غزل حبيب لغاري هي سور ۽ صدما آ بس روز روئڻ منهنجو

ڪهڙو ته ڏسيان پيارا ڪهڙو آ جيئڻ منهنجو

جيون آ بڻيو منهنجو بس راند بلورن جي
سڀ سور کٽي ويندا مشڪل ٿي کٽڻ منهنجو

آ تار لڳي تنهنجي ٿيا تار وڇوڙا هن
مان تار تري سگھندس مشڪل ٿي ترڻ منهنجو

هي درد جي ڦڙ ڦڙ ڀي، ٿي جھوري جندڙي کي
ڄڻ ريت جو گھر آهيان اچ ڏس تون ڀُرڻ منهنجو

جيئن ڪڻڪ پچي اُس تي تيئن درد پچائن ٿا
ڏس منهن ته ڪڪو پيارا ٿيو ڪيئن آ پچڻ منهنجو
 
Back
Top