”زنده لاشون“ ڪو مسيحا هن تي به توجه ڏئي.

'مختلف موضوع' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2014۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ”زنده لاشون“
    ”ڪو مسيحا هن تي به توجه ڏئي.“

    لفظن کي لکڻ ته آسان آهي ،مگر احساس قلم بند ڪرڻ تمام مشڪل آهين.هڪ الجهن ذهن ۾ پيدا ٿئي ٿي ته ڇا مرڻ کان پهريائين به روحاني طور ڪير مري سگهي ٿو،يا مرڻ کانپوء به ڪير وري مري سگهي ٿو.هڪ سوچ دماغ ۾ آئي ته زيادتي جو شڪار ٿيڻ کانپوء آسيه کي انصاف نه ملڻ جي يقين تي هن پا ڻ کي باه ڏئي خودڪشي ڪئي پر اڃا اهو طئي نه ٿيو آهي ته هو مرڻ کان پهريائين روحاني طور مري ويئي هئي. بس اها الجهن ذهن ۾ آهي ته خودڪشي ته زنده انسان ڪندو آهي ، ڇا روحاني مرده ماڻهون به خودڪشي ڪري سگهي ٿو،کڻي ايئن چئون ته ڇا ڪير زنده لاش به خودڪشي ڪري سگهي ٿو.توهان جو جواب يقينن نه ۾ هوندو ، پر حقيقت ۾ ايئن ٿئي رهيو آهي، هي ڪا خوف ناڪ آکاڻي نه پر حقيقت آهي.هن معاشري ۾ بي شمار انسان جنهن ۾ عورتن جو تعداد وڌيڪ آهي روحاني موت جي ڪافي عرصي بعد فوت ٿيڻ تي دفنايو ويندا آهن.

    هي ته حقيقت آهي ته انسان ساه کڻندو آهي، کائيندو پيندو آهي ،هلندو آهي ۽ پنهنجي زندگي جي معمولات سر انجام ڏيندو آهي پر انهن ۾ ڪجه اهڙا به انسان آهن جيڪي اهئي سڀ ڪجه ته ڪندا آهن پر حقيقت ۾ هو روحاني طور مرده ٿئي چڪا هوندا آهن.اچو ته اوهان کي انهن مان ڪجه سان ملايون.


    هي آسيه آهي،جيڪا وڏيري جي پٽ جي هٿان زيادتي جو شڪر ٿيڻ تي روحاني طور مرده ٿيئ ويئي،هن جي زنده لاش مختلف ماڻهن کان انصاف گهرندي رهي.ناڪامي واري حالت ۾ هن خودڪشي ڪئي ۽ دفنائي ويئي.

    هي جميلاء آهي، هن ٽين ڌيء کي جنم ڏنو آهي.مري ته هو ان ڏينهن ويئي هئي جڏهن هن جي مڙس چيئو هو ته جيڪڌهن هاڻي هن ڌي کي جنم ڏنو ته هو ان کي طلاق ڏئي ٻئي شادي ڪندو ،حالائنڪ هو چوٿين ڌي کي جنم ڏيندي زچگي جي پيچيدگيون ۽ ٽينشن جي ڪري فوت ٿئي ويئي هئي.

    هي سهڻي آهي. هميشه مسڪرائيندڙ، خوش اخلاق ۽ سلڇڻي نينگر انهي ڏينهن مري ويئي هئي جڏهن هن جي پنهنجي سڳي ڀاء دشمن جي پٽ سان زمين جي تڪرار تي ڪارنهن جوالزام لڳايو هو .ان کانپوء پنچائت جي طرفان ڪاري قرار ڏئي هن زنده لاش کي ڪهاڙين سان ماري ،بي نام قبر ۾ دفنايو ويو.

    هي آهي صوفيه ،خوبصورت نقوش جي باوجود شادي جي پهرين ڏينهن هن جي مڙس هن کي اهو چئي زنده لاش ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ته هن هي شادي پنهنجي والدين جي اصرار تي ڪئي آهي ۽ هو ڪنهن ٻئي کي پسند ڪندو آهي ۽ هن سان ڪنهن قسم جو تعلق نه رکندو. صوفيه جو موت 15 سالن کانپوء بلڊ پريشر جي ڪري دماغ جي شريان ڦاٽڻ سان ٿيو.ان جي وجه اهو پهرين رات وارو مڙس جو رويئو هو.

    هي پلوشه آهي، نون سالن جي عمر ۾ هٿن ۾ گڏيون کڻي، پوپٽن جي پويان ڀڄندي روحاني طور مري ويئي جڏهن هن کي وڏن جي پراڻي دشمني جي ڪري پنچائت وني ڪري ،هڪ ستر سال پوڙهي جي حوالي ڪيو ۽ 30 سالن جي عمر ۾ فوت ٿيڻ تي دفنايو ويو.

    هي بشريء آهي، چوڏهن سالن جي عمر ۾ اسڪول وڃڻ تي منع ڪري هن جي تعليم ختم ڪري .هن جي تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر ٿيڻ واري ناڪامياب خوب اکين ۾ سجائي روحاني طور مري ويئي ۽ 17 سالن جي عمر ۾ پهرين ٻار جي پيدائش تي فوت ٿيڻ تي دفنائي ويئي.

    هي زيتون آهي،ڳالهيندڙ اکين واري.ٻن ٻارن جي ماء نه لڳندي هئي ،پر جنهن ڏينهن ان جي نشي جي عادي نڪمي مڙس هن کي عصمت فروشي تي مجبور ڪيو ،هو ان ڏينهن روحاني طور مري ويئي، پوء ٻنهي ٻارن سان گڏ ڌرياه ۾ ٽپ ڏيئي خودڪشي ڪرڻ تي دفنائي ويئي.

    هي رحيمان آهي، ڏهن سالن جي عمر ۾ ان وقت مري ويئي جڏهن هن جي پيء ماء .ڪجه هزار روپين جي ڪري هن کي ڊفينس جي هڪ بنگلي ۾ ڪم ڪرڻ لاء ڇڏي آيا هئا.پر هو فوت مالڪڻ جي تشدد ؤ گيلري مان ڌڪ ڏئي ڪيرائي جي ڪري دفنائي ويئي.

    هي الله بخش آهي. هي ان وقت مري ويو جڏهن هن جي جوان اولاد .جنهن کي هن تڪليفون برداشت ڪري پڙهايو۽ ڊاڪٽر ٺاهيو،انهن جي لاپروهي جي ڪري سرڪاري هسپتال ۾ دواء ڪرائڻ تي مجبور ٿيو..پنجن سالن کانپوء ،هو فوت ٿيو ۽ دفنايو ويو.

    هي سليمان آهي. جنهن وڏي لاڏ ۽ ڪوڏ سان پنهنجي اولاد جي شاديون سٺن گهرن ۾ ڪيون.هو مري انهي ڏينهن ويو جڏهن شادي جي ڪجه وقت کانپوء هن جي پٽن پنهنجي زالن جي چوڻ تي هن کي آبائي گهر مان ڪڍي در در جي ٺوڪرن کائڻ تي مجبور ڪيو.هن کي دفنايو تڏهن ويو جڏهن هو ٽن سالن کانپوء فوت ٿيو.

    جڏهن ماڻهن جو سماجي ،قانوني .جذباتي ۽ نفسياتي سان گڏؤگڏ روحاني موت به واقع ٿئي وڃي.جڏهن زنده لاشون جو تناسب معاشري ۾ وڌيندو وڃي ته هر باشعور انسان جو ساه منجهڻ لڳندو آهي.خليل جبران جا هيٺيان چيل الفاظ ياد اچي ويندا آهن:
    هي ڪيتري ته بي انصافي آهي، جو جسم جو قاتل ته ڦاهي چڙهي ويندو آهي پرروح جو قاتل نظر نه ايندو آهي.
    ترقي يافتي ۽ پڙهيل لکيل معاشري ۾ روح جا قاتل هوندا آهن پر انهن جو تعداد گهٽ هوندو اهي به نسبت اسان جي ملڪ جي.هنن کي بنيادي حقوق مليل هوندا آهن .ان مسيحا جو انتظار آهي جيڪو تعليمي ۽ ٻين ذريعن سان اسان جي ملڪ مان به روحاني قاتلن جي تعداد کي گهٽائي ڇڏي.

    شل مٿيون ليک اوهان جي دلين ۾ جاء ٺاهي.۽ ڪو مثبت قدم ان سلسلي ۾ کنيو وڃي.






     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 جولائي 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل صحيح ٿا چئو سائين ... هتي قدم قدم تي احساسن ۽ خواهشن جو قتل ٿئي ٿو ۽ قتل اصل ۾ انسانيت جو قتل سمجهيا وڃن ٿا. ڪاش معاشرو هن انرڪي مان ٻاهر نڪري ۽ انساننن کي انسان سمجهي.

    بهترين لکڻي
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪلهه هڪ گردشي ميسيجز مان هڪ ميسيج اچي پُهتو ته اسان وٽ زندگي گُذارڻ جا ٻئي آپشن صرف غيرمعمولي حيثيت رکندڙ حالت ۾ ملي سگهن ٿا جن ۾ پنهنجي توڙي ٻي جي لاءِ جي سگهجي ٿو. نه ته بس هڪ ئي واٽ هوندي آهي عام انسانن لاءِ ته يا پنهنجي ڪاڻ جيئو يا ٻين ڪاڻ. جڏهن ڳالهه پنهنجي ذات جي هُجي ته برداشت جو حدون مايوسي جي دائرن کان گهڻيون گهڻيو ٻاهر نڪري بيهنديون آهن ۽ انسان جي ساهه هوندي توڙي نه هوندي خودڪشي جو سوال گهٽ ئي پئدا ٿئي. پر جڏهن اسان ٻين ڪاڻ جيئون ٿا ته مايوسي ۽ ڏُک جلدي ٿي پوندو آهي. تمام جلد اسان ساهه هوندي به مريو وڃون.
    مٿين سڀني ڪيسز ۾ ٻين جي ڪري سڀ ٿيو. سڀني ٻين جي خيال رکڻ جي چڪر ۾ پنهنجي حياتي داؤ تي لڳائي. بس ڇا ڪجي دُنيا جو اهو دستور آهي جيڪو هلندو رهي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو