• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امير ماڻهو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
اردو مان سنڌي ڪيو آهي ڪا غلطي هجي ته ايڊمن کي گذارش آهي ته صحيح ڪري ڇڏي...

هڪ ڏينهن هڪ امير ماڻهو پنهنجي ڌيءَ کي هڪ ڳوٺ وٺي آيو،
جيئن اهو ڏيکاري سگهي ته غريب ماڻهو ڪيئن هوندا آهن.

انهن هڪ غريب خاندان سان گڏ ان جي گهر ۽ ٻنيءَ ۾ وقت گذاريو.
واپسي تي پيءُ پنهنجي ڌيءَ کان پڇيو، تو ڏٺو ته غريب ماڻهو ڪيئن گذر ڪندا آهن، تو انهن مان ڇا سبق سکيو؟
ڌيءَ جواب ڏنو، بابا اسان جي گهر ۾ تالاب آهي ۽ هنن وٽ دريا آهي.
اسان جي گهر ۾ رات جوبجليءَ جا بلب چمڪندا آهن ۽ هنن وٽ تارا.
اسان کاڌو خريد ڪندا آهيون ۽ هي کاڌو پوکيندا آهيون.
اسان جي حفاظت لاءِگهر جون وڏيون وڏيون ديوارون آهن ۽ هنن جي حفاظت لاءِ انهن جا دوست آهن.
اسان وٽ انسائيڪلو پيڊيا آهي ۽ هنن وٽ قرآن آهي.
بابا توهان جي وڏي مهرباني اهو ڏيکارڻ لاءِ ته اسان ڪيڏا نه غريب آهيون.
......
نتيجو: صرف دولت ئي انسان کي امير نه بنائيندي آهي، پر سادگي ۽ الله تي يقين انسان کي امير بنائي ٿو....
 
Back
Top