عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
ٽي ايم اي جو نالو ATM رکڻ جي گهُر
مڪاني ادارن جي انتظام هيٺ تعلقن ۽ ٽائون ڪميٽين ۾ موجود ”تعلقا ميونسپل ائڊمنسٽريشن“ يا ”ٽائون ميونسپل ائڊمنسٽريشن“ ( ٽي ايم اي) يا TMA سڄي سنڌ ۾ موجود آهن. انهن اٽڪل 130 ٽي ايم ايز تي جيڪي آفيسر مقرر آهن انهن جي ذميداري ۾ سندن تعلقن ۽ ٽائونز ۾ موجود يونين ڪائونسلن جي سار سنڀال لهڻ آهي. صفائي، پاڻي پهچ جو انتظام، عوام جي روزمرهه جا ڪم ڪار اڪلائڻ ۽ عوام کي مڪاني سطح تي سک پهچائڻ آهي.
سنڌ سرڪار انهن سمورن مڪاني ادارن کي هر مهيني هڪ يونين ڪائونسل تي ٻه لک رپيا ادا ڪري ٿي. سمجهڻ گهرجي ته جي لاڙڪاڻي شهر ۾ 11 يونين ڪائونسلون آهن ته اتي سنڌ جو ناڻو کاتو 22 لک مهينو يونين ڪائونسلن جي ترقيءَ لاءِ ادا ڪري ٿو، جڏهن ته هر ٽائون ۽ تعلقي ۾ پگهارن ۽ ترقيءَ جي مد ۾ هر ٽي ايم اي کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ في ٽائون يا تعلقو ۽ وڌ ۾ وڌ ٽي ڪروڙ رپيا جاري ڪيا وڃن ٿا. جي هڪ ٽي ايم اي جي حوالي سان هڪ ڪروڙ في مهينو لڳائجي ته سنڌ جي لڳ ڀڳ 130 ٽي ايم ايز لاءِ هڪ ارب ٽيهه ڪروڙ رپيا مهينو ۽ سال ۾ 15 ارب رپيا جاري ٿين ٿا.
سنڌ ۾ گهٽين ۽ نالين جي صفائيءَ لاءِ ڀنگين جي ملازمت لاءِ گهڻو ڪري غيرمسلم رکڻ جو رواج هوندو هيو. پر گهوٽڪي ضلعي ۾ 1100 مسلمان ڀنگي رکيا ويا آهن. انهن جي پگهار في ملازم ڏهه هزار آهي. پر انهن ”نامعلوم“ ملازم ڀنگين کي في مهينو گهر ويٺي 3000 ملي ٿو. اهي سڀ ملازم ڊيلي ويجز تي رکيل آهن. اها حالت گهوٽڪي کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪراچيءَ ۾ ويهه هزار واڌو ملازمن تي ختم ٿئي ٿي. اڄ اها خبر ڪنهن کي به ڪانهي ته هڪ ڏينهن ڊيلي ويجز تي رکيل سياسي رشوت طور رکيل اهي سمورا ملازم روڊن تي هوندا.
اهي ٽي ايم اي آفيسر رڳو پئسا ڪڍائڻ وارين اي ٽي ايم مشينن تان اربين رپيا هر مهيني ڪڍائين ٿا. اهي اربين رپيا ڪنهن کي ماٺ ڪرڻ لاءِ، ڪنهن کي راضي رکڻ لاءِ، ڪنهن کي رام ته ڪنهن کي رشوت طور ادا ٿيندا رهن ٿا. آڊٽ وارا، ائنٽي ڪرپشن وارا، جاچ جا ٻيا ادارا، بئنڪن وارا سڀ جو سڀ جاوا ڪن ٿا.
سنڌ سرڪار کان ڇا ڇا ٿي سگهي ٿو پر هڪڙو ڪم تڪڙو ڪري سگهجي ٿو، جنهن لاءِ ڪنهن به سمري جي منظوري جي ضرورت نه پوندي. رڳو انهن ”ٽي ايم اي“ جو نالو ”اي ٽي ايم“ رکيو وڃي ته جيئن اربين رپين جي خرچ جو فائيل به ٺهي سگهي ۽ عوام دشمنن جا ڀڀ به ڀرجي سگهن