جنگ گروپ جا آخري پيساھ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سرمد

    دهليءَ جي رهاڪو ۽ پاڪستان لڏي اچڻ کانپوءِ سائڪل تي چڙهي انتهائي محنت ڪندڙ صحافي ، جنگ گروپ جي باني مير خليل رحمان مرحوم ۽ ان جي ٻن پٽن مير جاويد رحمان ۽ مير شڪيل رحمان ۽ ان جي پوٽي مير ابراهيم رحمان پاران وڌايل ۽ مضبوط بنيادن تي بيٺل ”جنگ گروپ پبليڪيشنز“ جنهن کي ميڊيا جا ٻيا گروپ ”جنگ شهنشاهيت“ The Jang Empire جو لقب ڏين ٿا، اڄ اها اهم ترين ميڊيائي بادشاهت سخت ترين مالي، اخلاقي ۽ قانوني خطري ۾ آهي، بقول نجم سيٺيءَ جي ته ” اسٽيبلشمينٽ جنگ گروپ سان ٺهڻ نه ٿي چاهي“. جيڪڏهن جنگ کي ننڍو ماڊل سمجهجي ۽ (مثال سمجهائڻ لاءِ) ان کي وڏو ڪري شهنشاهه ايران سان ڀيٽ ڪجي ته جيئن شهنشاه ايران رضا پهلوي به آميريڪا جي دلالي ۾ وسان نه گهٽايو. آمريت ۽ آپيشاهي ۽ شهنشاهيت جو خطرناڪ عوام دشمن دور هلايو. تيئن ”جنگ“ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي هر قدم تي ۽ هر جاءِ تي نمائندگي ڪئي هئي. اها اتفاق جي ڳالهه آهي ته وقت اچڻ تي نه آميريڪا شاهه ايران جي ڪم آيو ۽ ايستائين جو هن کي دفن ڪرڻ لاءِ آميريڪي زمين به عطا ڪرڻ کان انڪار ڪيو هيو. اهڙي طرح ”جنگ“ گروپ کي به سموريون خدمتون راس نه آيون. جنگ گروپ ملڪ جي ميڊيا گروپن جي سڀ کان وڏي ۽ گهڻو پڙهندڙ ۽ ڏسندڙ گروپ جي حيثيت ۾ سماج ۾ جيڪي بيش بها ڪم ڪيا اهي پنهنجي جاءِ تي پر، کيس سندس محنتون ۽ خدمتون ڪم نه آيون.

    گروپ جي مالياتي سيڪشن جي ڳالهين موجب ٽن مهينن کان جنگ گروپ جا اشتهار بند آهن، وڌيڪ بند ٿي رهيا آهن. ڪارپوريشنز پاران اشتهارن جو هڪڙو معمولي انگ کيس ملي رهيو آهي. هر مهيني اربين رپين جي ڪمائي ڪندڙ چئن چينلن ۽ ڏهن اخبارن، رسالن، کي ٽن مهينن ۾ ست ارب رپيا نقصان پيو آهي. مير صاحبان هاڻي ماضي جي ڪيل بچت ۾ نقصان ڪري رهيا آهن.

    ڇا ملڪ جي اردو ميڊيا جا ڪجهه شهسوار ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ آڏو ايئن ئي پاڻ کي پيش ڪندا جيئن جنگ اخبار ڪيو هيو؟ ۽ ان تي اعتبار ڪيو ويندو؟ ان جي جواب ۾ هڪ اردو ميڊيا جي سرواڻ چيو ته ” اسان رقم وٺي خدمت ڪندا آهيون، جيئن جنگ گروپ ڪندو هيو“ اهو رشتو ”پيار ۽ نفرت“ Love & Hate واري سمونڊ ۾ جڙندڙ رشتو آهي. ان ۾ ”مستقل ڳالهه“ رڳو ”مستقل مفاد“ آهن. انهن کي نقصان نه پهچڻ گهرجي. اسان منجهان جنهن به اها غلطي دهرائي ته اسان جا حال به اهڙا هوندا. مير صاحب ته پنهنجي پهاڙ جيڏي خزاني وسيلي جيئرو آهي ، اسانجو ته نانءُ نشان به نه رهندو“

    چون ٿا ته وچ وارا وچ ۾ پئي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته پراڻن خدمتگارن جي عظيم غلطيءَ کي بخشيو وڃي. پر انهن ٻنهي وچ ۾ پوندڙ ٻن ڌرين جي وچ ۾ ڪجهه ڌريون کين چئي رهيون آهن ته 27 آڪٽوبر 2014ع تائين اهو گردشي زمانو هلندو ۽ جي جنگ گروپ نئين پگهار تي نئين خدمت جا شرط قبول ڪري ورتا ته خير ٿي ويندو. نه ته ساڻس يادگار حشر ڪيو ويندو.

    ”رقم“ وٺي ”خدمت“ سرانجام ڏيڻ واري موٽر ڪار ۽ وئيشا جهڙي ڪرت آهي اسان جي خدمتگار ميڊيا جي. وڌيڪ ڇا چئجي !
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو