غازي حسين
سينيئر رڪن
غازي حسين حيدري
پاڪستان هن وقت جيڪڏهن ڪنهن شيءِ ۾ ترقي ڪري رهيو آهي ته اها گئس جي زخيرن مان پيداوار آهي. هن وقت ملڪ ۾ 844 ملين بيرل خام تيل جا ذخيرا هٿ ڪيا ويا آهن، انهن زخيرن مان پاڪستان ڪافي ناڻو ڪمائي رهيو آهي. پاڪستان ۾ مختلف تيل ۽ گئس جا 620 کوهه کوٽيا ويا آهن، جن مان 52 ٽريلين ڪيوبڪ فوٽ گئس جا ذخيرا هٿ آيا آهن. گئس پهريون ڀيرو بلوچستان مان 1952ع ۾ دريافت ٿي. ان کان پوءِ 1956ع ۾ گولاڙچيءَ مان تيل جي پيداوار شروع ٿي. شروع ۾ هي شعبو پرائيويٽ هو پوءِ 1960ع ۾ وفاقي حڪومت آئل ۽ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني OGDC قائم ڪئي وئي. جنهن ۾ ڪل پيداوار جو سنڌ ۾ 56.13 سيڪڙو تيل ۽ 71.72 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي.
ملندڙ تيل ۽ گئس مان ملڪي 70 سيڪڙو ضرورتون پوريون ٿين ٿيون. ٿيڻ ائين گهرجي ته پاڪستان جي ڪنهن به حصي مان گئس يا تيل جا ذخيرا ملن ته اتان ٿيندڙ آمدنيءَ ۾ مقامي ماڻهن جو حصو به شامل ڪرڻ گهرجي. ضلعي سرڪار کان وٺي صوبائي سرڪار تائين سڀ ان عمل ۾ شامل هجڻ گهرجن. اتان ٿيندڙ آمدنيءَ مان وفاق ٽئڪس جي رقم سڌي ريت صوبائي سرڪار ذريعي انهن علائقي تي خرچ ڪري. ان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته پئٽروليم سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽيون جوڙڻ لاءِ فوري طور عدالتي رهنمائيءَ جي روشني ۾ پنهنجون سفارشون ڏين ته جيئن سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ ترقي جي رفتار تيز خاطر سنڌ ۾ ڪم ڪندر پئٽروليم ڪمپنين کان جمع ڪيل فنڊز جو منصفاڻي طريقي سان استعمال ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه چيو آهي ته سنڌ ۾ تيل ۽ گئس ڪمپنين کان ٻن قسمن جا فنڊ ملندا آهن جن ۾ پروڊڪشن بونس ۽ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽيز فنڊ شامل آهن، اهي فنڊ پٺتي پيل علائقن ۽ اهي معدني وسيلا رکندڙ علائقن جي ترقيءَ تي ترجيحي بنيادن تي خرچ ڪرڻ لاءِ جمع ڪيا ويندا آهن. انهن فنڊن کي قانوني ۽ شفاف طريقي سان استعمال ڪرڻ لاءِ علائقي جي چونڊيل نمائندن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن تي ٻڌل نظرثاني ڪميٽيون جوڙڻ ضروري آهي.
سنڌ جي 12 ضلعن ۾ تقريباً 45 هنڌن مان تيل ۽ گئس جا زخيرا ملن ٿا جن مان ڪافي پيداوار ملي رهي آهي، گهوٽڪي ۾ 5 قادرپور آئل ايند گئس فيلڊ، ماڙي گئس فيلڊ، ماڙي ڊيپ، رحمت گئس فيلڊ، تلو گئس فيلڊ. خيرپور ۾ 3 سائون گئس فيلڊ، قادن واري گئس فيلڊ،مياڻو گئس فيلڊ، ڄامشورو (سيوهڻ) ۾ 2 ڀٽ گئس فيلڊ، جي جي وي ايل ايل پي جي پروڊڪشن يونٽ. دادو ۾ 3 زمزما آئل اينڊ گئس فيلڊ،رحمان گئس فيلڊ،ميهڙ گئس فيلد. سانگهڙ ۾ 3 بوبي آئل ۽ گئس فيلڊ ۽ ايل پي جي پلانٽ،چڪ 66،سنجھورو گئس فيلڊ. ٺٽو ۾ 3 دارو گئس فيلڊ، نور،بدرا گئس فيلڊ. حيدرآباد ۾ 8 ڪونر آئل اينڊ گئس فيلڊ،ٽنڊوعالم گئس فيلڊ اينڊ آئل، ڪمپليڪس،نورائي جاگير گئس فيلڊ،پاساڪي آئل فيلڊ، لاشاري آئل فيلڊ،سونو آئل فيلد،ٿورا آئل فيلڊ، نعمت بسال آئل فيلڊ. ٽنڊوالهيار ۾ 1ميسان آئل فيلڊ. ڪراچي ۾ 3 لاکير گئس فيلڊ، لياري آئل فيلڊ، هنڊي سيري گئس فيلڊ. ڪنڌڪوٽ ۾ 1 ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ. شڪارپور ۾ 2 ٻڊل گئس فيلد هائڪاربيڪس،مزاراڻي گئس فيلڊ. بدين ۾ 9 ڪڙيو گھنور گئس فيلڊ،دبي ۽ دبي نارٿ آئل فيلڊ،سخي،سخي ڊيپ آئل فيلڊ،زنئور آئل فيلڊ،تگڙي آئل فيلڊ،لغاري آئل فيلڊ،گنگرو آئل فيلڊ،آڪري ۽ آڪري نارٿ آئل فيلڊ. لاڙڪاڻو ۾ 1 پيٽروناس فيلڊ. روهڙ ي ۾ 1 ڪنڌرا گئس فيلڊ آهي. مٿين 45 پيداواري تيل ۽ گئس فيلڊس مان ڪجھ جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
ٽنڊو عالم آئل فيلڊ ڪراچي کان اتر اولھ طرف تقريبن 150 ڪلوميٽر پري حيدرآباد ۾ واقع آهي، هن آئل فيلڊ کي آئل ۽ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني پهريون ڀيرو 13 آڪٽوبر 1984 ۾ باقاعدگي سان پيدار جي لاءِ شروع ڪيو، لاشاري آئل فيلڊ به حيدرآباد کان 25 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي پهريون ڀيرو 1988 ۾ کوٽائي ڪئي وئي ۽ نومبر 1988 ۾ هن تيل جي هن ذخيري کي پيداوار جي لاءِ قطب آندو ويو، ٿورا آئل فيلڊ به حيدرآباد ۾ واقع آهي شروعات ۾ هتي هڪ کوھ 1987 ۾ کوٽايو ويو ۽ بعد ۾ 5 کوھ 1989 ۾ کوٽايا ويا 2006، 2007 ۾ 2 اونها کوھ به کوٽيا ويا آهن. سونو آئل فيلڊ حيدرآباد کان 25 ڪلوميٽر ۽ ٽنڊو عالم آئل فيلڊ کان 4 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، پهريون ڪامياب تجرباتي کوھ 1988 ۾ کوٽيو ويو پوءِ 1990 تائين 5 کوھ کوٽيا ويا هر کوھ ۾ هڪ مصنوعي لفٽ پڻ لڳل آهي، ميسان آئل فيلڊ ٽنڊو الهيار کان 13 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي هيءَ فيلڊ 1998 ۾ ڳولهي وئي ۽ باقائدا پيداوار تي آئي، پاساڪي آئل فيلڊ حيدرآباد شهر کان اوڀارين طرف 12 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، 1989 ۾ هن فيلڊ کي ڳولهيو ويو ۽ 4 آڪٽوبر 1989 ۾ هن مان پيداوار حاصل ڪئي وئي، هي تيل ۽ گئس جي فيلڊ سانگهڙ ضلعي کان ڏکڻ طرف 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. 1988 ۾ پهريون ڀيرو گئس ۽ تيل جي لاءِ کوھ کوٽيو ويو ۽ 1991 تائين ٽوٽل 8 کوھ کوٽيا ويا. بوبي فيلڊ تيل ۽ گئس جو ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو ٻيو منصوبو آهي، هن منصوبي تي 52 ملين آمريڪي ڊارلرن مان 20.1 آمريڪي ڊالر رکيا ويا هئا، قادرپور گئس فيلڊ پاڪستان ۾ ٽيون نمبر سب کان وڏي گئس فيلڊ آهي جيڪا گهوٽڪي کان 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ سئي جي ڏکڻي علائقي ۾ واقع آهي،هن فيلڊ ۾ 75 سيڪڙو آئل ۽ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني 7 سيڪڙو پاڪستان پيٽروليم ۽ 18 سيڪڙو ڪجھ ٻيون پرائيويٽ ڪمپنيو ملي ڪري ڪم ڪري رهيون آهن. پهريون ڀيرو 1990 ۾ 1566 ميٽر گهرو کوھ کوٽيو ويو، قادرپور فيلڊ ۾ گئس جي جمع ڪرڻ ۽ ٻين سلسلن جي پوري ٿيڻ تي 1995 ۾ پيداوار لاءِ قطب آندو ويو، ڪونر آئل اينڊ گئس فيلڊ حيدرآباد شهر کان 26 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ضلع هيدرآباد ۾ واقع آهي. 1987 ۾ پهريون ڀيرو کوتائي جو سلسلو شروع ڪيو ويو، زخيرن جي ڳولاھ ۽ تعداد وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٻيا به کوھ کوٽيا ويا ۽ 1991 ۾ مڪمل طرح هن فيلڊ کي پيداوار لاءِ شروع ڪيو ويو، دارو گئس فيلڊ ضلع ٺٽي ۾ آهي 1988 ۾ پهريون ڀيرو کوھ کوٽي تجربو ڪيو ويو ۽ آخر 1999 ۾ باقاعدا پيداوار جي لاءِ استعمال هيٺ آندو ويو.
پاڪستان جي ڪل 140 گئس جي ذخيرن مان 107 ذخيرا سنڌ ۾ آهن ۽ گئس جي ذخيرن مان 71.72 سيڪڙو ذخيرا سنڌ ۾ آهن. پاڪستان جي 139 تيل جي ذخيرن مان 123 پيداواري ذخيرا آهن. انهن پيداواري ذخيرن مان پڻ ذخيرن جي اڪثريت سنڌ ۾ آهي. مثال طور سنڌ ۾ تيل جي ڪل پيداواري ذخيرن جو تعداد 69 آهي، پاڪستان جي تيل جي پيداوار ڏيندڙ ذخيرن مان 56.13 سيڪڙو ذخيرا سنڌ ۾ آهن.
قانون ۽ معاهدن جي مطابق سنڌ کي پنهنجي حصي جو حق ملڻ کپي، سڄي سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري واسطيدار ضلعن ۾ ترجيحي بنيادن تي ترقياتي ڪم ٿيڻ گهرجن ۽ سنڌ جي سڀني آئل فيلڊز ۽ گئس فيلڊز ۾ مقامي ماڻهن کي ملازمتون ملڻ گهرجن ۽ سنڌ جي تيل ۽ گئس جي ڪمائي سنڌ تي خرچ ٿيڻ گهرجي.
ghazihussain110@yahoo.com