موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان امر جليل

'مختلف موضوع' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪهاڻي
    دي موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان
    امر جليل
    ٿوري دير ۾ اِها ڳالهه سموري گهر جي ٻارن تائين پهچي ويئي ته، اڌ رات ڌاري ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان“ سندن گهر ۾ اچي لڪندو، ۽ صبح جو سوير، جهونجهڪڙي ۾ ڪيڏانهن هليو ويندو.
    چاريئي ٻار، جن جي عمر پنجن ۽ ڏهن سالن جي وچ ۾ هئي، اِها ڳالهه ٻڌي اول ڊنا ۽ پوءِ گدگد ٿيا. هنن پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ ڪڏهن به پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو نه ڏٺو هو.
    چاريئي ٻار رات جي ماني کائڻ کانپو”، هڪدم پنهنجي پنهنجي هنڌ تي سـَـوڙِين هيٺان منهن لڪائي ليٽي پيا، ۽ مخفي طرح، اندرئي اندر جاڳندا رهيا. ان وقت رات جا اٺ ٿي رهيا هئا. منجهانئن ڪنهن به ٽيليويزن جا پروگرام ڏسڻ ۽ گوڙ ڪرڻ تي ضد نه ٻڌو. کين پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو ڏسڻ جو شوق ورائي ويو هو.
    پنجن سالن جي سپي، ۽ ڇهن سالن جو ڪوڏ هڪ ئي هنڌ تي ساڳي سوڙ هيٺان ليٽيا پيا هئا. سندن پاسي ۾، ٻئيءَ کٽ تي مسڪين احمد بينو سمهيو پيو هو. مسڪين جي عمر ست سال هئي، ۽ هن جا ست ڏند ڀڳل هئا. مسڪين جو منهن موڪرو هو، ۽ موڪري منهن تي چنجهين اکين هيٺان چنبڙيل هوس هڪ عدد ڦٿل نڪ! ٻار سڏيندا هئا - بينو! بينو، جنهن پنهنجي ننڍڙيءَ دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو، ته هو وڏي هوندي ٽارزن ٿيندو، ڀولڙن سان دوستي رکندو، ۽ گهڻو ڪري وڻن جي ٽارين تي لٽڪندو، سو خاص طرح ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان“ کي ڏسڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ آتو هو. بيني جي ڀرسان کانئن وڏو ڀاءُ محمد عمر سـَـوَڙ ۾ وڙهيو سيڙهيو پيو هو، ۽ جاڳي رهيو هو. محمد عمر جي عمر ڏهه سال هئي. هو رتن تلاءُ اسڪول ۾ پنجون درجو سنڌي پڙهندو هو، ۽ شام جو اسڪول جي ميدان ۾ فٽبال راند ڪندو هو. هن هڪ دفعي محمدن ڪلب ڊاڪا جي شيدي سينٽر فارورڊ محمد عمر کي ڪراچي پورٽرسٽ ٽيم خلاف مٿي سان بال کي ٽڪر هڻي گول ڪندي ڏٺو هو. محمد عمر فٽبالر جي اها ادا کيس ڏاڍي وڻي ويئي هئي. اُن ڏينهن کان هو بال کي اڪثر مٿي سان ٽڪر هڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته پيرن ۾ ٿڏجي آيل بال کي به گـُـت ڏيئي، مٿي سان ٽڪر هڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ان جدوجهد ۾ هو گهڻو ڪري مٿو ڦاڙائي ويهندو هو. سندس مٿي ۾ ايترا ته گــُـهٻ پئجي ويا هئا، جو بيني مٿس نالو رکيو هو اکروٽ!
    بيني سوڙ مان ڪنهن ڪڍي، سپيءَ ۽ ڪوڏ جي کٽ ڏانهن نهاريو. کين ننڊ ۾ ستل سمجهي، هن هٿ وڌائي عمر اکروٽ جي سوڙ کي سٽ ڏني.
    عمر اکروٽ منهن تان سوڙ لاهي کانئس پڇيو: ”ڇاهي؟“
    بيني سڙٻاٽن ۾ پڇيس: ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان ڪڏهن ايندو؟“
    اکروٽ وات تي آڱر رکندي، آواز ڪڍيو: ”ههش.“
    ههش جي آواز تي پنجن ورهين جي سپيءَ جا ڪن کڙا ٿيا. هوءَ شام کان پنهنجن ڀائرن ۽ گهر جي ٻين ڀاتين جي پراسرار رويي سبب سخت مونجهاري ۾ هئي. هوءَ ان مونجهارن مان نڪرڻ لاءِ پنهنجي ننڍڙي مغز سان معاملي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر ناڪام ٿي رهي هئي. گهڻي مٿاڪٽ کانپوءِ به جڏهن ڪجهه سمجهه ۾ نه آيس، تڏهن هوءَ گهيرٽ ۾ پئجي ويئي، ۽ کيس ننڊ کڻي پيئي ويئي.
    ههش جي آواز تي سپي گهيرٽن مان جاڳي پئي. سوڙ جي هڪ ڪنڊ مٿي ڪري، پنهنجو ننڍڙو ڪن ٻاهر ڪڍيائين.
    ان وقت اکروٽ وات تي آڱر رکندي سڙٻاٽن ۾ بيني کي چيو: ”آهستي ڳالها”، ادا اڪبر چيو پئي، ته ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن!“
    سپي اها ڳالهه ٻڌي ڊڄي ويئي. اڪبر سندن وڏو ڀاءُ هو. هو ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ۽ پاڻ کي اسٽوڊنٽ ليڊر سڏائيندو هو. ٻار سندس ڳالهه کي پٿر تي ليڪو سمجهندا هئا. سپيءَ جڏهن ٻڌو، ته ڀتين کي به ڪن هوندا آهن، تڏهن هن سوڙ جي ڪنڊ مان هڪ اک ٻاهر ڪڍي چڱيءَ طرح ڀتين ڏانهن ڏٺو. کيس ڀتين جا ڪن ڏسڻ ۾ نه آيا. هوءَ دل ئي دل ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي ڳالهه تي کلڻ لڳي، پوءِ هن بيني ڏانهن ڏٺو.
    بينو وڏي خبرداريءَ سان پنهنجي سوڙ مان ٻاهر نڪتو. ڪنڌ ورائي چئني طرف ڏٺائين. هر طرف اوندهه هئي. اوندهه ۾ ورانڊي جي بلب جي جهڪي روشنيءَ جا ڪجهه ڪرڻا داخل ٿي رهيا هئا. هو ٻئي گوڏا مٿي ڪري، پنهنجي کٽ جي پاٽيءَ تي چڙهي ويٺو. ان وقت کيس ٽارزن جا اهي سمورا ويهڻ جا انداز ياد آيا، جڏهن ٽارزن چئني طرفن کان شينهن، واڳن، چيتن ۽ گينڊن جي حملن سان وڪوڙجي ويندو هو.
    اُڀن گوڏن تي هٿ رکي، سينو ڦوڪي، ڪنڌ کي ڪلهن کان ڪجهه اڳتي ڪري، بينو پاٽيءَ تي پختو ٿي ويٺو. پو”، تمام جهيڻي آواز ۾ عمر اکروٽ کان پڇيائين: ”پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو ڪڏهن ايندو؟“
    ”اڌ رات کانپوءِ ايندو؟“
    ”“ اڌ رات ڪڏهن ايندي؟“
    ”اڌ رات گذرڻ کانپوءِ اڌ رات ايندي.“
    عمر جو جواب بيني جي سمجهه ۾ نه آيو. مٿو کنهندي عمر کان پڇيائين: ”اکروٽ: موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان، سچ پچ پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي؟“
    ”ها.“ عمر وراڻيو:”ادا اڪبر، بابا کي ٻڌايو پئي ته هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي. موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان!“
    عمر منجهند ڌاري پنهنجي وڏي ڀاءُ اڪبر کي مخفي نموني پيءُ سان ڳالهائيندي ڏٺو ۽ ٻڌو هو. هنن پاڻ ۾ انگريزيءَ ۾ پئي ڳالهايو. سموري گفتگوءَ مان هن انگريزيءَ جو هڪ جملو، ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان“ ياد ڪري ورتو، پر کيس ان جملي جي معنيٰ سمجهه ۾ نه آئي. ۽ پو”، جڏهن ڀاءُ کي اهو چوندي ٻڌائين، ته هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي، تڏهن کيس سموري گفتگوءَ جو ٿورو ٿورو مفهوم سمجهه ۾ اچي ويو، ته موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان، پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي، ۽ هو اڌ رات ڌاري سندن گهر ۾ اچي لڪندو، ۽ پوءِ اسر ويل، جهونجهڪڙي ۾ ڪيڏانهن هليو ويندو. عمر اها خبر بيني کي ٻڌائيندي، کيس تاڪيد ڪيو ته اها خبر ڪنهن کي به نه ٻڌائي، ڇو جو ڀتين کي به ڪن هوندا آهن. بيني اِها خبر، وڏي خبرداريءَ سان ڪوڏ کي ٻڌائي ڇڏي. ڪوڏ اها خبر سپيءَ کي ٻڌائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر سپيءَ کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
    بيني، عمر کان پڇيو: ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان سچ پچ خطرناڪ ماڻهو آهي؟“
    ”ها.“ عمر وراڻيو.
    ”هو گينڊي سان وڙهي سگهندو؟“
    ”ها.“
    ”ڀلا چيتي سان؟،
    ”ها.“
    ”“ واڳوءُ سان؟“
    ”هو واڳوءَ سان به وڙهي سگهندو.“ عمر اکروٽ چيو: ”هو موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان آهي.“
    ”ڇو نه وڙهي سگهندو!“عمر اکروٽ چيو: ”هو آخر به ته پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي.“
    بيني کي جيتوڻيڪ اکروٽ جي ڳالهه تي اعتبار نه آيو، پر تنهن هوندي به هو لاجواب ٿي، خاموش ٿي ويو.هن کي يقين هو، ته ٽارزن کان سواءِ دنيا جو ٻيو ڪو به شخص گهٽ ۾ گهٽ گورو بينگارا سان وڙهي نه سگهندو.
    عمر اکروٽ چيو: ”پر، مان سمجهان ٿو، موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ محمد عمر سينٽر فارورڊ سان فٽبال ميچ ۾ مقابلو ڪري نه سگهندو.“
    اکروٽ جي ان ڳالهه ۾ بيني کي ٽارزن لاءِ گهٽتائي نظر آئي. چيائين: ”ٽارزن هڪ دفعي آدمخور شينهن سان به وڙهيو هو.“
    عمر اکروٽ چيو:”گذريل سال پريزينڊٽ گولڊ ڪپ فائينل ۾ محمد عمر مٿي سان ٽڪر هڻي ٽي گول ڪيا هئا.“
    بينو سوڙ جي ڪنڊ مٿي ڪري، هنڌ ۾ هليو. عمر اکروٽ به پنهنجو منهن سوڙ ۾ لڪائي ڇڏيو.
    پنجن سالن جي سپي، جنهن کي اکروٽ ۽ بيني جي گفتگوءَ جو هڪ لفظ سمجهه ۾ نه آيو هو، تنهن پنهنجي چپٽي ڪوڏ جي نڪ ۾ وجهي ڇڏي.
    ڪوڏ سندس هٿ پري ڪندي چيو: ”شاهي؟“
    سپيءَ کانئس پڇيو: ”اڌ لات جو ڇا ٿيندو؟“
    ”شمهي پئو.“ ڪوڏ کيس دڙڪو ڏنو.
    ”نه ٿمهنديس.“ سپي پڇيو: ”اڌ لات جو ٿا ٿيندو؟“
    ڪوڏ وڏي رازداريءَ وچان چيو: ”اِن موشت پاڪشتان ڊينجر اشان جي گهر ايندو.“
    سپيءَ کي ڪوڏ جو جواب سمجهه ۾ نه آيو. سندس ذهن ۾ خوفناڪ شڪلين وارن جنن ۽ راڪاسن جو تصور تري آيو. پڇيائين: ”مون کي ٿائي ويندو؟“
    ”ها.“ ڪوڏ کيس ڊيڄاريندي چيو: ”سمهي پئه.“
    سپي خاموش ٿي ويئي، ۽ دل ئي دل ۾ ڪوڏ جو اُچاريل جملو، ”ان موشت پاڪشتان دينجر“، ياد ڪندي ۽ اچاريندي رهي.
    ڪوڏ ڪجهه دير کانپوءِ سوڙ مان منهن ڪڍي بيني جي کٽ ڏانهن نهاريو. بينو کانئس عمر ۾ هڪ سال وڏو هيو، تنهن ڪري هو بيني کي پاڻ کان وڌيڪ عقلمند سمجهندو هو. هن بيني کي سڏ ڪيو.
    ستن سالن جي بيني منهن تان سوڙ لاهي ڇڏي.
