خدا پاڪ جي خلقيل هي ڪائنات ڪيتري وسيع آهي ۔۔۔۔ ان جو اندازو لڳائڻ تمام ڏکيو آهي۔۔۔ ان باوجود انسان جنهن حد تائين پهچي سگهيو آهي اها معلومات انتهائي حيران ڪن آهي ۔۔۔ پنهنجي ڌرتي تي رهندي اسان کي لڳندو آهي ته اسان جي هي زمين تمام وڏي آهي پر ٿورو هيٺين تصوير تي نظر گهمايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان حيران ٿي ويندو ته اسان سمنڊ ۾ ڪنهن ڪک برابر آهيون۔۔۔۔۔ تصوير ۾ آهستي آهستي تبديلي ٿيندي ان ڪري تصوير کي غور سان ڏسندا رهو ۔۔۔
جواب: ڪير ٿو چوي ته اسان جي ڌرتي وڏي آهي۔۔۔؟ جيڏو تهنهنجو نانء ٻاجهه به اوڏيائي منگان ري ٿنڀين ري ٿوڻئين تون ڇپر تون ڇانء آء ڪڄاڙو ڪانء توکي معلوم سڀ ڪي۔ ادا بيشڪ رب جي ڪائنات ايڏي ته وڏي آهي، جو اسان جي سوچ به نه آهي، اسان ائين آهيو ڄڻ منڊي ماڪوڙي ۽ اها ماڪوڙي به هجي وري کوه جي تري ۾ ۽ وري اهيا دعوا ڪري ته مان آسمان ڪڇينديس، سو ادا ائين ته ٿئي ڪو نه ٿو سگهي۔ ادا ڪيترو به علم حاصل ڪجي مگر رب جي ڪائنات جو علم کٽڻ جوئي نه آهي، بقول شاه صاحب ڪنز قدوري قافيه پڙهي پروڙيم سڀ ڪر منڊي ماڪوڙي کوه ۾ پئي ڪڇي اڀ
جواب: ڪير ٿو چوي ته اسان جي ڌرتي وڏي آهي۔۔۔؟ بيشڪ ادا سائين! انسان هن ڌرتيءَ تي جڏهن به ڪنڌ مٿي ڪري هلندو آهي ته رب العالمين کيس تنبيهه ڪندي چوندو آهي ته ايتري آڪڙ نه ڪر ڀلا ان آڪڙجي هلڻ سان جبلن کي مطيع ڪري وٺندي ۔۔۔ انسان جي دنيا ته ڪائناتي سرشتي آڏو هڪ سرنهن جي داڻي کان به ننڍي آهي ۔۔۔ اسانجو ايمان آهي ته رب العالمين هر شئي جو ذڪر قرآن شريف ۾ ڪيو آهي، جيئن دنيا جي وڏي ۾ وڏي تاري الطارق جو ذڪر ڪيل آهي ۔۔۔ بسم الله الرحمان الرحيم ”آسمان جو قسم، ۽ رات جي اچڻ واري (الطارق) جو، ۽ توکي خبر آهي ته اهو رات جو اچڻ وارو ڇا آهي، تمام وڏوچمڪندڙ تارو ۔۔۔ ڪوبه ساه وارو نه آهي جنهن تي نگهبان نه هجي، پوءِ انسان کي گهرجي ته غور ڪري ته کيس ڪهڙي شئي مان ٺاهيو ويو ۔۔۔ “