دُنيا جي يونيورسٽيز جي درجه بندي جي تازه ترين رپورٽ

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    دُنيا جي يونيورسٽيز جي تازه ترين رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ پهريان هزار يونيورسٽيز کي مختلف مقرر ڪيل معيارن جي بُنياد تي هڪ کان هزار نمبر ڏِنو ويو آهي. هن وقت تُرڪي ۾ هُجڻ ڪري هتي جو ذِڪر ڪبو جتي لڳ ڀڳ ويهه سيڪڙو (مطلب ته مُلڪ ۾ خرچ لاءِ مُقرر رقم جو پنجون حِصو) تعليم لاءِ مُقرر آهي جيڪو نه صرف هتي جي شاگرد پر ٻاهرين مُلڪن (جنهن لاءِ مُلڪ يا رنگ نسل مذهب جا ڪا به پابندي ناهي) جي شاگردن تي به خرچ ٿئي ٿو جن کي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون آهن ته هو هتي اچي پنهنجي ڄاڻ ونڊين ۽ هِتان ڪُجهه سِکن ۽ هن مُلڪ جي ثقافت توڙي ٻين اهم شين کي پنهنجي مُلڪ ۾ وڃي عام ڪن.
    هن درجه بندي ۾ پهريون نمبر هارورڊ يونيورسٽي آهي ۽ پوءِ ڪُجهه ٻيون مشهور يونيورسٽيز آهن جهڙوڪر آڪسفوررڊ ڪيمبرج وغيره. تُرڪي جون 09 يونيورسٽيز دُنيا جي پهرين 10 يونيورسٽيز ۾ آيون آهن جن مان 396 نمبر تي ڄڳ مشهور يونيورسٽي مڊل ايسٽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آئي آهي جيڪا انقره ۾ آهي. اُن کان پوءِ استنبول يونيورسٽي 602 تي آهي. ۽ تُرڪي جي حساب سان ٽئين نمبر تي هونئن 655 تي آهي هيجيتيپي يونيورسٽي جنهن جي بيتيپي ڪئمپس ۾ اسان جو پيارو دوست گورڌن ولاسائي هن وقت پنهنجي پي ايڇ ڊي جو هڪ حصو پورو ڪرڻ لاءِ هڪ سال جي لاءِ آيل آهي. ان کان پوءِ به 6 وڌيڪ يونيورسٽيز هن لسٽ ۾ آهن جيڪي تُرڪي جون آهن. هتي جا سينيئر اُستاد جتي خوش آهن اُتي اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي تلقين پيا ڪن خاص ڪري سوشل نيٽ ورڪ سائٽس تي ته سواءِ مڊل ايسٽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جي ٻيون ڇو 500 سان کان هيٺ آهن؟ اهي به مٿي اچڻ کپن.
    پنهنجي پاڙيسري مُلڪ ايران جون به پنج يونيورسٽيز هن لسٽ ۾ آهن. انڊيا جون پڻ ڪافي آهن ۽ ملائيشيا جون به. اهي مُلڪ اسان سان گڏ يا اسان کان گهڻو پوءِ سُڌرڻ شروع ٿيا.
    پر افسوس ته اسان جي مُلڪ جي ڪا به يونيورسٽي هن لسٽ ۾ نه آهي نه وري اچڻ جو ڪو آسرو به لڳي ٿو. اڪثر ڪنهن نئين جديد آيل شئي جو ذِڪر ٿيندي ئي سوال ٿيندو آهي ته ”اها اسان وٽ ڪڏهن ايندي؟“ منهنجي خيال ۾ ان جو جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته ”جڏهن اسان اهڙين لسٽن ۾ ٽاپ ڪنداسين“.
    لسٽ ڏسڻ لاءِ ڪتي ڪلڪ ڪريو​
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    جيڪا ڳالهه مونکي سمجهه ۾ اچي ٿي اُها آهي مثبت سوچ....... سڀني، سماجي بهتري، ترقي، ۽ معاشي خوشحالي جو بُڻياد مثبت سوچ ئي آهي. نه رڳو ٽاپ يونيورسٽيون بلڪه ساليانو تحقيقي مقالن جي هي لسٽ پُڻ ڏسڻ جي لائق آهي.

    گُذريل 15 سالن جي اعلى تعليم ۾ ٿيل سيڙپ جو ڪجهه نتيجو انهي لسٽ ۾ نظر ايندو جو، پاڪستان 46 نمبر تي آهي، اميد افزا ڳالهه آهي ته ايندڙ 10 سالن ۾ اسين ٽاپ 20 ۾ پهچي سگهون ٿا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڇا هن رينڪنگ پاڪستاني يونيورسٽيز سان اهو ورتا ته نه ڪيو ويو جيڪو عالمي ڌريون پاڪستان سان ڪنديون رهيون آهن جڏهن ته اڳ واري رينڪنگ ۾ مهراڻ يونيوسٽي 400 نمبر تي هئي هاڻي 1000 تي به نه رهي ؟
    هي رينڪنگ لسٽ ڏسي حيراني ٿي آهي .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    مختلف ادارا مختلف طريقن سان رينڪنگ ڪندا آهن..... مهراڻ يونيورسٽي 400 نمبرن ۾ ڪيئن پُهتي اهو هڪ الڳ بحث آهي.... نه ڪرڻ جهڙو....
     
  5. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا لغاري صاحب جڏهن اسان ٻين ملڪن جون ترقيون ڏسي ڪري پنهنجي ملڪ جي لا افسوس سان چئي رهيا آهيون ته اسان جي ملڪ جي ڪابه يونيورسٽي مٿي ناهي ته اُن ۾ جيڪا توهان ڳالهه ڪئي ته ترڪي جي بجيٽ جو 5 حصو تعليم جي لا آهي ، سو ادا اُتي پاڪستان جهڙي ڪرپشن ناهي، اسان وٽ جيڪو تعليم جو وزير هوندو آهي اُهو هن وزارت کي پنهنجي لا ڏسندو آهي ته جيترو ٿي سگهي لٽي وٺا خبر ناهي ته ڪڏهن وري ٻيو موقعو ملي، اگر ٻين ملڪن وانگر اسان وٽ به حڪومت ۽ تعليم جا وزير مخلص هجن ته جيئن اسان ٻين ملڪن جي ساراهه ڪري رهيا آهيون تيئن ٻيا ملڪ به اسان جي ملڪ جي تعريف ڪن ها،
    خدا جو اهيو شڪر آهي ته ترڪي ۽ ايران اسلامي ملڪ آهن انهن جي مٿي هجڻ تي خوشي ٿي،
     
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    تُرڪي ۽ ٻيا مُلڪ اسان کان وڌيڪ سُڌريل آهن. هتي ته مزدور کان وٺي بالا آفيسر سڀ ڪرپٽ آهن.
    جتي هاري به ڪرپشن کان بچي نه سگهيا آهن ته اُتي ائين ئي ٿيندو نه !
    جيڪڏهن هاري، مزدور ، استاد سميت سڀئي ادارا ڪرپٽ هُجن انهي مُلڪ جي سڌرڻ جو امڪان نه آهي..
     
  7. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    لفظ ورجائڻ جهڙا آهن ته اسان ذهني طور ڪرپٽ آهيون. رشوت خوري ته فنلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جهڙن مُلڪن ۾ به آهي.
     
  8. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڳالهه رُشوت جي ناهي ڪرپشن جي آهي ۽ اسان واقعي به ذهني طور ڪرپٽ آهيون . سچ :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    سٺو آهي ادا جٿي پاڻ پڙهون پيا ان يونيورسٽي جو نالو به شامل آهي 491 رينڪنگ تي.پر هي رينڪنگ وارو چڪر سمجهڻ ڏکيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو