ڪمپيوٽربابت۔سوال۔جواب

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ Malik Aijaz Ali Sindhi طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2010۔

  1. Malik Aijaz Ali Sindhi

    Malik Aijaz Ali Sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 اپريل 2010
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Teacher
    ماڳ:
    Ghous Pur Sharif
    سنڌ سلامت ۾ اوهان دوستن کي السلام عليڪم
    ڀلي ڪري آيا


    سوال:1 ان پٽ
    جواب: هي ڪمپيوٽر جو اهم حصو آهي جنهن جي ذريعي اسين ڪمپيوٽر کي ڪا به معلومات ڏئي سگھون ٿا.
    ڪمپيوٽر جا ان پٽ اوزار: ڪي بورڊ – ماؤس – اسڪينر لائيٽ پين ويب ڪيم وغيره

    سوال:2 پراسيسنگ
    جواب: هي ڪمپيوٽر جو دماغي حصو آهي جيڪو ان پٽ کان معلومات حاصل ڪري يا حل ڪري آؤٽ پٽ ڏانهن موڪلڻ جو ڪم ڪندو آهي.
    پراسيسنگ اوزار: 1. ڪنٽرول ڪندڙ ايڪو
    2. انگي حساب ڪند‌ڙ ايڪو
    3. ميموري ايڪو

    سوال:3 آؤٽ پٽ
    جواب: هي ڪپيوٽر جو اهم حصو آهي جنهن جي ذريعي حل ٿيل معلومات کي اسڪرين تي ظاهر ڪري ٿو.
    آؤٽ پٽ اوزار: مانيٽر – پرنٽر – اسپيڪر وغيره

    سوال: 4 ڪمپيوٽر جو ڳانڍاپو
    جواب: ڪمپيوٽر ۾ ٻن قسمن جو ڳانڍاپو آهي۔
    1۔ ہارڊ ويئر 2. سافٽ ويئر

    سوال: 5 هارڊ ويئر ڇا آهي؟
    جواب: هارڊ ويئر ان کي چئبوآهي جنهن کي اسين ڏسي ۽ هٿ لائي سگهون تنهن کي هارڊ ويئر چئبو آهي.
    مثال طور: ڪي بورڊ – ماؤس – مانيٽر – سي پي يو – مڌربورڊ
    ريم – هارڊ ڊسڪ – پاورسپلا ءِ وغيره
    سوال: 6 سافٽ ويئر ڇا آهي؟
    جواب: سافٽ ويئر ان کي چئبو آهي جنهن کي اسين صرف ڏسي سگهون ٿا هٿ نه ٿا لائي سگهون.
    مثال طور: ونڊوز – نوٽ پيڊ – ورڊ پيڊ – پينٽ برش – مائڪرو سافٽ ورڊ – ان پيج وغيره
    سوال:7 ڪي بورڊ ڇا آهي؟
    جواب: ڪي بورڊ هڪ ان پٽ اوزار آهي جنهن جي ذريعي اسين ڪمپيوٽر کي ڪا به معلومات ڏئي سگهون ٿا.
    سوال: 8 ماؤس ڇا آهي؟
    جواب: ماؤس هڪ ان پٽ اوزار آهي. ماؤس هڪ ڪلڪ ڪرڻ وارو اوزار آهي. انهي ءَ کي ٻه يا ٽي ڪلڪ ڪرڻ وارا بٽڻ هوندا آهن.هڪ بٽڻ جي دٻائڻ کي ڪلڪ چيو وڃي ٿو.
    سوال: 9 اسڪينر ڇا آهي؟
    جواب: اسڪينر هڪ ان پٽ اوزار آهي. اهو هڪ فوٽو اسٽيٽ مشين وانگر آهي،
    اهو تصويران، لِکائي، شڪليون وغيره اسڪين ڪري ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪري سگهون ٿا.
    سوال:10 لائيٽ پين ڇا آهي؟
    جواب: لائيٽ پين هڪ ان پٽ اوزار آهي. ان اوزار ذريعي اسين ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ڊائريڪٽ لِکائي ۽ ڊرائنگ ڪرڻ کان علاوه ڪنهن به پروگرام کي کولي ۽ بند ڪري سگهون ٿا.
    سوال: 11 پراسيسنگ جي ٽنهي حصن جي وضاحت ڪريو:
    جواب: 1۔ ALU ارٿ ميٽڪ لاجڪ يونٽ هي ڪميوٽر جو دماغي حصو آهي.
    هي حصو انگي عددن کي حل ڪندو آهي.



    سوال:12 (MU) ميموري يونٽ ڇا آهي؟
    جواب: ميموري يونٽ پڻ ڪمپيوٽر جو هڪ خاص حصو آهي جنهن جي ذريعي يوزر
    پنهنجي معلومات کي محفوظ ڪري ٿو ۾ ضرورت وقت انهي ءَ کي ٻيهر استعمال ڪري سگهي ٿو.
    سوال:13 مانيٽر ڇا آهي؟
    جواب: ما نيٽر هڪ آؤٽ پٽ اوزار آهي انهي ءَ جي شڪل هڪ ٽي وي ءَ وانگر آهي
    اِهو اُهو ڪم اوهان جي آڏو پيش ڪندو آهي جيڪو ڪم اوهان ڪري رهيا آهيو.
    سوال:14 پرنٽر ڇا آهي؟
    جواب: پرنٽر پيپر ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
    مثال طور: خط ، درخواستون ، تصويران وغيره

    سوال:15 اسپيڪر ڇا آهن؟
    جواب: اسپيڪر آواز ٻڌڻ جي ڪم ايندا آهن.
    مثال طور: گانا ٻڌڻ ، وائيس چيٽ ڪرڻ ، گيم کيڏڻ مهل وغيره

    سوال:16 نوٽ پيڊ ڇا لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي؟
    جواب: (NOTEPAD) نوٽ پيڊ فون نمبر، ائڊريس، اي- ميل وغيره لکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.





    دعا جو طلبگار
    ملڪ اعجاز علي سنڌي



    sindhsalamatsaathsal
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪمپيوٽربابت۔سوال۔جواب

    لاجواب ادا ملڪ اعجاز علي سنڌي

    صاحب ڪمپيوٽر بابت اهڙي معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    ادا اهڙي معلومات جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. Malik Aijaz Ali Sindhi

    Malik Aijaz Ali Sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 اپريل 2010
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Teacher
    ماڳ:
    Ghous Pur Sharif
    ادا۔اوهان۔جي۔مهرباني۔
    اوهان۔دوستن۔جو۔اگر۔ساتهه۔رهيو۔ته۔انشاءالله۔اڳنان۔به۔اهو۔ڪم۔جاري۔رکبو



    sindhsalamatsaathsal

    مهرباني۔ادا۔اوهان۔دوستن۔جي۔مهرباني
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ڪمپيوٽربابت۔سوال۔جواب

    اهڙي معلومات ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڪمپيوٽربابت۔سوال۔جواب

    مهرباني سائين
     
  6. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪمپيوٽربابت۔سوال۔جواب

    اهڙي معلومت ڏيڻ تي دل جي گهراين سان شڪريا
     
  7. رمضان ترڪ

    رمضان ترڪ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    278
    جواب: ڪمپيوٽربابت۔سوال۔جواب

    جي نوان ڪمپويٽر سيکن ٿا انهن لاءِ بهترين معلومات آهي، اهڙي معلومات ڏيڻ تي مهرباني.
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪمپيوٽربابت۔سوال۔جواب

    ادا لاجواب شيئرنگ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو