زرار پيرزادو هلندڙ رمضان مهيني ۾ بجاءِ ان جي ته حڪومت روزائتن جو احترام ڪندي بجلي، پاڻي، گيس، سي اين جي جي معاملن ۾ خاص رعايت لاءِ انتظامي طور هاءِ الرٽ رهي پر هتي الٽو روايتي طور کين عذاب ڏنا پيا وڃن. هن مهيني ۾ ٻيو ڀيرو ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي 72 انچ جي هڪ پائيپ لائين ڦاٽي پئي آهي جنهن جي مرمت ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار ڏينهن لڳندا ۽ انهن ڏينهن ۾ ڪراچي شهر کي ملندڙ لکين گيلن پاڻي جي فراهمي معطل رهندي. اڃا مسين مسين پهرين ڦاٽل لائين جي مرمت جو ڪم ٿي پاڻي ملڻ جو سلسلو بحال ٿيو ته وري هي واقعو ٿيو آهي. انهيءَ معاملي جا ذميوار ادارا واٽر بورڊ ۽ ڪي اليڪٽرڪ يعني ڪي اِي ايس سي وارا آهن ۽ ٻئي انهيءَ معاملي جي هڪٻئي مٿان ذميواري مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. واٽر بورڊ جي ايم ڊي جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ٻيو ڀيرو بنا اطلاع جي لوڊشيڊنگ ڪئي جنهن جي پريشر تي يعني اوچتو بريڪ ڊائون سبب پائيپ لائين ڦاٽي آهي. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ وارن جو چوڻ آهي ته واٽر بورڊ وارا پنهنجي نااهلي لڪائي رهيا آهن، پائيپ لائين جي ڦاٽڻ جو اصل سبب وڏي عرصي کان مرمت نه ٿيڻ آهي ۽ ٻيو ته واٽر بورڊ 29 ارب روپين جو قرضي آهي. انهيءَ قصي مان واضح ٿي وڃي ٿوته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي هڪ مهيني اندر ٻه ڀيرا پائيپ لائين ڦاٽن جون ذميوار ٽي ڌريون، واٽر بورڊ، ڪي اليڪٽرڪ ۽ سنڌ حڪومت آهن. جيتوڻيڪ رپورٽن موجب سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ انهيءَ واقعي جو نوٽيس وٺندي معاملي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي پر هن معاملي کي رپورٽن جي ور چاڙهڻ بدران فوري تدارڪ جي گهرج آهي. ڳالهه ظاهر ظهور آهي ته واٽر بورڊ ڪافي عرصي کان پائيپ لائين تي ڪم نه ڪيو آهي ۽ ڪي اليٽرڪ وارن کي خبر به آهي ته پائيپ لائينون ڪمزور ۽ پراڻيون آهن تڏهن به اوچتو بنا اطلاع جي لوڊشيڊنگ ڪن ٿا ۽ حڪومت واٽر بورڊ کي فنڊ نٿي ڏئي تنهنڪري اهو 29 ارب روپين جو قرضي آهي. ٿيئڻ ايئن گهرجي ته جديد دور ۽ وڌندڙ آبادي پٽاندڙ بجلي، پاڻي توڙي گيس جون نيون لائنيون، ڪيبنون ۽ پائيپون لڳائڻ ۽ ٺاهڻ گهرجن. پر الميو اهو اهي ته پراڻين ۽ ڪمزور لائينن ۽ پائپن تي ڪم هلي رهيو آهي جيڪي هاڻي وڌيڪ بار برداشت نه ٿيون ڪري سگهن. حڪومت کي اهڙن مسئلن کي اوليت ڏيڻ گهرجي ۽ اها جيئن ته انهن عوام سان سلهاڙيل مسئلن کي اوليت نٿي ڏئي تنهن ڪري اهڙا مسئلا عام جام نظر ايندا آهن. سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ کي ئي بيڊ گورننس چئبو آهي. بيڊ گورننس کي ڪي سڱ ناهن ٿيندا.
ڪراچي ۾ جتي هڪ طرف بنا منصوبه بندي جي سمنڊ جيڏي هن شهر ۾ هر قسم جي ماڻهن جو سمنڊ ۾ نيڪال جي وهڪرن جيان داخلا آهي جنهن سبب گهُرج ۽ رسائي جو ڪو حساب ڪتاب هاڻي مُمڪن ئي نه ٿو لڳي ٻي طرف وري اهڙا واقعا. ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ جي ڪري جيڪي سور هن ناچيز ڏٺا ال امان! توبهه زاري هوندي هُئي اُهي ڏينهن!
جي سائين ائين لڳي پيو ته صرف پاڻي لا جيو پيا ڪراچي ۾. سمورو ڏينهن صرف پاڻي جو ٽينشن. الله رحم ڪري، باقي حڪومت ته ڪجه به نه ڪندي، خاص ڪري پي پي جي حڪومت کان ڪا چڱائي جي اميد رکڻ بي وقوفي آهي.