منهنجي زندگيءَ جي وڏن سانحن مان منهنجي جوان پٽ جي خودڪشيءَ جو به هڪ واقعو آهي، جنهن جي ان عمل ۾ منهنجي حوالي سان اعتراف جرم ان حد تائين آهي ته منهنجي هوندي اهو واقعو نه ٿيڻ گهرجي ها، مون کي پٽ جي پيڙا ۽ تڪليف کي سمجهڻ گهربو هو ۽ ان کي خودڪشيءَ کان بچائڻ گهربو هو، پر مان وڪالت جي مصروفيت، ادبي سرگرمين ۽ دوستن سان گهڻو گڏ رهڻ ڪري پنهنجي پٽ کان پري رهيم ۽ ان کي گهربل وقت نه ڏئي سگهيس. مونکي اڃا تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته هن خودڪشي ڇو ڪئي ۽ سندس ڪهڙو مسئلو هو، جيستائين مون کي ياد آهي ته مون ان کي شهر ۾ هڪ ميڊيڪل اسٽور کولي ڏنو هو، جنهن جو مان ڪڏهن کائنس حساب ڪتاب به نه ڪيو هو، ان کي شايد اسٽور مان ڪو نقصان ٿيو هو پر مان کيس آٿت ڏني هُئي ته ڪا ڳالهه ئي ناهي، توکي مان ڪا ٻي نوڪري وٺي ڏيندس، اهو مسئلو هو يا ڪو ٻيو بهر حال جيڪڏهن مان سندس ويجهو هجان ها، کيس وقت ڏيان ها ته شايد اهو سانحو نه ٿي سگهي ها.