منصور سرور
سينيئر رڪن
طالب کوکر
لفظ معيار جي معنيٰ آهي قاعدو، نصاب، ڪورس، اندازو، پيمانو وغيره. ڪنهن ڪم جي ڪرڻ ۽ ڪيل ڪم جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ انهي جو معيار مقرر ڪيو ويندو آهي. پر اسان جي سماعتن تائين ڪڏهن به لفظ ”معيار“ نه پهتو آهي. اسين سدائين انهي جي اڳيان لفظ ”غير“ لڳل ڏٺو ۽ ٻڌو آهي. اسين سدائين ٻڌندا آيا آهيون ته معاشرو غير معياري آهي، ماڻهو غير معياري آهن، حڪومت غير معياري آهي، اسڪول غير معياري آهن، تعليم غير معياري آهي، استاد غير معياري آهن، سرڪار غير معياري آهي ۽ آفيسر غير معياري آهن، وغيره وغيره. ائين غير معياري هجڻ جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، جيڪا پڻ غير معياري آهي. اهي سڀئي شيون غير معياري ڪيئن ٿيون؟ ۽ ڪنهن ڪيون؟ جڏهن اسان ڪنهن شيءِ جو معيار مقرر ئي ڪو نه ڪيو هو، جيڪڏهن ڪيو به هيو ته صرف ڪاغذي ڪارروائي جي حد تائين!ضرورت پوڻ تي پاڻ ئي انهي کي باءِ پاس ڪري ڇڏيوسين. اسين پاڻ غير معياري هجون ۽ وري اسان جو ڪم معياري هجي اهو به ته غير معياري آهي.
هاڻي جي معيار مقرر ڪريون ته ڪٿان ڪريون؟ نه ته اسان جي مٿي وڃڻ جي ڪا حد آهي نه وري هيٺ ڪِرڻ جي. اسان وڏي کان وڏي نقصان کي کِلي برداشت ڪرڻ وارا ۽ ننڍي کان ننڍي نقصان تي مٿو پِٽڻ وارا ماڻهو آهيون. اسين ڪم جي ابتدا وڏي جوش ۽ خروش سان ڪندا آهيون ۽ انهي جي نتيجن کان بي خبر رهڻ اسان جي طبيعت جو حصو آهي. اسان وٽ زندگي سان تعلق رکندڙ ڪنهن به شعبي جو معيار مقرر نه ٿيل آهي. انهي ڪري هر هنڌ ميلو لڳل آهي نه ڪنهن جي اچڻ جو انتظار ۽ نه وري ڪنهن جي وڃڻ جي پرواهه. ڪنهن جي هجڻ ۽ نه هجڻ جو احساس ئي ناهي. اسان جو صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پر اسان جا سڀئي پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار، ننڍڙن جي هٿن ۾ پالش جا ٿيلها ۽ ننڍڙين جي هٿن ۾ هڪ تختي جنهن تي انهن جي يتيم هجڻ جي دل ڏاريندڙ داستان رقم ٿيل آهي. هڪ پاسي تعليم جي تباهي جو ڊرامو ته ٻي پاس ماسٽرز ۽ ايم-فل پاس نوجوانن جي ڊگهي قطار! هٿن ۾ اعليٰ تعليم جون ڊگريون ۽ پنهنجون ۽ پرايون مذهبي عبادت گاهون ساڙڻ ۽ ساڙائڻ ۾ اڳڀرا، واهه جو اسان جو معيار آ !!! اسين ايترا غير معياري آهيون جو ناڻي جي ورڇ کي به آفاقي حڪم سمجهي چُپ ڪري ويهي رهيا آهيون! جنهن ۾ امير ويتر امير ٿيندو ۽ غريب، ماني جي گرهه لاءِ به سڪندو. اسان انهي ڪم ۾ به سهپ ۽ رواداري کان ڪم وٺي رهيا آهيون، جڏهن ته انهي ڪم ۾ سهپ ۽ رواداري جو پري پري تائين ڪوئي تعلق به نه آهي.
اسين روز ڪنهن نه ڪنهن مسئلي تي ڪٿي نه ڪٿي احتجاج يا هڙتال ڪيون ويٺا آهيون. 500 ماڻهو روڊ بند ڪيون ويٺا آهن ته وري 500 ماڻهو شهر ۾ خريداري ڪرڻ ۾ مصروف آهن! نه احتجاج وارن جي خبر شهر وارن کي ۽ نه شهر وارن جي خبر احتجاج ڪرڻ وارن کي. هر ڪو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري هليو ويندو، نتيجو ڪجهه به نه! اهو سڀ ڪجهه اسان جي غير معياري هجڻ جي ڪري ائين آهي. اسين پنهنجا ٻار وڪڻڻ کان وٺي پاڻ ساڙڻ تائين احتجاج جا سڀئي ڊراما ڪري چُڪا آهيون پر هن مهل تائين ڪامياب ڪو نه ٿيا آهيون. جي صرف هڪ تنبو هڻي احتجاج تي ويهڻ سان ڪو ٻڌي ها ته ميرپور ماٿيلو ۾ ويٺل ايف ايف سي مان نڪتل مزدورن کي اڄ 500 ڏينهن گذري ويا آهن پر ڪوئي پڇڻ لاءِ به ڪين آيو آهي ته توهان ڪير ٿيندا آهيو ۽ رات ڏينهن انهي لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ انهي غير معياري تنبو جي هيٺيان ڇو ويٺا آهيو؟
احتجاج جو ڪو نئون طريقو هئڻ گهرجي. جنهن ۾ شهر ۽ ڳوٺ جا سڀئي ماڻهو مرد، عورتون، ننڍا ۽ وڏا سڀ پاڻ مرادو شامل ٿين. گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ضرور ڪري سگهجي ٿو ته ڪو شور شرابي وارو اهڙو وڏو آوزار يا سائرن ايجاد ڪجي، جيڪو احتجاجن وڄائي ڇڏجي جنهن، سان شهر يا ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهو کي ننڊ نه اچي ۽ پاڻ مرادو اچي پڇن ته ادا مسئلو ڇا آهي؟ هر داداگير، پنهنجي دادا هجڻ جو معيار مقرر ڪيو ويٺو آهي پر اسان پنهنجي جائز ڪم جا معيار به مقرر نه ڪري سگهيا آهيون.
هي جا دنيا ايڏي وڏي ترقي ڪئي آهي، سا ائين ڪو نه ٿي آهي. انهي ۾ انهن ماڻهن جو وڏو هٿ آهي، جيڪي سنجيده ۽ معياري آهن ۽ پنهنجي سنجيدگي ۽ سليقي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. اهي تعليمي، معاشي، معاشرتي ۽ مذهبي معاملن ۾ اسان کان اڳڀرا آهن ۽ اسان وٽ هڪڙي لڪير نڪتل آهي، جيڪو انهي کي پار ڪندو اهو جاهل، ڪافر، وغيره وغيره ٿيندو. ڄڻ اسين بس ڀولڙا ۽ ٽاڪرُو طوطا آهيون. جيڪي ٻڌايل لڪير تي هلڻ جا پابند آهيون. اسان وٽ پنهجو علم، عقل، شعور ۽ معيار ڪو نه آهي، انهي لاءِ اسين غير معياري آهيون.
اسين غير معياري هجڻ جي ڪُن ۾ ڪِريل آهيون. انهي ڪُن مان نڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجا معيار مقرر ڪرڻا پوندا، پنهنجي پاڻ کي سڌراڻو پوندو. جيڪڏهن اسين سڀئي انهي ڳالهه تي متفق ٿيون ته اسان کي هڪ صاف سٿرو ۽ سفيد بادلن وانگر اڇو اُجرو معاشرو گهرجي ته اسان کي پنهنجا معيار مقرر ڪرڻا پوندا. گهر جي دروازي کان ٻاهر نڪرڻ وقت اهو ذهن ۾ ضرور رکڻو پوندو ته اسين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ ۽ مقصد ڪهڙو آهي؟ ۽ انهي مقصد جو فائدو اجتماعي آهي يا انفرادي؟
اچو ته پنهنجي پنهنجي معيار جي پيماني کي چڪاسيون ۽ انهي جي غير معياري هجڻ جا اسباب به ڳوليون ۽ انهي ماڻهو تي نظر رکون، جيڪو اسان جي زندگي جا غير معياري پيمانه مقرر ڪري ٿو ۽ اهو پاڻ ايترو غير معياري ڇو آهي؟ انهي مدي خارج غير معياري ماڻهو کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪريون، جنهن اسان جون ڪيئي نسلون تباهه ڪري ڇڏيون آهن. اچو ته پنهنجي زندگي گذارڻ جا مثبت ۽ ديرپا معيار مقرر ڪريون. هن مزاحيه ۽ ميلي واري زندگي کان آجا ٿيون. هڪ سنجيده معاشرو ٺاهيون، جنهن جا سڀئي فرد بامقصد ۽ پنهنجي پنهنجي طئي ڪيل منزل ڏانهن ويندڙ هجن. ائين ڪرڻ سان اسان جا سڀئي ڪم معياري ٿي پوندا ۽ اسان پاڻ به معياري ٿي پونداسون.