دفاع جي نالي ۾ اسرائيلي اڳرايون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    نسيم بخاري
    اسرائيلي فورسز جيٽ جهازن ذريعي غزه سٽي تي بمباري ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سوڌو 6 ڄڻا شهيد ٿيا آهن. گذريل پنجن ڏينهن کان هلندڙ اسرائيلي فورسز جي بمباري ۾ 135 فلسطيني شهري شهيد ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي مصر ۽ ترڪي اسرائيلي حملن کي فوري طور روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ترڪ وزيراعظم طيب اردگان چيو آهي ته اسرائيلي راڪيٽ حملن کي جواز بڻائي فلسطين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.

    هوڏانهن گڏيل قومن جي انساني حقن واري اداري هاءِ ڪمشنر نيوي پيلي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ ٻارڙن جي موت واريون رپورٽون اچي رهيون آهن، جيڪا ڳالهه جنگ جي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. ٻئي پاسي اسلامي ملڪن پاران حملن جي سخت مذمت سان گڏوگڏ جنگبندي لاءِ هڪ ٽيم جوڙي وئي آهي. هوڏانهن گڏيل قومن جي اپيل کي رد ڪندي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته غزه تي پهرين کان وڌيڪ خطرناڪ حملا ڪنداسون. هن چيو آهي ته حملا روڪڻ لاءِ اسان تي ڪو به عالمي دٻاءُ ناهي. جيڪڏهن ڪا اهڙي ڪوشش ٿي ته ان جي مزاحمت ڪبي. هن اهو به چيو آهي ته آمريڪي صدر باراڪ اوباما جرمن چانسلر انجيلا مرڪل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. جيتوڻيڪ عالمي دٻاءُ غزه خلاف آپريشن کي نه ٿو روڪي سگهي. اسلامي سهڪاري تنظيم او آءِ سي غزه ۾ اسرائيل جي اڳرائي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل واري اداري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي جنهن جي ڪاميٽي جو انتظامي اجلاس گذريل ڏينهن جده ۾ ٿي گذريو آهي، جنهن ۾ فلسطيني صورتحال جو جائزو ورتو ويو. تنظيم جي اختيارين موجب گڏيل قومن واري اداري ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ لابنگ لاءِ وزارتي ٽيم جوڙي عمل ۾ آندي پئي وڃي. ان کانسواءِ جنيوا ۾ ڪائونسل جو اجلاس ڪوٺائڻ لاءِ به چيو ويو آهي ته جيئن غزه ۾ حملا روڪڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وڌائي سگهجي.

    هي سٽون لکجڻ تائين غزه ۾ اسرائيلي فورسز جي ڪاررواين ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ سوا سو کي ڪراس ڪري چڪو آهي.

    هڪڙو تاثر اهو به آهي ته الفتح ۽ حماس جي ويجهڙائي اسرائيل کي نه ٿي وڻي ۽ انهن وچ ۾ پنهنجائپ وارن احساسن کي ختم ڪرڻ ۽ سندن وچ ۾ اختلاف ۽ غلط فهميون پيدا ڪرڻ لاءِ اسرائيل بهانا ڳولهي بمباري ڪري رهيو آهي.

    ڪجهه سال اڳ جڏهن لبنان ۾ هڪ ويڙهاڪ گروپ اسرائيل جي نڪ ۾ دم ڪيو هو ۽ حزب الله کان اسرائيل ڀڄي جان ڇڏائي هئي، تڏهن به شروع ۾ حزب الله جون ڪارروايون حماس جي کاتي ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڏسڻ ۾ آئي هئي، انهن ڪاررواين کانپوءِ اسرائيل لبنان تي چڙهايون ڪيون هيون. بيروت کي تباهه و برباد ڪيو هو پر ان باوجود به اسرائيل خود پاڻ ٿڪجي ماٺ ٿي ويو هو.

    هاڻ به جيڪي حوال ٿي رهيا آهن تن ۾ چيو پيو وڃي ته حماس تي راڪيٽ حملن جو الزام آهي، ان جي کاتي ۾ ميزائيل حملا ڳڻيا وڃن ٿا پر ٿي سگهي ٿو ته جنهن معاملي کي اسرائيل حماس جي کاتي ۾ ڳڻي رهيو آهي، سا ڪارروائي ڪنهن ٻئي ڪئي هجي. پر پاڻ ڪا به ڳالهه تصديق سان چئي نه ٿا سگهون. ڇو ته اڃان ان حوالي سان ڪي ثابتيون سامهون ناهن آيون. ڏهه جولاءِ 2014ع رات جو بي بي سي تان نشر ٿيل اها خبر خيالن جا ڪيترائي گهوڙا ڊوڙائي ٿي جنهن ۾ اسرائيل پاران فلسطين ۾ ڪيل ڪارروائين ۾ 53 انسانن جي اجل جي شڪار ٿي وڃڻ جا احوال آهن.

    بي بي سي جي نيوز ڪاسٽر اهو سوال جڏهن هڪ تجزيه نگار آڏو رکي ٿي ته آخر ڇا سبب آهي جو اسرائيل جي هوائي ۽ زميني ڪارروائين تي ڪو احتجاج ئي نه ٿو ٿئي. ڪو مهاڏو ئي نه ٿو اٽڪائي، ڪٿان ڪا مذمت ئي نظر نه ٿي اچي؟ جواب مٿين خيال سان سئو سيڪڙو اتفاق ڪندي اهو ٿو اچي ته اهو تاثر سئو سيڪڙو درست آهي. هاڻوڪن واقعن ۾ 53 فلسطينين جا لاش آهن ۽ ٻئي طرف هڪ رت جو ڦڙو به ڪريل نه ٿو ڏسجي.

    نومبر 2012ع ۾ اسرائيلي آپريشن ۾ تيرنهن سئو کان وڌيڪ فلسطيني ماريا ويا. ٻئي طرف 33 اسرائيلي حياتي وڃائي ويٺا هئا.

    2008ع ۽ 2009ع وارين اسرائيلي ڪاررواين ۾ اڍائي هزارن کان وڌيڪ فلسطينين جون جانيون ويون هيون ۽ ٻئي طرف 56 اسرائيلي مارجي ويا هئا.

    بي بي سي سان ڳالهائيندي تجزيه نگار وڌيڪ چوي ٿو ته دنيا اسرائيلي ڪارروائين کي ڀل فلسطين خلاف محسوس ڪري پر هن جو تاثر اهو آهي ته هو فلسطينين نه پر حماس خلاف وڙهي رهيو آهي. اها حماس، جنهن جو منشور آهي ته اسرائيل کي فنا ڪرڻو آهي، اها حماس جنهن جي پرتشدد ڪاررواين کي دنيا جي هر فورم تي وڏي شد مد سان اسرائيل اُڀاري ۽ اُٿاري ٿو ۽ آمريڪا سميت اهم عالمي قوتون ۽ ادارا هن جي هر راءِ کي اهميت ڏين ٿا. هن سان گڏجي سندس ئي موقف جهڙي هام هڻن ٿا. هن سان ساٿ ڏين ٿا ۽ طرفداريءَ جي حوالي سان اڳ کان اڳرا ڏٺا وڃن ٿا. هاڻ به آمريڪا جي رڙ مٿان رڙ پئي پوي ته حماس دهشت ۽ تشدد جي راهه کان پاسو ڪري، نه ته ان خلاف هر اڳرائي ۾ آمريڪا اسرائيل جو ٻانهن ٻيلي هوندو.

    ڪجهه ڏينهن اڳ ٽن اسرائيلين جي اغوا ۽ بعد ۾ قتل جون خبرون آيون هيون. اسرائيل ان واردات جو حماس مٿان الزام مڙهيو هو ۽ بعد ۾ اسرائيلين هٿان هڪ فلسطيني ٻارڙي کي باهه ۾ ساڙي مارڻ جون خبرون آيون هيون ۽ ان کانپوءِ اسرائيل پاران فلسطين ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جون مسلسل خبرون ئي خبرون آهن.

    اسرائيل جي هوڏ ۽ هٺ نه رڳو برقرار آهي پر ان ۾ وقت سان گڏ تيزي ئي ايندي ٿي وڃي. عالمي ضمير ۽ عالمي دنيا چپ لڳي پئي آهي. اسرائيل ۾ جيڪڏهن ڪنهن اسرائيلي کي ڦوڙ به لڳي ٿو ته ان جو ڦوٽو ٿو ڇپجي پر فلسطين ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي نتيجي ۾ جبر ۽ ڏاڍائي جا جيڪي نت نوان رڪارڊ رقم ٿي رهيا آهن، اهي ڪنهن نانءُ، ليکي ۽ ڳاڻيٽي ۾ ئي نه ٿا. عالمي ميڊيا تمام گهڻي لحاظ ۽ جانبداري کان ڪم وٺي رهي آهي. اها ظالم ۽ مظلوم جي وچ وارو فرق وساري ويٺي آهي، اها ٻنهي ڌرين جو برابريءَ جي بنياد تي ڪيس وڙهڻ کان به قاصر آهي.

    مسلم دنيا جا حڪمران مذمتن ۽ افسوسن کان اڳتي نه وڌيا آهن ۽ نه وري اهڙو ڪو چٽو اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو انهن مان ڪنهن ٻوٽي ٻارڻ جي اُميد رکجي.اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ آمريڪا جيڪو ٺاهه ڪرايو هو ان ٺاهه کانپوءِ به اسرائيل جون ڀڃڪڙيون رڪارڊ جو حصو رهيون آهن. اسرائيل جي ڀڃڪڙي به ڀُل تصور ٿيندي آئي آهي ۽ فلسطينين جي ڀُل به سازش طور ڏٺي وئي آهي.آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جا اهي سوچ جا ٻٽا معيار جيستائين نه ٿا مٽجن، تيستائين ڪنهن مثبت ۽ خوشگوار تبديليءَ جي توقع اجائي آهي. اسرائيل اڪيلي سر ڪجهه به نه آهي، هو جيڪو ڪجهه آهي ۽ جهڙي ريت ٻانهون کنجي اڳرايون ڪري رهيو آهي، اها ان جي ڪارروائي آمريڪا جي بڇ ۽ ٽيڪ تي ئي آڏو اچي رهي آهي. آمريڪا اسرائيل سان جيئن ٻٽ بڻيل آهي، ائين هو ڪڏهن به ڪنهن جو پڳ مٽ يار نه رهيو آهي. ٻارنهن جون تي اولهه ڪناري قتل ٿيل ٽن اسرائيلين جي لاشن ملڻ کانپوءِ اسرائيل فلسطين ۾ جيڪو ٻڙڌڪ مچايو آهي، تنهن عالمي طور تي وڏي ٻائيتال جون چغليون هنيون آهن.

    غزه جي پٽي جنگ جي ميدان جو ڏيک ڏئي رهي آهي. هيل تائين اُتي ڇهه سئو ٽن بارود وسجي چڪو آهي.هڪ ئي خاندان جي اٺن ڀاتين جي مرڻ جي خبر به رپورٽ ٿي آهي جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به هئا. منهنجي ذاتي نقطئه نگاهه اها آهي ته حماس اهڙي بيوقوفي نه ٿي ڪري سگهي، جو ٽي ماڻهو ماري ۽ ٽن سئو فلسطينين جي قربانيءَ لاءِ آماده ٿي هجي.

    هي آرٽيڪل جڏهن ڇپجي چڪو هوندو تڏهن اسرائيلي فورسز هٿان مارجي ويل فلسطنين جو انگ اڃا ئي وڌي چڪو هوندو. حماس کي اها به خبر آهي ته اسرائيل فلسطين ۾ ڪاررواين لاءِ بهانا پيو ڳوليندو آهي سو اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اهڙو جواز خود پاڻ حماس اسرائيل کي پيدا ڪري ڏنو هجي؟هن وقت غزه واري علائقي ۾ هزارين فلسطيني پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. اهي پنهنجي ئي گهرن ۾ قيد آهن، وٽن کاڌ خوراڪ ختم ٿي وئي آهي. تازين ڪاررواين ۾ هڪ هوٽل ۾ 18 مهينن جي ٻارڙي کان 80 ورهين جي ڄمار واري پوڙهي جي به زندگي اجل جو شڪار بڻي آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته غزه ۾ ڪيئن نه هر ڄمار وارو ماڻهو موت جي منهن ۾ آهي، اتي ٻار، ٻڍو، عورت، نوجوان ڪو به محفوظ ناهي ۽ هر ڪو موت جو گرهه ٿي رهيو آهي. هاڻ ته اسرائيل زميني جنگ جون به تياريون ڪري ورتيون آهن. اسرائيل جا چاليهه هزار فوجي الرٽ ڪيا ويا آهن. هوائي حملن کانپوءِ جڏهن زميني جنگ به شروع ٿي وئي ته پوءِ ڇا بچندو.

    اسرائيل دفاع جي نالي جيڪا داداگيري ڪري رهيو آهي، ان تي جيڪو احتجاج ٿيڻ کپي سو نه ٿيو آهي. سوشل ميڊيا تي وري به ڪجهه نه ڪجهه مزاحمت ڏسڻ ۾ اچي پئي، باقي عالمي ميڊيا خانه پوري جي حد تائين رپورٽنگ ڪري رهي آهي.

    اسرائيل جي فلسطينين تي ظلم جي تاريخ کي مذهبي تناظر ۾ ڏسڻ کانسواءِ جيڪڏهن نج انساني بنيادن تي ڏسجي، تڏهن اهو پڌري پٽ آهي ته ڪنهن جو پيٽ ڀريل آهي ۽ ڪير ظلم جي جڪڙ ۽ پڪڙ هيٺ آيل آهي.فلسطينين سان مسلمان هئڻ ناتي نه سهي پر گهٽ ۾ گهٽ انسان هئڻ ناتي همدردي ضرور ٿيڻ کپي، جيڪو ڏاڍ ڪري ٿو، جيڪو ڏمر جي علامت بڻيل آهي ۽ جنهن ڏهڪاءُ پکيڙيو آهي، تنهن کي ڏنڊو ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي، پر هتي صورتحال اها آهي ته جنهن ڏنگي جي ڏر ۾ ماڻهو خوف ۾ ورتل هجن، تنهن کي تاءَ ڏيندو ڪير؟

    منهنجو خيال آهي ته هر سوچيندڙ ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پنهنجي وت، وس ۽ وسيلن آهر جيڪڏهن ضمير جي آواز کي اهميت ڏيندي ڪا چرپر ڪري ٿو، ڪو تحرڪ وٺي ٿو، ڪا دانهن ڪوڪ ڪري ٿو، ته اها به وڏي ڳالهه آهي، پر اهڙي ڪا رڙ ٻڌڻ ۾ به ته اچي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو