ساٿيو! آئون فائرفوڪس برائوزر يوز ڪريان ٿو. ڪابه ويب سائيٽ کوليان ٿو ٻه ٽي خدا ڪارڻ وارا ويب پيج پاڻهي کليو وڃن ان کي بند ڪري ڇڏ ٿوري دير کان پو وري کليو وڃن. اهو مسئلو مون هڪ سان نه پر گهڻن دوستن سان هوندو انهن مان جند ڪئين ڇڏائجي.
پهريان ايڪسٽينشن چيڪ ڪريو جيڪڏهن ڪو فضول ايڪسٽينشن آهي ته خارج ڪريوس. پوءِ ڪنٽرول پئنل جو غور سان جائزو وٺو. ڏسو ته ڪا اهڙي شئي انسٽال انهي ٿيل جيڪا بي خبري ۾ ٿي وئي هُجي. اها ختم ڪريو. آخري آهي ملواري بائٽس ٽورينٽ تان ڊائونلوڊ ڪري پي سي اسڪين ڪري پوءِ اهو سافٽويئر رموو ڪريو.
برائوزر ۾ خدا ڪارڻ نيون ٽيب کُلڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته توهان وٽ برائوزر ريفريش ناهي ٿيل. برائوزر مان فالتو ايڪسٽينشن کي ختم ڪريو ۽ برائوزنگ هسٽري ڊليٽ ڪريو. ادا عبدالحفيظ وارو ٻڌايل ڏَس تي عمل ڪريو.
ادا عبيدالله۽ حفيظ مهرباني مونکي به ائين ئي لڳي ٿو . browsersec وارو جيڪو يو ٽيوب کي هلائي ٿو اهو پاڻ سان خداڪارڻ وارا پيج کڻي آيوآهي ڪجهه ٻيا به ايڪسٽينشن به انسٽآل ٿيل آهين. ٻڙي ٿو ڏيانس.
ادا مون سڀ ايڪسٽينشن ختم ڪيا. ان اهو به هو هاڻ اها پڪ نه آهي ته توهان واري browsersec سان اهي پيج گڏ هئا ڪي نه. ٿي سگهي ٿو نه هجي.