جيو نيوز جي بريڪنگ نيوز ۾ 3 مظلوم فلسطيني جي شهادت جي خبر ٻڌم سنگت سچ پڇو ته زندگي ۾ پهريون دفعو اڄ احساس محرومين جي ور چڙيم، ذهن ۾ اهو ّخيال آيو ته اسرائيل جي ان جارحيت تي اسان مسلمان، عرب ليگ، U.N.O ۾ ڇو چپ آهيون ڇا اسان جا احساس ء همدردي پنهنجي فلسطيني ڀائرن لاء صرف ء صرف فيس بڪ جي پروفائل پڪ ء ڪور فوٽو مٽائڻ تائين ۾حدود آهي، اسرائيل جي ان جارحيت ء معِصومن جي قتل عام تي انسانيت جا علمبردار ڇو چپ آهن، هن وقت تائين 208 بي گناه شهيد ٿي چڪا آهن، اسلامي ڪانفرنس جا مسلمان نمائندا ڪٿي آهن..؟ ڇو اقوام متحدا ۾ انسانيت جا علمبردار چپ آهن، اسلامي ملڪن م ڪٿي به ٻڌي نطر نه پئي اچي عراق ء شام تباهي جي ڪناري تي آهن. مصر بربادي جي ڪناري تي آهي،،اسان مسلمانن جي لاء حيرت جي ڳاله اها ته اسان جو پهريون ڪعبو بيت المقدس به اسرائيل جي قبِِضي ۾ آهي...اسان جي مقدس جاين تي يهودين جو قبضو آهي...... هي وقت صرف ء ِصرف اسرائيل ء ان جي اتحادين جي خلاف آواز بلند ڪرڻ جو آهي،،اچو ته سڀ ملي ڪري اسرائيل جي ان جا رحيت خلاف پنهنجو آواز بلند ڪيون.....!! رب سائين کان اها دعا آهي اسرائيل جنهن جي گاديء جو هنڌ يروشلم آهي ان دهشتگرد ملڪ کي رب سائين نيست و نابوت ڪري انهن يهود ء نسارا جي شر کان امت کي الله سائين محفوط رکي...فلسطين جي غيب مان مدد عطا فرمائن.....آمين
اسرائيلين جي آبادي 60 لک، ايراضي به صفا ننڍي ۽ چوڌاري 13 اسلامي ملڪ ... انهن جي آبادي به ڪروڙن ۾ ... پر اصل ڳالهه اها آهي ته اسان جا حڪمران عياش ۽ فرعون آهن. انهن سڀني جو سردار سعودي عرب آهي، جتي آمريڪي اڏا موجود آهن. مسلمان ملڪن جي هڪ سنجيده ميٽنگ به گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي ...... پر ڪاش هو مسلمان ۽ مومن بڻجن
سائين اسرائيل جو وڏو ساٿي آمريڪا آهي جيڪو اسرائيل جي حملن کي به جائز ڏئي رهيو آهي ۽ بانڪين مون چوي ٿو ته فلسطين اسرائيل کي ملڪ تسليم ڪري ، يعني اسرائيل سان يورپ جا ملڪ گڏ آهن پر فلسطين سان شايد ڪو به ملڪ گڏ ناهي ، جيڪي زباني طور مذمت ڪري رهيا آهن انهن جي مذمت تي ڪو به اثر نٿو پوي ، خدا ئي انهن مظلومن جي مدد ڪري ، آمين
نه هاٿهون مين جنبش نه پاون مين زور خدا تيري دشمن سي ڪيسي هم لڙين بس دعا ڪرتي هين هم ليٽي ليٽي ڪه الله ڪري جرمن ڪي توپون مين ڪيڙي پڙين صبا اڪبر آبادي