ڪجهه دوستن فيس بڪ تي اُهي پوسٽون رکي اها ڳالهه مڃائڻ ڪي ڪوشش ڪئي آهي ته اسرائيل مظلوم آهي ۽ فلسطين کي دهشتگرد بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، اهي شايد اسرائيل جي ڏاڍاين جا واقف ناهن ته انهن ڪئين فلسطينين جي محبوب ليڊر ياسر عرفات کي شهيد ڪيو، ياسر عرفات جي شهادت به شهيد بشير خان قريشي وانگر ئي ٿي ياسر عرفات کي به ڳجهي نموني اسرائيلي ايجنٽن زهريلي ڪميڪل شين سان شهيد ڪيو.. ٻي ڳالهه ته اهڙي بربريت تي عرب دنيا خاموش ڇو آهي، عربن جي دفاغ لاءِ ٺاهيل عرب ليگ چُپ جو روزو ڇو رکيو آهي؟ اسلام اسلام ڪندڙ ڪٿي گم ٿي ويا آهن ؟ ٻيو ته ٺهيو طالبان جيڪي جهاد جهاد پيا ڪن اسلام جي نالي تي اهي ڪاڏي گم ٿي ويا؟ اهي پنهنجي فلسطينين ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏکي گهڙي ۾ اڪيلو ڇو ڇڏي ويا؟ اهي طالبان اسرائل سان جهاد ڇو نٿا ڪن. عرب ليگ ، اسلام اسلام ڪندڙ ۽ جهاد جهاد ڪندڙ اهي سڀ پنهنجي آقا آمريڪا جي پوٽِي اسرائيل سان ڪيئين وڙهندا جنهن جي پاروٿن ٽڪرن تي هي پلجن پيا. وري ٻيا ننڍا مُلا شايد اهي افطارين ۽ سحري ڪرڻ ۾ مصروف آهن... ويچارن مُلن جو به ڏوهه ڪانهي صرف رمضان جو ڀلارو مهينو ته مليو حرام جو مال کائڻ لاءِ ، 24 ڪلاڪ مسجدون وسايو ويٺا آهن. لعنت آهي اهڙن مُلن تي ، عرب لييگ ۽ اسلام جا ڪوڙا نعرا هڻندڙن تي جيڪي دنيا جي مسلمانن کي آڱرين تي نچايو ويٺا آهن ، جيڪي فلسطينن جي اهڙِي بربريت ڏسي به پنهنجي عياشين ۾ گم آهن. مسجد ۾ ايندڙ خدا جي نالي تي آيل مال کائڻ م مصروف آهن. جڏهن اُهو مال ختم ٿيندو ته هي وري پنهنجي مفاد لاء ٻي گيم شروع ڪندا... هنن جو حرام جي مال سان پيار آهي. اسلام سان به ان حد تائين پيار آهي ، هي اڄ جا ماڊرن مُلا ۽ هي عرب سڳورا يزيد جي باقيات آهن. رسول بخش جوڻيجو