورپ دهشتگرد قرار ڏئي رهيو آهي پر اهي حالتون پيدا ڪرڻ ۾ به ته ان آمريڪا ۽ مغرب جو ڪردار آهي، جن جي ڪري حماس جهڙين تنظيمن کي عام فلسطيني عوام جي حمايت حاصل ٿي چڪي آهي پر هن وقت اهم ڳالهه اها ناهي ته غزا جي پٽيءَ ۾ ڪنهن جي قوت وڌيڪ آهي؟ هن وقت غزا جي ان پٽيءَ تي بارود جي بارش ٿي رهي آهي ۽ پوري عالمي برادري غزا جي مظلوم ماڻهن جي محافظ ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڦاٽل ڇٽيءَ جو ڪردار به ادا نه ٿي ڪري!! پر پوءِ به پنهنجي مزاحمتي حال ۾ مست غزا جا سرڪش انسان اسرائيل آڏو جهڪڻ جو تصور به ڪري نه ٿا سگهن. هو جيڪي هڪ تاريخي جدوجهد جو تسلسل آهن، انهن جي زخمي چپن تي مرڻ وقت به اهي لفظ آهن ته ”اسان زنده رهنداسين“
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو