ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
مـارئي جــو ٿــر ۽ مــاروئڙا

آء ڪئين سيج ســــمهان مـــنهنجا ماروئڙا پڌري پٽ ســمهــــن
آء ڪيئن لوڻ چکان منهنجا ماروئڙا روزا روز رکن (استاد بخاري)
آء ڪيئن لوڻ چکان منهنجا ماروئڙا روزا روز رکن (استاد بخاري)
ٿرــــ هي اهو ٿر آهي جنهن جوذڪر سنڌ جي صوفي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ تمام گهڻو ڪيو آهي، ۽ شاه صاحب مارئي جي زباني ٿرين لاء ٿو چورائي
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
جن ٿي پَي پِياريو، مَــنجھان سِــڪَ سَــري؛
وَنهِيَنِ ويــــڙِيچَـــن جـــي، سِــٽائُــنِ سَـــري؛
ٿَـــرَنِ ٿـــوڪَ ڌَري، اُٺــي وِيَـڙا اُڪِــــري.
جن ٿي پَي پِياريو، مَــنجھان سِــڪَ سَــري؛
وَنهِيَنِ ويــــڙِيچَـــن جـــي، سِــٽائُــنِ سَـــري؛
ٿَـــرَنِ ٿـــوڪَ ڌَري، اُٺــي وِيَـڙا اُڪِــــري.
پر هت هن جي سڃاڻپ صرف اهيا هئي جمعو نانگائي.سو ادا اسان جي ماڻهن جا ۽اسان جي سنڌ جا اسان جي ٿر جا اهي حال آهن، هنن ويچارن کي نه ئي ڪمپيوٽر ٿو گهرجي نه ئي ٻئي ڪا وڏي ٽيڪنالاجي، پر هنن کي ته صرف زندگي گذارڻ جون بنيادي ضرورتون گهرجن، پر افسوس جو اهي به هنن کي ميسر نه آهن، جڏهن ته ٿر ۽ ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ ٻه صاحبِ اختيار ۽ اربابِ اختيار جناب ارباب غلام رحيم ۽ مظفر حسين شاه صاحب پڻ سنڌ جا وڏا وزير رهيا آهن مگر اهي به پنهنجن ٿرين لاء ڪجهه ڪري نه سگهيا، ۽ ڪا ٿرين لاء چڻگ نه ٻاريائوئون
جڏهن ته هن ئي ٿر ۾ ايترو ته ڪوئلو آهي جو هن ڪوئلي جي صحيح استعمال سان نه صرف ٿري پر پوري سنڌ خوشحال زندگي گذاري سگهي ٿي، مگر افسوس ۽ افسوس.
ٿر بابت لکيل ڪتاب ۽ معلومات
ٿر جو نالو ـــ سنڌ جي ماياناز تاريخدان جناب ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جن پنهنجي ڪتاب ( سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ لکن ٿا ته ٿر اصل ۾ سنسڪرت زبان جو لفظ سٿل مان نڪتل آهي جنهن جي مطلب آهي ، هڪ هنڌ بيٺل، يا نه وهندڙ، يعني خشڪ ( جتي درياء نه هجي ) ۽ پوء سٿل مان لفظ ڦري ٿيو ٿل ۽ پوء ٿل مان ڦري ٿيو ٿر. ـــــ
ٿر کي ريگستان پڻ چيو ويندو آهي،۽ ريگستان جي معني آهي واريء واري جڳهه ـــ ريگ معني واري + آستان معني جڳهه
ٿربابت تحقيق ۽ ڪتاب ـــــ ٿر بابت تاريخي حقيقتون تمام ٿوريون ملن ٿيون، ۽ تاريخ ريگستان تي تمام گهٽ ڪم ڪيو ويو آهي، اگر ڪجهه حقيقتون ملن به ٿيون ته اهي تمام ٿوري معلومات ڏين ٿيون.
ٿر جي اڀياس ۽ معلومات لاء سڀ کان پهرين ڪوشش 1847ع ۾ جناب ڪئپٽن اسٽئنلي نيپئر ريڪس جن ڪئي، ۽ هي شخص ان وقت ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيل هو.هن شخص سرڪاري رڪارڊ کي گڏ ڪري1856ع ۾ هڪ انگريزي ۾ ڪتاب پڻ لکيو. جيڪو 1859ع ۾ بمبئي سرڪار طرفان ڇپيو.
تنهن کانپوء ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جن به 1924ع ۾ ٿر بابت هڪ ڪتاب (سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راج )لکي ڇپرايو.
ڀيرو مل کانپوء وري 1934ع ۾ مسٽر تيج سنگ سولنڪي هڪ ڪتاب امر ڪوٽ اتهاس نالي لکي ۽ ٿر جي تاريخ ۽ رسم رواج تي روشني وڌي. تنهن کانپوء سنڌ جي مشهور تاريخدان رائچند هريچن ( تاريخ ريگستان ) نالي ٻن جلدن ۾ هڪ مڪمل ڪتاب لکيو.جنهن ۾ ٿر بابت تمام سٺي ۽ جامع معلومات ڏنل آهي، ٿر جي تاريخ کان وٺي ، ٿر جي ريتن رسمن، طورطريقن ۽ ٿر جي پکين، ماڻهن جي ذاتن، مذهبن تي پڻ تمام سٺي معلومات ڏنل آهي، جيڪي دوست تاريخ پڙهڻ جو شوق رکن ٿا انهن لاء بهترين ڪتاب آهي۔ باقي ٿر جي زندگي ڪئين ٿيندي آهي ۽ ٿر جا ماڻهون ڪيئن پيا گذارين، انهن جا ڏک درد تڪليفون ڪهڙيون آهن انهن جا ڪهڙا مسئلا آهن اهي في الحال اچو ته هيٺ ڏنل وڊيوز ۾ ٿا ڏسون. [/I][/B]
سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهون
http://www.youtube.com/watch?v=jNoVbz4Iqto&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=xpLKuM9ihJo&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=-fBgs_4pUOU&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=nUTsowULqHs&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=bijxhzcmO3o&feature=related
ٿرپارڪر لائيف اسٽائل
http://www.youtube.com/watch?v=U7r1RCh21k4
ننگرپارڪر (ٿر) هڪ رپورٽ
ٿر جو لوڪل فنڪار ۽ لوڪ ڌن
ٿر جا چوڙا هڪ رپورٽ
منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين (حليم باغي)
ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي