پنجن اڀرندڙ طاقتن"”مني آءِ ايم ايف“ جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    برازيليا (ع آ نيوز) برازيل، روس، ڀارت، چين ۽ ڏکڻ آفريڪا تي ٻڌل دنيا جي پنجن اڀرندڙ معاشي طاقتن عالمي مالياتي اداري سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ ”مني آءِ ايم ايف“ جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب پنجن ملڪن جي اڳواڻن گڏيل طور هن نئين اداري جي قيام جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ معاشي بحران سان منهن ڏيڻ ۽ آءِ ايم ايف جو اثر گھٽ ڪرڻ آهي. شروعاتي طور ”مني آءِ ايم ايف“ لاءِ سيڙپڪاري جو ٽارگيٽ 50 ارب ڊالر رکيو ويندو، جيڪو 100 ارب ڊالر تائين وڌايو ويندو. پنجن ئي ملڪن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته مالياتي اداري جو هيڊڪوارٽر شنگھائي ۾ ٺاهيو ويندو جڏهن ته ان جي صدر جو تعلق ڀارت سان هوندو ۽ پهريون بورڊ جو اڳواڻ برازيل مان هوندو. معاهدي موجب پنج ئي ملڪ برابريءَ جي بنياد تي سيڙپ ڪندا. برازيل جي اتر اوڀر شهر فارٽيلزا ۾ تقريب دوران برازيل جي صدر ڊيلماروسوف مني آءِ ايم ايف جي قيام جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو ته موجوده معاشي نظام کي صحيح طرف وٺي وڃڻ لاءِ هي هڪ اهم قدم آهي. روسي صدر ولادي مير پيوٽن به معاهدي کي نئين معاشي ڏکيائين سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مضبوط طريقو قرار ڏنو. ان موقعي تي چيني صدر جنپنگ چيو ته عالمي سطح تي معاشي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسان کي ترقي پذير ملڪن کي نمائندگي ڏيڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو چوڻ آهي ته اسان کي هاڻي پرامن ۽ مستحڪم دنيا لاءِ گڏ ٿي ۽ واضح موقف سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    ٻين ملڪن جي طاقتور ٿيڻ ۾ اڃان وقت لڳندو پر هاڻي امريڪا کان پوع روس جي عروج جو وقت اچي ويو آهي.جيڪو هر مسئلي تي امريڪا کي سڌي ڌمڪي ڏئي ٿو. شام ملڪ جو پاسو کنيئين ته سڄي دنيا گڏجي ان کي ڪجه نه ڪري سگهي. يوڪرائين جو اڌ حصو کائي ويو ۽ ڳيت ئي نه ڏنئين يورپ ۽ امريڪا وارا ويچارا ڏسندا رهجي ويا.هاڻي ٻين يورپي ۽ پراڻي سوويت يونين جي رياستن جو وارو آهي جهڙوڪ بيلاروس،جورجيا،ايسٽونيا. ٻيا ڪيترائي يورپي ملڪ نئين ۽ اڀرندڙ روس کان خوفزدا آهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    انهن پنجن طاقتن ۾ آمريڪا جو نالو ئي ڪونهي ، جنهن شيءِ جو عروج هوندوآ ، انجو زوال به ته ايندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو