نظمِ سنڌ ساحر راهو

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ اسلم سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2014۔

  1. اسلم سومرو

    اسلم سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مارچ 2014
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    139
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]

    ٻُڌايو سامراج کي!
    سُري لڳل سماج کي
    اسان ڏي ميري اک سان
    ڏسي نه چئو حجاج کي
    سِرائي ساري سنڌ آ
    ٻچو ٻچو آ روپلو
    سڳوري سنڌ دوستو
    اُجاڙ رُڃ ۾ پيل
    بنا ڪفن، نه لاش آ
    پٽين جنهن جي ماس کي
    ڪُتا ڳجھون ۽ لومڙيون
    صدين جي ناز سان پليل
    حسين ڪائنات ۾
    عظيم تر آ هي خطو
    سڳوري سنڌ دوستو
    مڪان ميڻ جو اٿئي
    نه باھ سان تون راند ڪر
    لباس شيشي ۾ نه تون
    چرين سان هٿ چراند ڪر
    پُراڻي دل جي راک مان
    دٻيل دٻيل ٻي خاڪ مان
    ٻري سگھي ٿو مچ ڪو
    سڳوري سنڌ دوستو
    صدين جي ارتقا ثمر
    کڻي هلي ٿي همسفر
    رڳو نه رگويد ۾
    مهان سنڌ جو ذڪر
    ازل کان هن جهان کان
    زمان ۽ مڪان کان
    خدا وٽان آ معجزو
    سڳوري سنڌ دوستو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو