منصور سرور
سينيئر رڪن
برازيليا (ع آ نيوز) برازيل، روس، ڀارت، چين ۽ ڏکڻ آفريڪا تي ٻڌل دنيا جي پنجن اڀرندڙ معاشي طاقتن عالمي مالياتي اداري سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ ”مني آءِ ايم ايف“ جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب پنجن ملڪن جي اڳواڻن گڏيل طور هن نئين اداري جي قيام جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ معاشي بحران سان منهن ڏيڻ ۽ آءِ ايم ايف جو اثر گھٽ ڪرڻ آهي. شروعاتي طور ”مني آءِ ايم ايف“ لاءِ سيڙپڪاري جو ٽارگيٽ 50 ارب ڊالر رکيو ويندو، جيڪو 100 ارب ڊالر تائين وڌايو ويندو. پنجن ئي ملڪن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته مالياتي اداري جو هيڊڪوارٽر شنگھائي ۾ ٺاهيو ويندو جڏهن ته ان جي صدر جو تعلق ڀارت سان هوندو ۽ پهريون بورڊ جو اڳواڻ برازيل مان هوندو. معاهدي موجب پنج ئي ملڪ برابريءَ جي بنياد تي سيڙپ ڪندا. برازيل جي اتر اوڀر شهر فارٽيلزا ۾ تقريب دوران برازيل جي صدر ڊيلماروسوف مني آءِ ايم ايف جي قيام جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏيندي چيو ته موجوده معاشي نظام کي صحيح طرف وٺي وڃڻ لاءِ هي هڪ اهم قدم آهي. روسي صدر ولادي مير پيوٽن به معاهدي کي نئين معاشي ڏکيائين سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مضبوط طريقو قرار ڏنو. ان موقعي تي چيني صدر جنپنگ چيو ته عالمي سطح تي معاشي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسان کي ترقي پذير ملڪن کي نمائندگي ڏيڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو چوڻ آهي ته اسان کي هاڻي پرامن ۽ مستحڪم دنيا لاءِ گڏ ٿي ۽ واضح موقف سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