    ڪوڏ کانئس پڇيو: ”ان موشت پاڪشتان ڊينجر، مون کي چڪ پائيندو؟“
    ”تون ننڍڙو آهين، توکي ته هن جو نالو به نه ٿو اچي.“ ستن سالن جي بيني وڏي فخر سان چيو: ”هن جو نالو -موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان آهي.“
    ”ها. ها.“ ڪوڏ هڪدم تڪڙ ۾ جملو ورجائيندي پڇيو: ”موشت ان پاڪشتان ڊينجر مون کي چڪ پائيندو؟“
    ”ها.“ بيني وراڻيو: ”هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي.“
    اها بدخبر ٻڌڻ کانپوءِ ڪوڏ کي ڊپ ورائي ويو. هو هڪدم سوڙ ۾ گم ٿي ويو. سپيءَ کي چيائين: ”شپي، شمجهانءِ نه.“
    ”ٿو؟“
    ”مون کي ڀـُـئه ٿو ٿئي.“
    ”اڙي ماٺ ڪريو.“ ڏهن سالن جي عمر اکروٽ کين ڇڙٻ ڪڍندي چيو: ”ادا اڪبر چيو آهي، ته ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن.“
    ان ڳالهه تان سپيءَ کي ڏاڍي کل آئي. هن ڪجهه دير اڳ، هڪ هڪ ڀت ڏانهن جاچي ڏٺو هو، پر کيس ڀتين جا ڪن نظر نه آيا هئا. هن ڪوڏ کي ڪن ۾ چيو: ”اکلوٽ ڪول ٿو ڳالهائي-گناهه پوندس.“
    ڪوڏ هڪدم سوڙ مان منهن ڪڍي بيني کي چيو: ”اکروٽ ڪوڙ ٿو ڳالهائي - گناهه پوندش.“
    ”مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان.“ عمر اکروٽ چيو: ”مون کي ادا اڪبر ٻڌايو آهي، ته ڀتين کي به ڪن هوندا آهن.“
    بيني پڇيس: .ڀلا ڀتين کي نڪ به هوندو آهي؟“
    ”مون کي خبر ناهي.“ عمر اکروٽ چيو: ”مونکي ادا اڪبر ٻڌايو آهي، ته ڀتين کي ڪن ٿيندا آهن.“
    ڪوڏ، سپي ۽ بينو ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا.
    ان وقت سندن وڏو ڀاءُ اڪبر ڪمري ۾ آيو. ٻارن کي جاڳندي ۽ پاڻ ۾ ڳالهائيندي ڏسي آپي مان نڪري ويو. چيائين: ”توهين نالائق اڃا تائين جاڳو پيا!“
    اکروٽ چيو: ”اسين موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان کي ڏسنداسين.“
    اڪبر کان ڇرڪ نڪري ويو، پر پوءِ هڪدم پاڻ سنڀالي ورتائين. چيائين: ”توهان ٻارن کي خبر پئجي ويئي آهي، ته پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو اڄ اسان جي گهر ايندو!“
    ”ها.“ اکروٽ وراڻيو: ”“ اسان کي اها به خبر پئجي ويئي آهي، ته هو اڌ رات کانپو”، اسر ويل ڪيڏانهن روانو ٿي ويندو.“
    اڪبر سوچ ۾ پئجي ويو.
    ٻار سوڙين مان منهن ڪڍي ڏانهن ڏسڻ لڳا.
    اڪبر ڏاڍي گنڀير لهجي ۾ چيو: ”ٻارو، جيئن ته اوهان کي پاڪستان جي سڀ کان خطرناڪ ماڻهوءَ جي باري ۾ خبر پئجي ويئي آهي، تنهن ڪري، مان اوهان کي اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته هو اڄوڪي رات اوهان جي ڪمري ۾ گذاريندو.“
    ”اسان جي ڪمري ۾!“ ٻارن کان رڙ نڪري ويئي. سپي ۽ ڪوڏ روئڻ لڳا. بيني کين دلداري ڏيندي چيو: ”ڊڄو نه. مان ٽارزن جو دوست آهيان.“
    اڪبر چيو: ”هو مون واري کٽ تي اچي سمهندو.“
    ڏهن سالن جي اکروٽ پنهنجي وڏي ڀاءُ اڪبر کان پڇيو: ”“ تون ڪٿي سمهندين، ادا؟“
    اڪبر وراڻيو: ”مان غسلخاني ۾ سمهندس.“
    اکروٽ حيرت مان چيو: ”غسلخاني ۾!“
    ”ها.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو سياست جي ستين راز موجب اهڙن موقعن تي غسلخاني ۾ رات گذاريي آهي.“
    عمر اکروٽ پڇيو: ”ادا، سياست جو ستون راز ڇاهي؟“
    اڪبر وراڻيو: ”تون جنهن ڏينهن مون وانگر اسٽوڊنٽ ليڊر ٿيندين، تنهن ڏينهن توکي سياست جي ستين راز جي خبر پئجي ويندي.“
    اڪبر جي ايڏي وڏي ڳالهه ٻڌڻ کانپو”، ٻارڙا بيحد متاثر ٿيا. هو فخر وچان پنهنجي وڏي ڀاءُ اڪبر ڏانهن ڏسڻ لڳا، جيڪو اسٽوڊنٽ ليڊر هو، ۽ کيسي ۾ پستول رکي ڪاليج ويندو هو.
    اڪبر چيو: ”هاڻي منهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻڌو.“
    بيني چيو:”اسان ڪن کولي ڇڏيا آهن.“
    ”ٺيڪ آهي.“ اڪبر ٻارن کي سمجهائيندي چيو: ”پاڪستان جي سڀ کان خطرناڪ ماڻهوءَ جي باري ۾ اوهان کي ڪجهه به ڳالهائڻو ناهي. ڇو جو ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن.“
    اها ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ پنجن سالن جي سپي ۽ ڇهن سالن جو ڪوڏ ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا. ڪوڏ پنهنجي وڏي ڀاءُ کان پڇيو: ”ادا، ڀتين جو نڪ ڪٿي ٿيندو آهي؟“
    ”بس ڪر، ڇورا.“ اڪبر ڪوڏ کي دڙڪو ڏنو. ڪوڏ چپ ڪڍي روئڻ لڳو. سپيءَ هٿ وڌائي ڪوڏ جو چپ اندر ڪري ڇڏيو. ڪوڏ روئڻ بند ڪري ڇڏيو.
    بيني، اڪبر کان پڇيو: پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو، ڇا گينڊي کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي؟“
    ”مون کي خبر ناهي، بينا.“ اڪبر چيو: ”مون کي فقط ايتري خبر آهي، ته هو اڄ رات اسان جي گهر ۾ اچي لڪندو.“
    اکروٽ پڇيو: ”ڇا هو محمدن ڪلب ڊاڪا جي سينٽر فارورڊ محمد عمر جهڙو مضبوط آهي؟“
    ”مون کي خبر ناهي.“
    ”ڇا هو واڳونءَ سان وڙهي سگهندو؟“
    ”بيوقوفيءَ جهڙا سوال نه پڇندو ڪر، بينا.“
    ”ڀلا هو مٿي سالن بال کي ٽڪر هڻي ٽي گول ڪري سگهندو؟“
    ”الاءِ.“
    ”هو گورو بينگارا سان مقابلو ڪري سگهندو؟“
    ”مون کي خبر ناهي- خبر ناهي.“ اڪبر ڪاوڙ وچان اکروٽ ۽ بيني کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو: ”بڪ بند ڪريو، ۽ ننڊ ڪريو.“
    اکروٽ انهن ڏينهن ۾ پختون زلمي جي خبر اخبار ۾ پڙهي هئي. پڇيائين: ”ڇا هن وٽ سنڌي زلمي آهن.“
    ”يار سمهي پئه، اکروٽ.“ اڪبر چيو: ”مون کي فقط ايتري خبر آهي ته هن کي پاڪستان جي بچاءَ واري قاعدي ڊي پي آر هيٺ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڪڍيو اٿائون. تنهن مان سمجهان ٿو، ته هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي، ۽ هن جي ڪري پاڪستان جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي.“
    اها ڳالهه اکروٽ کي ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ آئي. هو خاموش ٿي ويو.
    اڪبر پنهنجيءَ کٽ تي هنڌ وڇائي ۽ ڪمري جي بتي وسائي هليو ويو.
    اڪبر جي وڃڻ کانپوءِ سڀني ٻارن اڌ رات تائين جاڳڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آهستي آهستي، هڪ هڪ ڪري سمهندا ويا. سپيءَ ۽ ڪوڏ کي زڪام هو. تنهن ڪري، جيئن ئي کين ننڊ کڻي ويئي، سندن نڪ مان سيٽيءَ جهڙا زوڪاٽ نڪرڻ لڳا. زوڪاٽن جي آواز ۾ اکروٽ ۽ مسڪين بينو ڪجهه دير تائين جاڳندا رهيا، پر ڪجهه دير کانپوءِ اکروٽ جي اک لڳي ويئي، ۽ بينو جاڳندو رهيو.
    بيني پنهنجون اکيون ورانڊي ڏانهن کلندڙ در ۾ اٽڪائي ڇڏيون هيون، جتان ٻاهرين ميرانجهڙي روشنيءَ جا ڪجهه ترڙا ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا هئا.
    ”پوءِ جڏهن رات جو ڳپل حصو گذري ويو، ۽ بيني جي اک لڳڻ لڳي، تڏهن اوچتو ورانڊي واري در ۾ هڪ هيبتناڪ راڪاس جيڏو شخص اچي بيٺو. بيني جو ساهه وڃي پيرن ۾ پيو.
