ڪراچي- حيدرآباد موٽر وي (ايم 9) مڪمل ٿيڻ سان عوام ترقي جو هڪ نئون دور ڏسندو

'مختلف موضوع' فورم ۾ غازي حسين طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2014۔

  1. غازي حسين

    غازي حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 نومبر 2012
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    214
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    مخدوم بلاول وليج ڪراچي
    ڪراچي- حيدرآباد موٽر وي (ايم 9) مڪمل ٿيڻ سان عوام ترقي جو هڪ نئون دور ڏسندو

    غازي حسين حيدري

    وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاھ نيشنل هائي ويز جي اعليٰ آفيسرن کي ڪراچي کان حيدرآباد موٽروي (ايم-9) ۽ ڪراچي کان لاهور (ڪي ايل ايم) منصوبي تي هلندڙ سال ۾ ئي ڪم شروع ڪرڻ، لياري ايڪسپريس وي ۽ نيشنل هائي وي جي مرمت جو معياري ڪم سان گڏوگڏ جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. واضع رهي ته هن منصوبي جو افتتاح اڳوڻي صدر جناب آصف علي زرداري مارچ 2013 ۾ ڪيو هو جنهن ۾ جناب آصف علي زرداري چيو هو ته ڪراچي- حيدرآباد موٽر وي جو منصوبو (ايم 9) مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عوام ترقي جو هڪ نئون دور ڏسندو. موٽر وي جي ڄاڻايل منصوبي سان گڏوگڏ حيدرآباد بدين روڊ کان مير واهه سنجر چانگ روڊ تائين تعمير ٿيندڙ روڊ پڻ مواصلات جي حوالي سان عوام کي وڌ ۾ وڌ لاڀ فراهم ڪندو. حيدرآباد جي ترقي جي حوالي سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي هدايت ڪئي هئي ته قاسم آباد سميت سڄي حيدرآباد جي ري ڊيزائننگ ڪئي وڃي ته جيئن شهر واسين کي وڌ ۾ وڌ رليف فراهم ٿي سگهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پنهنجي مختصر خطاب ۾ چيو ته جناب آصف علي زرداري قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بي نظير ڀٽو شهيد جي نظريئي اٽو، لٽو ۽ اجهو تحت ملڪ جي عام ماڻهو کي ڪيترائي فائدا ڏنا. هن ڪراچي حيدرآباد موٽر وي (ايم 9) منصوبي کي ملڪ جي عوام لاءِ وڏو تحفو قرار ڏيندي چيو ته ان منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ وارو عمل جناب آصف علي زرداري جي ذاتي دلچسپي سبب ئي ممڪن ٿي سگهيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ ان موقعي تي جناب آصف علي زرداري کي درخواست ڪئي هئي ته ڪراچي حيدرآباد موٽر وي جو نالو “بي نظير ڀٽو موٽر وي” رکيو وڃي.

    رپورٽن موجب سالياني ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ جي روڊن لاءِ لاهور ڪراچي موٽر وي جي لاءِ ٽيهه ارب، ڪراچي حيدرآباد موٽر وي جي لاءِ زمين خريداري جي مد ۾ ٽيهه ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، آمري واري پل جي لاءِ پنجاهه ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن،لياري ايڪسپريس وي جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن،گھارو ڪيٽي بندر 190 ڪلوميٽر روڊ جي لاءِ 10 ڪروڙ، لاڙڪاڻو موئن جو دڙو روڊ جي مرمت جي لاءِ 10 ڪروڙ،گوادر رتو ديرو روڊ جي لاءِ پنج ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ڪراچي حيدرآباد موٽر وي جي زمين خريداري جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا، ڪراچي ناردرن بائي پاس جي لاءِ 10 ڪروڙ، قمبر شهدادڪوٽ روڊ جي مرمت جي لاءِ 10 ڪروڙ، لاڙڪاڻو قمبر روڊ جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا، لاڙڪاڻو قمبر شهدادڪوٽ 34 ڪلوميٽر جي مرمت جي لاءِ 34 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، ٻوڏ متاثر روڊن جي مرمت جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، ڪراچي لاهور موٽر وي زمين خريداري توڙي منتقلي جي لاءِ 30 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، سکر بائي پاس جي لاءِ پنجاهه ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.

    سنڌ جي وڏر وزير سيد قائم علي شاه چيو ته ڪنهن به منصوبي کي اختتام تائين پهچائڻ ۾ وقت جي وڏي اهميت هوندي آهي سنڌ حڪومت ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سرڪاري زمين سان گڏوگڏ نجي زمين به خريد ڪري ورتي آهي ۽ لاڳاپيل مشينري کي نيشنل هائي وي اٿارٽي جي حوالي ڪري ۽ سموري انتظامي سپورٽ فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن سنڌ جي عوام کي بهترين سفري سهولتون دئي سگهجن. ڪنهن به اداري کي ان منصوبي ۾ رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون وجهڻ جي اجازت نه هوندي. لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڏني ته (ڪي ايل ايم) تي اهڙي طرح عملدرآمد ڪن ته جتان هي موٽر وي جو گذر ٿئي اتان جي سڀني ننڍن وڏن شهرن کي موٽر وي سان ملايو وڃي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سکر جي سپريٽنڊينٽ انجنيئرن ۽ نيشنل هائي وي اٿارٽي جي نمائدن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي به جوڙي وئي جيڪا انهن رٿائن کي ڏنل وقت ۾ مڪمل ڪرائيندي.

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته غير معياري ديک بال جي سبب هڪ طرف نيشنل هائي وي جي هڪ سائيڊ کي خراب ڪيو پيو وڃي ته ٻي سائيڊ مرمت جو ڪم جاري آهي. اهڙي طرح وڏي وزير سيد قائم علي شاه لياري ايڪسپريس روڊ کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ اين ايڇ اي جي عملدارن کي چيو ته هن منصوبي ۾ سنڌ حڪومت پنهنجي حصي جون سڀئي زميواريون پوريون ڪندي ۽ سنڌ حڪومت زمين حاصل ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن کي رهائش فراهم ڪرڻ لاءِ 2.5 ارب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ سيوهڻ کان رتوديرو روڊ تي پيش ايندڙ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي.

    نيشنل هائي وي جي چيئرمين شاهد اشرف تارڙ ٻڌايو ته 136 ڪلو ميٽرن تي مشتمل ڪراچي کان حيدرآباد موٽروي (ايم-9) منصوبو نه صرف حيدرآباد ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سفر ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ اهمت رکي ٿو ان منصوبي سان عوام کي سفري فائدو ٿيندو ۽ هي منصوبو ڪراچي کان لاهور موٽروي منصوبي سان به جڙيل آهي جنهن جي ذريعي پوري ملڪ جي ماڻهن کي فائدو پهچندو، ڄامشورو ضلع ۾ 200 ايڪڙ زمين جي تبديلي کان علاوه تمام ڪم مڪمل آهي ۽ اها اميد آهي ته هن منصوبي جو آغاز هلندڙ سال 2014 ۾ ٿي ويندو، هن منصوبي کي گهربل زمين 6868 ايڪڙ آهي جنهن مان 5296 ايڪڙ زمين نيشنل هائي وي جي حوالي ٿي وئي آهي جڏهن ته ڄامشورو ۾ 2 سئو ايڪڙ زمين جي تبديلي کانسواءِ باقي سمورو ڪم مڪمل آهي،اهو به ٻڌايو ويو ته سکر کان ملتان سيڪشن چين جي قرض جي مدد سان تعمير ڪيو ويندو. 1125 ڪلوميٽر ڊگهي منصوبي مان 525 ڪلوميٽرن جو گذر سنڌ صوبي مان ٿيندو آهي. نيشنل هائي وي جي چيئرمين شاهد اشرف تارڙ وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته نيشنل هائي وي جي مرمت جو ڪم معياري ڪيو ويندو ۽ هلندڙ سال ڊسمبر ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندا.

    وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جيڪارڪردگي بهتر آهي ۽ اها ڳالهه آئون اعتماد سان چوان ٿو، ترقياتي فنڊز جي استعمال جي حوالي سان اسان جي ڪارڪردگي ٻين صوبن کان بهتر آهي، ترقياتي فنڊز جي استعمال جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر آهي، 185 ارب رپين جي سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) مان 31 مارچ 2014ع تائين 105 ارب رپيا جاري ڪيا ويا ۽ انهن مان 74 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. اسان گذريل جولاءِ مهيني کان ئي ترقياتي فنڊ جاري ڪرڻ شروع ڪيا هئا، جڏهن ته اڳ ۾ اها روايت هئي ته ترقياتي فنڊ مالياتي سال جي آخر ۾ مئي ۽ جون ۾ جاري ٿيندا هئا. هن چيو ته اسان ڊسمبر 2013ع تائين 130 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪري ورتيون آهن، 30 جون 2014ع تائين 525 اسڪيمون مڪمل ٿي وينديون.
     
  2. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته غير معياري ديک بال جي سبب هڪ طرف نيشنل هائي وي جي هڪ سائيڊ کي خراب ڪيو پيو وڃي ته ٻي سائيڊ مرمت جو ڪم جاري آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو