دُنيا جي يونيورسٽيز جي تازه ترين رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ پهريان هزار يونيورسٽيز کي مختلف مقرر ڪيل معيارن جي بُنياد تي هڪ کان هزار نمبر ڏِنو ويو آهي. هن وقت تُرڪي ۾ هُجڻ ڪري هتي جو ذِڪر ڪبو جتي لڳ ڀڳ ويهه سيڪڙو (مطلب ته مُلڪ ۾ خرچ لاءِ مُقرر رقم جو پنجون حِصو) تعليم لاءِ مُقرر آهي جيڪو نه صرف هتي جي شاگرد پر ٻاهرين مُلڪن (جنهن لاءِ مُلڪ يا رنگ نسل مذهب جا ڪا به پابندي ناهي) جي شاگردن تي به خرچ ٿئي ٿو جن کي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون آهن ته هو هتي اچي پنهنجي ڄاڻ ونڊين ۽ هِتان ڪُجهه سِکن ۽ هن مُلڪ جي ثقافت توڙي ٻين اهم شين کي پنهنجي مُلڪ ۾ وڃي عام ڪن.
هن درجه بندي ۾ پهريون نمبر هارورڊ يونيورسٽي آهي ۽ پوءِ ڪُجهه ٻيون مشهور يونيورسٽيز آهن جهڙوڪر آڪسفوررڊ ڪيمبرج وغيره. تُرڪي جون 09 يونيورسٽيز دُنيا جي پهرين 10 يونيورسٽيز ۾ آيون آهن جن مان 396 نمبر تي ڄڳ مشهور يونيورسٽي مڊل ايسٽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آئي آهي جيڪا انقره ۾ آهي. اُن کان پوءِ استنبول يونيورسٽي 602 تي آهي. ۽ تُرڪي جي حساب سان ٽئين نمبر تي هونئن 655 تي آهي هيجيتيپي يونيورسٽي جنهن جي بيتيپي ڪئمپس ۾ اسان جو پيارو دوست گورڌن ولاسائي هن وقت پنهنجي پي ايڇ ڊي جو هڪ حصو پورو ڪرڻ لاءِ هڪ سال جي لاءِ آيل آهي. ان کان پوءِ به 6 وڌيڪ يونيورسٽيز هن لسٽ ۾ آهن جيڪي تُرڪي جون آهن. هتي جا سينيئر اُستاد جتي خوش آهن اُتي اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي تلقين پيا ڪن خاص ڪري سوشل نيٽ ورڪ سائٽس تي ته سواءِ مڊل ايسٽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جي ٻيون ڇو 500 سان کان هيٺ آهن؟ اهي به مٿي اچڻ کپن.
پنهنجي پاڙيسري مُلڪ ايران جون به پنج يونيورسٽيز هن لسٽ ۾ آهن. انڊيا جون پڻ ڪافي آهن ۽ ملائيشيا جون به. اهي مُلڪ اسان سان گڏ يا اسان کان گهڻو پوءِ سُڌرڻ شروع ٿيا.
پر افسوس ته اسان جي مُلڪ جي ڪا به يونيورسٽي هن لسٽ ۾ نه آهي نه وري اچڻ جو ڪو آسرو به لڳي ٿو. اڪثر ڪنهن نئين جديد آيل شئي جو ذِڪر ٿيندي ئي سوال ٿيندو آهي ته ”اها اسان وٽ ڪڏهن ايندي؟“ منهنجي خيال ۾ ان جو جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته ”جڏهن اسان اهڙين لسٽن ۾ ٽاپ ڪنداسين“.

لسٽ ڏسڻ لاءِ ڪتي ڪلڪ ڪريو