پپو پهريون دفعو روزو رکيو، پوري ڳوٺ ۾ ڳالھ هلي وئي، پپو روزو رکيو آهي. منجهند جو پپو بيهوش ٿي ويو، سڄي ڳوٺ جون مايون پپو جي گهر گڏ ٿيون، پپو کي منهن تي پاڻي جا هنيائون ته پپو اک پٽي وري بند ڪري. شام جو اذان ٿي پپو کي ساھ پيو. رات جو ڳوٺ جي وڏيري جي اوطاق تي وڏيري چيو، پپو تو روزو رکيو مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، اڄ تون جيڪا شيء گهر توکي ڏيان. پپو روئي ڏنو ۽ سڏڪا ڀريندي چيو، بس بوهتار..... سڀاڻي عيد ڪرايو......