• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دوستو هن ايرر جو مطلب ڇا آهي؟

دوستو مونکي وڊيوايڊيٽنگ جو شوق آهي ۽ آئون ڪيتري َئي وقت کان pinnacle studio سافٽويئر استعمال ڪندو پيو اچان پر ڪجهه ڏينهن کان مون وٽ انسٽال ڪون پيو ٿئي هي ايرر لکيل اچي ٿو، ڪو حل ڏسيو مٺا؟
CRC error: The file C:/Program files/pinnacle/shared files/pixie/HelperDLL.dll does not match the file in the setups.cab file.The medium from which you are running the setupm may be corrupted,contact your softwear vendor.
دوستو مدد ڪيو ، سائين جادوگر ًصاحب ، سائين عبيدالله ٿهيم ، سائين فاروق سومرو صاحب.
 
ادا شايد توهان جي ونڊو ڪرپٽ ٿي وئي آهي.
ونڊو نئين سر ڪري ڏِسو ۽ پروگرام ٻيهر انسٽال ڪجو.
 
helper.dll فائيل ڪريپٽ آهي.مان اهو فائيل توهان کي ڏيان ٿو اهو ڊائونلوڊ ڪري پو ان سافٽوير ۾ پيسٽ ڪريو.سي ڊرائيو ۾ ان سافٽوير جي فولڊر ۾ پيسٽ ڪجو.
جيڪڏهن ان سان به نه مسئلو حل ٿئي ته پو نئين ڪا ونڊوز سيون جي سي ڊي وٺي ڪري اها ڪر.ٻيو ڪو حل ناهي. ان جو.
 
عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ادا پاڻ واري هُن سافٽويئر ڪيمسٽيا جو ڏَس نه ڏجي؟

قبلا ! ڪيمسٽيا جو ڏَس صحيح رهندو . پر عمران وٽ جيڪو ڪمپيوٽر آهي ان تي ڪيمسٽيا جي جا ناهي.
ڪيمسٽيا جي لا گهٽ ۾ گهٽ 2 جي.بي ريم، سسٽم جيڪڏهن ڊُئال ڪور يا وري ڪور 2 هُجي ته پو ڪيمسٽيا هلائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.

باقي 1 گ.ب ريم کي به ڪيمسٽيا نٿو پُڇي.
 
helper.dll نئين ڪا ونڊوز سيون جي سي ڊي وٺي ڪري اها ڪر.ٻيو ڪو حل ناهي. ان جو.

ادَل ! ونڊوز سيون جي لا عمران کي بار بار چيو اٿم.
ڳالهه هي آهي ته اڄڪلهه جيڪي به سافٽويئر اچن پيا اهي جديد ورزن آهن جيڪي ونڊوز ايڪس پي تي نٿا هلن.
ان ڪري ادا عمران توهان کي به نئين دور سان گڏ هلڻ لا ونڊوز سيون اڳيان هار مڃڻي پوندي ! :)
 
جي ها سائين مون مسڪين وٽ P4 آهي ، ان ۾ ونڊو سيون نٿي ٿئي، فٽيون لهن پو ڪور 2 وٺبو ، باقي يار ٻڌايو ته سهي اها ڪيمسٽيا آهي ڪهڙي بلا؟

اهو به هڪ سافٽويئر آهي وڊيو ايڊيٽنگ جي لا هي سافٽويئر به تمام بهترين آهي. يوليڊ ۽ ايوڊ لقئڊ کان افيڪٽس گهٽ اٿس پر پو به ڪم جو آهي .
يوليڊ ۽ ايوڊ لقئڊ پروفيشنل سافٽويئرز آهن. ڪيمتاسيا جي صرف وڊيو رزلٽ بهترين آهي. باقي ڪُل خئير آهي.

جيڪڏهن توهان کي وڊيو ايڊيٽنگ جو ڪم ڪرڻو آهي ته ان لا توهان Avid يا وري Ulead Video Studio X6 انسٽال ڪيو. يوليڊ توهان وٽ P4 ۾ آساني سان هلي ويندو.. ۽ افيڪٽس به تمام گهڻا آهن. ايڊيٽنگ جو مزو ئي پنهنجو آهي يوليڊ ۾..
يوليڊ مون به سال اڳ آزمايو هو. مونکي ته ڏاڍو وڻيو .
 
Back
Top