مهتاب محبوب

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
مهتاب محبوب سنڌي ڪهاڻي جو تمام مشهور نالو آهي. هو چوڏهن جولا 1949ع ۾ ڪراچي ۾ ڄائي. جيتوڻيڪ سندس سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪاره طور آهي پر هو ناول نگار پڻ آهي. ماهتاب محبوب جي ادبي کاتي ۾ ٻه ناول ”پيار پناهون ڇانورو ۽ خواب خوشبو ڇوڪري“ آهن. سندس ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو ” چاندي جون تارون پرهه کان پهرين“ آهي. سندس ڪم سنڌي کانسوا ٻين به ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس ڪهاڻين جا موضوع عورت، سماجي مسئلا ۽ سماج ۾ ٿيندڙ وارتائون آهن. جن کي هو پنهنجي قلم وسيلي ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي.
10463074_864433810252463_2630174653809010258_n.jpg
 
Back
Top