منصور سرور
سينيئر رڪن
اسحاق سومرو
ميرانشاهه جي علائقي ۾ دهشتگردن خلاف پاڪ فوج جي طرفان شروع ڪيل آپريشن کي اڃان هڪ هفتوئي نه گذريو هو ته سنڌ جي وزير اعلي پريس جي اڳيان تصديق ڪئي ته ميران شاهه جي آپريشن جا هڪ لک “آءِ ڊي پيز ”ڪراچيءَ ۾ پهچي چڪا آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن کان وٺي جنهن رفتار سان ٻين صوبن خصوصن خيبر پختونخواه، پنجاب جي سرائيڪي علائقي ۽ ٻاهرين ملڪن مان ڪراچي شهر سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڌاريا داخل ٿي رهيا آهن. جنهن ڪري پوريءَ سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ تيزيءَ سان اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. 1981 جي انگن اکرن مطابق سموري سنڌ جي آدمشماري هڪ ڪروڙ 90 لک 28 هزار 666 هئي. جيڪا 1998 ۾ ڪرايل آخري آدمشماري ۾ وڌي 3 ڪروڙ 4 لک 39 هزار 890 ٿي وئي. جنهن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 59.97 سيڪڙو هو. جڏهن ته باقي، اردو، پشتو، پنجابي، بلوچي سرائيڪي ۽ ٻين ٻولين ڳالهائيندڙن جو تعداد 40.3 سيڪڙو هو.
2011ع ۾ جيڪا گهر شماري ٿي هئي ان مطابق سموري سنڌ جي آدمشماري 5 ڪروڙ 50 لک بيهي ٿي. انهن غير حتمي انگن اکرن مان ظاهر ٿيو آهي ته سنڌ شهري ۽ سنڌ جي ٻهراڙين جي آباديءَ جو تناسب لڳ ڀڳ اڌو اڌ بيهي ٿو. ڇاڪاڻ ته صرف ڪراچي شهر جي آدمشماري 2 ڪروڙ 13 لک 47 هزار 871 آهي. جيڪڏهن حيدرآباد ، ميرپور خاص ، سکر ۽ نوابشاهه جي شهري آباديءَ کي به شامل ڪيو وڃي ته سنڌ جي ٻهراڙي جي آباديءَ کي خدشو آهي ته ڪٿي شهري آبادي ٻهراڙي کان وڌي نه وڃي. هونئن ته پاڪستان جي وجود ۾اچڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي شهر ڏانهن ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ اتي مستقل طور تي رهي پوڻ جي ڪري پوريءَ سنڌ جي سنڌي ۽ غير سنڌي ڳالهائيندڙ جي تناسب کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ايستائين جو هاڻ ته ڪراچي جا اسٽيڪ هولڊر به تبديل ٿي رهيا آهن. 1981 جي آدمشماري ۾ ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد 54.34 سيڪڙو هو. جيڪو 1998 جي آدمشماري ۾ 48.52 سيڪڙو تي وڃي بيٺو. ۽ پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺا.2011ع جي گهر شماري کان پو ءِ آيل انگن اکرن جي تجزيي ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد 35 سيڪڙو بيهي ٿو . 1947ع کانپوءِ ڪراچي ۾ پناهگيرن جي اچڻ کانپوءِ ۽ سنڌي هندن جي هجرت ڪرڻ کانپوءِ سنڌي پهريون دفعو اقليت ۾ اچي ويا ۽ مهاجر اڪثريت ۾ اچي ويا جيڪي 1981ع تائين اڪثريت ۾ يعني 54.34 سيڪڙو هئا جيڪي 1998ع ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي وڃي 48.52 سيڪڙو تي پهتا ۽ هاڻي اڃا به گهٽجي وڃي 35 سيڪڙو ٿيا آهن. يعني ڪراچي جي شهر ۾ هاڻي سنڌين سان گڏ اردو ڳالهائيندڙ به پنهنجي اڪثريت وڃائي رهيا آهن.
دلچسپ ڳالهه ته 1981 جي آدمشماري تائين پوري پاڪستان ۾ پهرين نمبر تي پنجابي ڳالهائيندڙ ۽ ٻئي نمبر تي سنڌي ڳالهائيندڙ هئا. پر 1998 جي آدمشماري ۾ هاڻي پهرين نمبر تي پنجابي ڳالهائيندڙ ٻئي نمبر تي پشتون ڳالهائيندڙ ٿي ويا۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ٽئي نمبر تي ٿي ويا ۽ سنڌي پاڪستان ليول جي آدمشماري ۾ ٻي نمبر واري حيثيت وڃائي ويٺا، هاڻي اچو ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ وڌندڙ آبادي جو اڄ کان 130 سال اڳ 1881ع کان 2011ع تائين جو ترتيب وار جائزو وٺون ته ڪيئن ڪراچي سنڌين کان مڪمل طور تي کسجي چڪي آهي.
ڪراچي جا مٿيان انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ڪراچي جي آبادي ۾ هڪڙو واڌارو پاڪستان جي قيام کان پوءِ پناهگيرن جي اچڻ سان ٿيو. 1941 جي آدمشماري جيڪا 4 لک 35 هزار 887 هئي. اها 1961 ۾ وڃي 20 لک 44 هزار 44 تائين پهتي. يعني 14 سالن (1947ع کان 1961ع تائين) هندستان مان لڏي ايندڙن جي ڪري ڪراچي جو شهر 20 لکن تائين وڃي پڳو. ان کان پوءِ اڄ تائين ڪراچي جي شهر ۾ جيڪا ڌارين جي آمد ۽ مستقل رهائش ٿي آهي شايد ئي دنيا ۾ ڪو اهڙو شهر هجي. جنهن شهر جا اصلي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو ايڏي وڏي اقليت ۾ تبديل ٿي ويا هجن. سنڌي نه رڳو ڪراچي ۾ پر حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر ۽ نوابشاهه جي شهرن ۾ به ذري گهٽ اقليت ۾ اچي چڪا آهن. جنهن جو واضح مثال ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد شهر جون ٻه قومي اسيمبلي ۽ 4 صوبائي اسيمبلي جون سيٽون 1988 کان اردو ڳالهائيندڙ کٽيندا رهيا آهن. اهڙي طرح ميرپور خاص، سکر ۽ نوابشاهه جون شهر واريون سيٽون به سنڌين جون نه رهيون آهن ۽ سنڌ جا سڀئي مکيه شهر هاڻي سنڌين جا نه رهيا آهن. هونئن به 1998 جي آدمشماريءَ مطابق ڪراچي ۾ سڀني ٻوليون ڳالهائيندڙ جو تناسب هيٺين ريت هو. اردو48.52سيڪڙو، پنجابي 13.94 سيڪڙو، پشتو 11.42سيڪڙو، سنڌي 7.23 سيڪڙو، بلوچ 4.34 سيڪڙو، سرائيڪي2.11 سيڪڙو۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ 12.44 سيڪڙو هئا.
مٿان وري ڪراچي کان سواءِ سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ جيتري تعداد ۾ پشتو ڳالهائيندڙ اچي ويا آهن جن نه صرف لڏپلاڻ ڪئي آهي. پر پنهنجا وڏا وڏا ڪاروبار پڻ شروع ڪيا آهن ايسيتائين جو 2013ع جي اليڪشن ۾ پهريون دفعو ڪراچي کي ڇڏي باقي سنڌ ۾ پختونن جي سياسي پارٽين، پختونخواه ملي عوامي پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) قومي اسيمبلي جي 6 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 13 سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاري پنهنجي سنڌ ۾ هجڻ جي طاقت جو مظاهرو پڻ ڪيو هو.
سنڌ ۾ جنهن تيز رفتاري سان پشتون ۽ سرائيڪي آبادي وڌي رهي آهي ان تي سنڌ جي هڪ نامياري آبادياتي سائنس ۽ اقتصاديات جي ماهر جو چوڻ آهي ته جنهن تيزيءَ سان پنجاب جي ڏاکڻي علائقي مان سرائيڪي ڳالهائيندڙ مستقل بنيادن تي ڪراچي ۾ آباد ٿي رهيا آهن. جيڪي وڏي تعداد ۾ خصوصن مزدوري، رڪشائون، چنگچيون هلائڻ، بنگلن ۽ فليٽن ۾ ڪم ڪندڙ ماسيون، پلمبر ،اليڪٽريشن ۽ ريڙهيون هلائڻ جهڙا ڪم ڪري رهيا آهن جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندن تعداد ڪجهه سالن کان پوءِ اردو ۽ پشتو ڳالهائيندڙن کان پوءِ ٽئين نمبر تي سرائيڪي ڳالهائيندڙ هوندا. سنڌي ڪراچي ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر هوندا. وفاقي سرڪار طرفان هن سال جي آخر تائين ملڪ جي 6 آدمشماري ڪرائڻ جا چٽا امڪان آهن. ان جي تياري لاءِ ڪيترائي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿي چڪا آهن ۽ وفاقي حڪومت هن سال آدم شماري ڪرائڻ جو پڪو پهه ڪري چڪي آهي هاڻي جنهن رفتار سان سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي توڙي باقي سنڌ ۾ جنهن رفتار سان ٻاهرين صوبن کان مستقل طور تي لڏپلاڻ ٿي رهي آهي. انهي سنڌ جي سنڌي آبادي واري تناسب کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي ٿيندڙ لڏپلاڻ مان ائين نظر اچي رهيو آهي ته ايندڙ 6 آدمشماري ۾ پنج هزار سال تاريخ ۾ سنڌي پهريون دفعو پنهنجي ئي ديس ۾ هميشه لاءِ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. نه رڳو سنڌي اقليت ۾ اچي ويندا پر ٻهراڙي ۽ شهرن وارو آدمشماري وارو انگ به جڏهن هڪ جيترو وڃي بيهندو ته سڀ کان وڌيڪ ڪراچي، حيدرآباد،ميرپور خاص، سکر ۽ نوابشاهه جي شهري علائقن جون قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون پڻ آبادي جي حساب سان وڌنديون. جنهن سان ايندڙ اليڪشن کان پوءِ شايد سنڌين کي پنهنجي ئي صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ واري اڪثريت کان محروم ٿيڻو پوندو. ان سموري صورتحال ۾ سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين، دانشورن ۽ ٽيڪنو ڪريٽس کي واضع حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.
گذريل آدمشمارين دوران اسان جو مطالبو توڙي مهم انهي تي هلندي رهي آهي ته سڀني سنڌين کي آدمشماري ۾ ڳڻيو وڃي پر هاڻ سڀني سنڌين کي ڳڻپ ۾ آڻڻ کانسواءِ ٻيا مطالبا به سر فهرست هجڻ کپن ڇو ته جيڪڏهن سڀني سنڌين کي ڳڻپ ۾ شمار ڪيو به وڃي ته گذريل 16 سالن کان جيڪي ڌاريا ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ رهائش پذير ٿيا آهن. انهن جي ڳڻپ به اسان کي اقليت ۾ بدلائي ڇڏيندي. جنهن ڪري سنڌ جي سڀني پارٽين کي اهو مطالبو ڪرڻ گهرجي ته ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ٻاهرين ملڪن توڙي ٻين صوبن جي رهواسين جي ڳڻپ ڪري کين ووٽ ڏيڻ سان گڏ بلدياتي توڙي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي حصي وٺڻ ۽ ووٽ ڏيڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ڇو ته پوري ملڪ ۾ سنڌ واحد صوبو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ جيتري ٻين صوبن جي ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ مستقل آبادي ٿي آهي. جنهن ڪري سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو واضح خطرو پيدا ٿي چڪو آهي ان لاءِ اسان کي تمام جلد شروع ٿيندڙ آدمشماري کان پهرين پنهنجو واضع ۽ ٺوس موقف رکڻ کپي.
ٻي صورت ۾ ايندڙ آدمشماري جي نتيجن ۾ اسان قانوني طور تي پنهنجي ئي صوبي ۾ پهريون دفعو اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسون. جيڪا صورتحال سنڌين جي وجود لاءِ ڪنهن خطري کان گهٽ نه هوندي.