• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سمورن سنڌي سورمن کي ڀيٽا۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
سائنڻ عابده جو ڳايل هي گيت محترم آفتاب احمد چانڊيو جي وڊيوز تان مليو۔۔۔ خوبصورتي سان ڀيٽا ڏيندي شاعر پنهنجي لفظن کي لکن جو ملهه ڏنو آهي۔۔۔ مٿان وري سائنڻ جو آواز ۽ خوبصورت ايڊيٽنگ ۔۔۔

اهو ئي سبب آهي جو سنڌي امر شخصيتن کي ڀيٽا ڏيندي هي گيت انهن سمورين شخصيت کي ڊيليگيٽ ڪريان ٿو جيڪي هن وڊيوز ۾ موجود آهن۔۔۔۔

[fv]121402067875366[/fv]​
 
جواب: سمورن سنڌي سورمن کي ڀيٽا۔۔۔

اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي
ته ماڻيندا منزل، پنهنجا ڍول ڍاٽي۔

مرڻ وارا ڪهڙي ڪهڙي سفر ۾ مئا آهن ۔۔۔ هاڻ اسانکي ڪهڙي منزل حاصل ۡڪرڻي آهي؟ اهو هڪ اهم سوال آهي ۔۔۔ ۽ انجو جواب ڳولهڻو پوندو ۔۔۔
هي گيت پڻ انهن انقلابي گيتن منجهان آهي جو ٻڌڻ سان هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ٿي ۽ دل چوي ٿي ته جيڪر هاڻ ئي منزل ڏانهن ڌوڪجي ۔۔۔ يا ته انهن انسانن سان وڃي ملبو جي مرڻ کانپوءِ به جيئرا آهن يا وري غازي ٿي پاڻ ملهائبو ۔۔۔
يا الله، نصرت جا دروازا کول ۽ سنڌي قوم جي ڇوٽڪاري جو ڪو سبب پئدا ڪر ۔۔۔ بيشڪ الله ئي هر شئي تي قادر آهي ۔۔۔
 
Back
Top