اسلام عليڪم دوستو مون وٽ هڪ (1) ايم بي جو اڪائونٽ آ ، جنهن مان مون پنهنجي هڪ دوست کي ڪنيڪشن ڏنو آ ، پر هو سارو ڏينهن ويٺو ٽورينٽ تي ڊائونلوڊنگ ڪري ، جنهن سبب مون وٽ نيٽ نه هلڻ جي برابر ٿي هلي ... منهنجو اهو سوال آهي ته ڇا ڪو اهڙو ڪو طريقو آهي جنهن سان آئون پنهنجي دوست کي اسپيڊ لمٽ ۾ ڏئي سگهان
رياض ملڪاڻي اهو جواب بهتر نموني ڏيئي سگهي ٿو. رياض بهتر آهي ته تصويرن سان ٻئي طريقا سمجهائي ڇيو ته جيئن سڀني جو ڀلو ٿي وڃي
دوست پي ٽي سي ايل موڊيم ۾ بينڊ وڊٿ ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪوبه آپشن نه هوندو آهي. ان لا ٻه طريقا آهن هڪ ته توهان نيٽ جو ڪنيڪشن ڊائريڪريڪٽ لڳايو پي سي ۽ توهان جي پي سي ڊبل لين ڪارڊ هجي جڏهن ٻي ساٿي کي پي سي مان ڪنيڪشن ڏيو ان تي توهان بينڊوڊٽ ڪنٽرولر سافٽ لڳائي ريسٽرڪٽ ڪري سگهوٿا. پر ان لا لازمي هوندو ته توهان جو سسٽم هر وقت آن هجي. ٻيو طريقو هي آهي ته توهان ان لا هڪ سادو موڊيم وٺو يا سئچ وٺو جيڪو 1500 کان 1800 جي وچ ۾ ملي ويندو توهان پنهنجي پي ٽي سي ايل جو نيٽ ان سادي موڊيم کي ڏيو ۽ ان مان دوستن کي ڪنيڪشن ڏيو ان تي توهان اسپيڊ لمٽ ڏيئي سگهو ٿا. ٻئي طريقي ۾ توهان کي مسلسل پي سي آن ڪون رکڻو پوندو رڳو موڊيم ئي آن رهن ته نيٽ هلندو رهندو.