    در ۾ بيٺل شخص هروڀرو ايترو قداور نه هو، جيترو بيني کي نظر اچي رهيو هو. هو ڊرم وانگر ويڪرو ۽ بيحد ٿلهو ڏسڻ ۾ پئي لڳو. سندس پٺ جيئن ته ورانڊي مان ايندڙ روشنيءَ ڏانهن هئي، تنهن ڪري سندس منهن نظر نه پئي آيو. هو ڪارهن ۽ اوندهه جو ڀوائتو ميلاپ پئي ڏٺو. بيني جي ننڍڙي دل سيني ۾ سـُـسي ويئي. کانئس وسري ويو ته پاڻ کي ٽارزن جو دوست سڏائيندو هو. چاهيائين ته ٽپ ڏيئي عمر اکروٽ جي کٽ تي وڃي ويهي ۽ پوءِ سندس سوڙ ۾ گهڙي وڃي. پر پو”، جڏهن پاڪستان جي سڀ کان خطرناڪ ماڻهوءَ جي ڀرسان سندن وڏو ڀاءُ اڪبر اچي بيٺو، تڏهن، بيني جي ساهه ۾ ساهه پيو. سندس خوف ڍرو ٿيو ۽ کيس خيال آيو، ته پاڻ ٽارزن جو دوست هو ۽ وڏي هوندي کيس ٽارزن جهڙا ڪارناما سرانجام ڏيڻا هئا. اهو خيال اچڻ شرط سندس واڏڻ جهڙيون سنهڙيون مشڪون وٽجي سٽجي ويون ۽ هو تمام غور سان در ۾ بيٺل پنهنجي ڀاءُ ۽ اوپري شخص ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    اڪبر هٿ جي اشاري سان اوپري شخص کي ڪمري ۾ اندر هلڻ لاءِ چيو. هو اندر هليو آيو.
    اڪبر چيو: ”توهين هن کٽ تي بي فڪرا ٿي سمهي پئو. اسر ويل مان پاڻهيئي اچي توهان کي اٿاريندس.“
    اوپري شخص ڪو جواب نه ڏنو ۽ کٽ تي ويهي رهيو. اڪبر کانئس موڪلائي هليو ويو.
    بينو خاموشيءَ ۽ خبرداريءَ سان ڏانهنس ڏسندو رهيو. ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ هن ڏٺو، ته اجنبي ٻئي ٻانهون مٿي ڪري، هٿ ڪلهن تائين کڻي آيو. پوءِ جڏهن سٽ ڏيئي هٿ مٿي ڪيائين ته سندس جسم تي ويڙهيل ٿلهي سوڙ ڇڪجي کانئس ڌار ٿي ويئي. سوڙ مان هڪ سنهڙو سيپڪڙو شخص نڪري آيو- اهو ڏسي بينو اچرج ۾ پئجي ويو.
    اوپري شخص پيرن مان چمپل لاهي ڇڏي، ۽ پوءِ خبرداريءَ سان هنڌ تي ليٽي پيو ۽ پنهنجي مٿان سوڙ وجهي جهونگارڻ لڳو: ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
    بينو ڪجهه دير تائين اوپري شخص ڏانهن ڏسندو رهيو.
    اوپرو شخص بنا چـُـرپـُـر جي سوڙ هيٺان هنڌ تي ليٽيو پيو هو.
    بيني آهستگيءَ سان پنهنجي سوڙ مان هٿ ڪڍي عمر جي سوڙ کي سٽ ڏني.
    عمر پاسو ورائيندي ننڊ ۾ ڳالهايو: ”گول ٿي ويو ڇا؟“
    ”اکروٽ!“ بيني سڙٻاٽن ۾ کيس سڏ ڪيو.
    ”هون.“
    ”اکيون کول.“
    ”گول! ڪنهن ڪيو؟“
    ”گول نه، اکروٽ. اکيون کول.“
    ڇو؟“
    ”موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان اچي ويو آهي.“
    ”ڪٿي آهي؟،
    ”ادا اڪبر جي کٽ تي سمهيو پيو آهي.“
    عمر اکروٽ کي ماڻس آيت الڪرسي ياد ڪرائي ڇڏي هئي، ۽ کيس تاڪيد ڪئي هئي، ته جڏهن به جن ڀوت ۽ غيبات وغيره جي ويجهو وڃي ۽ خوف محسوس ڪري، تڏهن آيت الڪرسي دم ڪري، سيني تي شوڪارو هڻي ڇڏي. جن ڀوت ڀڄي ويندا.
    عمر اکروٽ آيت الڪرسي دم ڪري سيني تي شوڪارو هڻي ڇڏيو. بيني کي چيائين: ”پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ شخص مون کي اوندهه ۾ چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.ڪيئن آهي؟“
    ”مون کي چڱيءَ طرح نظر نٿو اچي.“ بيني تمام آهستي ڳالهائيندي چيو: ”مان سمجهان ٿو هو اچڻ شرط ننڊ ۾ الوٽ ٿي ويو آهي. چڱي طرح چڪاس ڪري ٿو اچانس.“
    بينو خبرداريءَ سان کٽ تان هيٺ لٿو. ٻه- چار وکون پٻن تي کنيائين، ۽ پوءِ جڏهن وچ ڪمري ۾ پهتو، تڏهن هيٺ جهڪي، ٺونٺين ۽ گوڏن تي بانبڙا پائيندو اوپري شخص جي کٽ وٽ وڃي پهتو. اتان منهن ورائي اکروٽ ڏانهن ڏٺائين. عمر اکروٽ اک ڇنڀڻ بنا ميرانجهڙي روشنيءَ جي تروِرن ۾ بيني ڏانهن ڏسندو رهيو.
    بينو سيرانديءَ وٽان آهستي آهستي اُڀو ٿيڻ لڳو. سندس منهن جڏهن کٽ جي پاٽيءَ جيترو مٿي ٿيو، تڏهن هن ڳاٽ اڳتي ڪري اوپري شخص جي منهن ۾ نهاريو.
    اوپري شخص جون اوندهه ۾ اکيون کليل هيون. هن جڏهن پاٽيءَ وٽان بيني جي گهاٽن وارن وارو مٿو مٿي ٿيندي ڏٺو، تڏهن کانئس ڊپ وچان دانهن نڪري ويئي.
    اُها دانهن پنهنجي نوعيت جي اڪيلي ۽ بيمثال دانهن هئي.
    عجيب ۽ حيرت انگيز ڪيڪ ٻڌڻ شرط بيني بـُـل کاڌو ۽ سڌو وڃي ڪمري جي وچ ۾ پيو. کيس پڪ ٿي ويئي، ته اهو شخص، جنهن جي ڪيڪ اچرج ۾ وجهڻ جهڙي هئي، سو پڪ ئي پڪ پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو هو. هو وچ ڪمري مان، غور سان اوپري شخص ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    اوپرو شخص اکيون ڦاڙي بيني ڏانهن ڏسي رهيو هو. پوءِ جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن چيڪلي آواز ۾ پڇيائين: ”ڪير آهين؟“
    ”مان؟“ بينو اُٿي بيٺو. وراڻيائين: ”مان مسڪين احمد آهيان. ماڻهو مون کي بينو سڏيندا آهن. مان ٽارزن جو دوست آهيان.“
    ”پر آهين ته ماڻهو نه؟“
    ”نه.“
    ”تون ماڻهو ناهين!“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ ڪير آهين، بابا؟“
    ”مان ڇوڪرو آهيان.“ بيني کٽ ڏانهن وڌندي وراڻيو: ”مان رتن تلاءَ پرائمري اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهندو آهيان.“
    اوپري شخص پڇيس: ”اڪبر جو ڇا ٿيئن..“
    ”ڀاءُ.“ بيني وراڻيو: ”سامهون کٽ تي مون کان وڏو منهنجو ڀاءُ عمر اکروٽ سمهيو پيو آهي. هو فٽبال کي مٿي سان ٽڪر هڻندو آهي.“
    عمر کٽ تان اُٿي ڪمري جي بتي ٻاري ڇڏي.
    روشنيءَ ۾ عمر ۽ بيني اوپري شخص ڏانهن ڏٺو. اهو ڏسي کين سخت حيرت ٿي ته پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ شخص پوڙهو، ڪمزور ۽ سنهڙو سيپڪ هو. سندس هڙٻاٽون نڪتل ۽ ڏند ڀڳل هئا اکيون هڏن جي پيالن ۾ پوريل، نڪ سنهڙو ۽ ڊگهو، ۽ ڪن وڏا ۽ ويڪرا هئا. ڪنن جي هيٺان ڪونئريون پاپڙيون ڌڏي رهيون هئس.
    عمر اکروٽ وڌي وڃي بيني جي پاسي ۾ بيٺو. بيني کي سڙٻاٽن ۾ چيائين: ”ادا اڪبر کان پڪ غلطي ٿي ويئي آهي. هيءُ ڪارٽون پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ شخص ٿي نه ٿو سگهي.“
    بيني جواب ڏيڻ بدران اوپري شخص کان پڇيو: ”تون گينڊي سان وڙهي سگهندين.“
    ”هان! ڇا چيئه؟“ هن کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”ڀلا چيتي سان وڙهي سگهندين؟“
    ”مان! چيتي سان!“
    ”چڱو ڀلا واڳونءَ سان وڙهي سگهندين؟“
    ”واڳون، چيتو، گينڊو!“ اوپرو شخص اوپرا سوال ٻڌي سراپجي ويو. ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڇڏيائين. پنهنجي ساءِ چيائين: ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
    ”ڀلا ڳالهه ٻڌ.“ اکروٽ اجنبيءَ کان پڇيو: ”تون، موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان آهين. ٻڌا”، ڊاڪا محمدن ڪلب جي سينٽر فارورڊ محمد عمر سان ڊاجنگ ڪري سگهندين.“
    اوپرو شخص هڪدم اُٿي ويٺو. اکروٽ ۽ بينو ٽپ ڏيئي کانئس پري ٿي ويا.
    بيني کڙيون مٿي ڪري، پٻن تي بيهندي، اکروٽ کي ڪن ۾ چيو: ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان بلڪل پوڙهي لومڙ جهڙو آهي.“
    اکروٽ چيو: ”مان سمجهان ٿو، ادا اڪبر کان چڪ ٿي ويئي آهي.“
    ”مان ادا اڪبر کي ٻڌائي ٿو اچان، ته موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان بدران، هو ڪنهن پوڙهي لومڙ کي رات رهائڻ لاءِ گهر وٺي آيو آهي.“ بيني چيو: ”تون ترس مان ادا اڪبر کي ٻڌائي ٿو اچان.“
    بينو پٻن تي ڊوڙندو ڪمري مان نڪري ويو ۽ سڌو وڃي غسلخاني جي ٻاهران بيٺو. در اندران بند هو. بيني در کڙڪايو.
    اندران اڪبر پڇيو: ”ڪير آهي؟“
    بيني وراڻيو:”مان آهيان.“
    ”تون ڪير!?“ اڪبر پڇيو: ”سي آءِ ڊي انسپيڪٽر ايڪس واءِ زيڊ؟“
    ”نه.“ بيني چيو: ”مان مسڪين احمد بينو آهيان.“
    ”اوهه، بدبخت ڇورا!“ اڪبر غسلخاني جو در کوليندي چيو: ”ڇو آيو آهين؟“
    بيني وڏيءَ رازداريءَ وچان اڪبر کي ٻڌايو: ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان، اصل ۾ پاڪستان جو خطرناڪ ماڻهو ناهي. توکان غلطي ٿي ويئي آهي. تون هڪ پوڙهي لومڙ کي گهر وٺي آيو آهين.“
    ”بيوقوف، پوليس کيس پاڪستان جي بچا واري قاعدي هيٺ گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳولي رهي آهي.“ اڪبر خارن مان بيني کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو:”وڃ، وڃي سمهي پئه. هو ئي پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي.“
    بينو مٿو کنهندي پنهنجي ڪمري ڏانهن موٽي ويو. عمر اکروٽ سندس انتظار ۾ بيٺو هو. بيني پٻن تي بيهي. اکروٽ کي ڪن ۾ ٻڌايو: ”ادا اڪبر چيو آهي ته پوڙهو لومڙ پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي.“
    اکروٽ چتائي پوڙهي اجنبيءَ ڏانهن ڏٺو، جيڪو ڪنن جي پاپڙين ۾ چپٽيون وجهي جهونگاري رهيو هو: ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
    اکروٽ ۽ بينو وڌي وڃي اجنبيءَ جي کٽ وٽ بيٺا.
    اکروٽ ڊڄندي ڊڄندي پوڙهي کي چيو: ”اسان جي وڏي ڀاءُ اڪبر اسان کي پڪ ڏياري آهي، ته تون ئي پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهين.“
    بيني، پوڙهي کان پڇيو:”تون ڪهڙا ڪهڙا خطرناڪ ڪم ڪندو آهين؟“
    پوڙهي وراڻيو: ”مان هڪ پراڻو راڳ ڳائيندو آهيان.“
    اکروٽ پڇيس: ”ڪهڙو راڳ؟“
    پوڙهي راڳ آلاپيو: ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندي، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
    مسڪين احمد بيني پوڙهي کان پڇيو: ”“ ٻيو ڪهڙو خطرناڪ ڪم ڪندو آهين؟“
    پوڙهي وراڻيو: ”مان ڪنهن به دؤر ۾ پنهنجو نالو نه مٽائيندو آهيان.“
    پوڙهي جو جواب بيني کي سمجهه ۾ نه آيو. بينو ڪن ۾ آڱر وجهي مر ڪڍڻ لڳو.
    عمر اکروٽ، جيڪو ڏهن سالن جي عمر جو هو، تنهن پوڙهي کان پڇيو: ”تنهنجو نالو ڇاهي؟“
    ”منهنجو نالو رجب علي ديوانو آهي.“ پوڙهي ٻارن کي هٿ ٻڌندي چيو: ”مون کي ننڊ ڪرڻ ڏيو. مان اسر ويل ڪيڏانهن هليو ويندس.“
    عمر اکروٽ، ۽ مسڪين احمد بينو پنهنجين پنهنجين کٽن ڏانهن موٽي ويا.
    رجب علي ديوانو مٿي هيٺان ٻانهون ڏيئي ليٽي پيو ۽ جهونگارڻ لڳو، ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واقعي ئي ايئن اڄ به آهي .... سنڌ جا نوجوان ۽ ڪمزور ماڻهو پاڪستان لاء موسٽ ڊينجرز ماڻهو بڻجي ويا آهن، اهوئي سبب آهي جو آئي ڏينهن انهن جا تشدد ٿيل لاش ملن ٿا .......

    امر جليل جي پراڻي پر اڄ به ساڳي حالتن جهڙي ڪهاڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو