پاڻي جو وڻ

'مختلف موضوع' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    پاڻي جو وڻ
    ڪرشن چندر/ اختر حفيظ

    هي ننڍي کنڊ جي عظيم ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر جي ڪهاڻي آهي. جيڪا هڪ اهڙي ڳوٺ جي ڪهاڻي آهي، جتي درياهه سڪي ويندو آهي. ۽ ڳوٺاڻا انهي درياهه جي پاڻي کان محروم ٿي ويندا آهن. ڪهاڻي پڙهڻ کان پو ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته هي ڪهاڻي سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ڪهاڻي هجي. ڳوٺاڻا مٺي پاڻي لا ڪيئن پريشان ٿيندا آهن، اهو سڀ ڪجهه پڙهڻ وٽان آهن...
    .....................
    جتي اسان جو ڳوٺ آهي انهي جي ٻنهي پاسي جبلن جا رکا سکا پٿرن وارا سلسلا آهن. اوڀرندي جبلن جو سلسلو بلڪل لسو آهي. انهي ۾ لوڻ جون کاڻيون آهن. اولهندي جابلو سلسلي جي منڍ ۾ ٻهيڪڙ، املتاس ۽ ٻٻر جا وڻ ڦٽي آيا آهن. انهن جون چوٽيون ڪاريون آهن پر انهن ڪارين چوٽين ۾ مٺي پاڻي جا به قيمتي جهرڻا آهن ۽ انهن جابلو سلسلن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ٽڪري تي اسان جو ڳوٺ آباد آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ پاڻي تمام گهٽ آهي. جڏهن کان مون هوش سنڀاليو آهي مون پنهنجي ڳوٺ جي آسمان کي ڪڙهندي ڏٺو آهي، هتان جي زمين کي سهڪندي ڏٺو آهي ۽ ڳوٺاڻن جي محنت ڪندڙ هٿن ۽ چهرن تي هڪ اڻ مٽندڙ ڀوري رنگ جي چمڪ ڏٺي آهي جيڪا صدين کان ناآسودي اًڃ جي ڪري جنم وٺندي آهي. اسان جي ڳوٺ جا گهر ۽ آسپاس جي زمين بلڪل ڀوري ۽ سڪل نظر ايندي آهي. زمين ۾ جيڪو ٻاجهر جو فصل ٿيندو آهي انهي جو رنگ به ڀورو آهي. بلڪه ڪاراڻ وارو آهي. اهو ئي اسان جي ڳوٺ جي هارين ۽ انهن جي ڪپڙن جو حال آهي. فقط اسان جي ڳوٺ جي عورتن جو رنگ سونهري آهي ڇاڪاڻ ته اهي جهرڻي جو پاڻي آڻينديون آهن.
    ننڍپڻ کان ئي منهنجون ساروڻيون پاڻي جون ساروڻيون آهن. پاڻي جو سور ۽ انهي جي خوشي جو ملڻ ۽ وڃائجي وڃڻ. هي سينو انهي جي فراق جي ٿلهه ۽ انهي جي وصال جي تاخير سان ڀريل آهي. مون کي ياد آهي ته جڏهن آئون ننڍڙو هئس ته مون واري ڏاڏي سان گڏ ڀر واري ڳوٺ جي ٽڪري کان هيٺ وهندڙ رويل درياهه ڪناري ڪپڙا ڌوئڻ ويندو هئس. ڏاڏي ڪپڙا ڌوئيندي هئي، آئون انهي کي سڪائڻ لا درياهه ڪناري چمڪندڙ ڀوري واري تي انهن کي رکي ڇڏيندو هئس. انهي درياهه ۾ پاڻي تمام گهٽ هو اهو تمام هڪ سنهڙو درياهه هو. آهستي هلندڙ اسان جي سردار پيندا خان جي ڇوڪري بانو جيان. مون کي انهي درياهه سان کيڏڻ ۾ ايترو ئي مزو ايندو هو. جيترو بانو سان کيڏڻ ۾. انهن ٻنهي جي مرڪ مٺي هئي ۽ مٺاڻ جو قدر اهي ئي ماڻهو ڄاڻي سگهن ٿا جيڪي مون وانگر لوڻ جي کاڻ ۾ ڪم ڪندا آهن. مون کي ياد آهي ته اسان جو رويل درياهه سال ۾ فقط ڇهه مهينا وهندو هو ۽ ڇهه مهينن لا سڪي ويندو هو. جڏهن چيٽ جو مهينو موڪلائڻ لڳندو هو ته درياهه ۾ سوڪهڙو شروع ٿي ويندو هو ۽ جڏهن ويساک ختم ٿيڻ لڳندو هو ته بلڪل به سڪي ويندو هو. پو انهي جي تري ۾ ڪٿي ڪٿي ننڍا ننڍا نيرا پٿر رهجي ويندا هئا يا نرم نرم گپ جنهن ۾ هلڻ تي ائين لڳندو هو ڄڻ ريشمي غاليچي تي ماڻهو گهمي رهيو هجي. ڪجهه ڏينهن ۾ ئي درياهه جي گپ به سڪي ويندي هئي ۽ درياهه جي چهري تي سنهڙين ليڪن ۽ سرن جو ڄار ڦهلجي ويندو هو ڪنهن محنتي هاري جي چهري وانگر انهي جي چپن تي خشڪ کلون ڄمي وينديون هيون ۽ ائين لڳندو هو ته انهي جي گرم واري سالن تائين پاڻي جو ڦڙو نه چکيو هجي.
    مون کي ياد آهي ته پهريون ڀيرو جڏهن درياهه کي انهي ريت سڪندي ڌٺو هو ته آئون وياڪل، بي چين ۽ ڳڻتي ۾ وٺجي ويو هئس ۽ رات جو سمهي به نه سگهيو هئس، انهي رات مون کي ڏاڏي گهڻي دير تائين هنج ۾ ويهاري عجيب عجيب آکاڻيون ٻڌائيندي رهي ۽ سڄي رات ڏاڏي جي هنج ۾ مٿو رکي ستي ستي مون کي رويل درياهه جون تمام گهڻيون وڻندڙ ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. انهي جو آهستي آهستي ڀٿرن سان ٽڪرائجي هلڻ ۽ پٿرن جي وچ ۾ انهي جو تيز ٿيڻ ۽ نٽائي هلڻ جيئن ڪڏهن ڪڏهن بانو ڪاوڙ ۾ گهٽي جي موڙ تي تيزي سان نڪري ويندي آهي ۽ جتي ٻه پٿر هڪٻئي جي تمام ويجهو هئا اتي آئون ۽ بانو ٻاجهر جي ڏنڊين جي ٺهيل پن چڪي لٽڪائي ڇڏيندا هئاسين. چڪي درياهه جي آهستي وهڪري جي باوجود به ڪيئن تيز چڪر لڳائي گهمندي هئي ۽ هاڻ اهو درياهه سڪي ويو آهي. انهن سمورين ڳالهين کي ياد ڪري مون ڏاڏي کان پڇيو ته
    ”ڏاڏي هي اسان جو درياهه ڪيڏانهن هليو ويو؟”
    ”ڌرتي اندر لڪي ويو؟“
    ”ڇو؟“
    ”سج جي ڊپ کان“
    ”ڇو؟ اهو سج کان ڇو ڊڄندو آهي؟ سج ته تمام سٺو آهي.“
    ”سج هڪ نه پٽ ٻه آهن، هڪ ته سياري جو سج آهي اهو ته تمام سٺو ۽ مهربان هوندو آهي. ٻيو سج گرمين جو آهي اهو تمام تيز چمڪدار ۽ ڪاوڙ وارو هوندو آهي، ۽ اهي ٻئي واري واري سان هر سال اسان جي ڳوٺ ۾ ايندا آهن. جيستائين سياري جو سج رهندو آهي ته اسان جو درياهه انهي مان تمام گهڻو خوش هوندو آهي پر جڏهن گرمين جو ظالم سج ايندو آهي ته اسان جي درياهه جي جسم جو ويس لاهڻ شروع ڪندو آهي. هر ڏهاڙي ڪپڙي جو هڪ تاڪيو لهندو ويندو آهي ۽ جڏهن ويساک جو آخري ڏينهن ايندو آهي ته درياهه جي جسم تي پاڻي جي هڪ سنهڙي چادر رهجي ويندي آهي ۽ رات جو اسان جو درياهه شرم وچان زمين ۾ لڪي ويندو آهي ۽ انتطار ڪندو آهي ته سياري جو سج انهي لا ايندڙ سال پاڻي جي نئين پوشاڪ آڻيندو.“
    مون اک ڇنڀيندي چيو، ”سچي به گرمين جو سج تمام خراب هوندو آهي.“
    ”ٻچا هاڻ سمهي رهو.“
    پر مون کي ننڊ نه اچي رهي هئي. انهي ڪري مون هڪ ٻيو سوال پڇيو ”ڏاڏي اهو اسان جي لوڻ واري ٽڪري جو پاڻي ڇو کارو آهي.“ اسان جي ڳوٺ ۾ ٻار پاڻي جي باري ۾ تمام گهڻا سوال ڪندا آهن. پاڻي انهن جي تخيل کي سدائين اڪسائيندو رهيو آهي. ٻئي ڳوٺ ۾ جتي پاڻي تمام گهڻو هوندو آهي اتي ڇوڪرا شايد سون جا ٻيٽ ڳوليندا هوندا يا پرستان جو رستو ڳوليندا هوندا پر اسان جي ڳوٺ ۾ ٻار هوش سنڀاليندي ئي پاڻي جي ڳولا ۾ نڪري پوندا آهن ۽ ٽڪري تي، جبل تي ۽ پري پري تائين پاڻي ڳولڻ جي راند ڪندا آهن. مون به ننڍپڻ ۾ پاڻي جي ڳولا ڪئي هئي ۽ لوڻ جي جبلن ۾ پاڻي جا ٻه ٽي جهرڻا ڳوليا هئا. مون کي اڄ تائين ياد آهي ته مون ڪيڏي اڪير سان ۽ خوشي سان اهي جهرڻا ڳوليا هئا، ڪهڙي ريت ڏڪندڙ هٿن سان مون ٽڪرين جي وچ ۾ هڪ حرڪت ڪندڙ پاڻي کي پنهنجي ننڍين ننڍين آڱرين جو سهارو ڏئي ٻاهر ڪڍيو هو ۽ جڏهن مون پهريون ڀيرو انهي کي پنهنجي ٻڪ ۾ ڀريو ته پاڻي منهنجي هٿن ۾ ائين ڏڪي رهيو هو ڄڻ ڪا گرفتار جهرڪي ٻار جي هٿن ۾ ڏڪندي آهي، پر جڏهن انهي کي ٻڪ ۾ ڀري زبان تائين آندو ته مون کي ياد آهي ته منهنجي ڏڪندڙ خوشي ڪيئن نه تلخ وڇون ۾ تبديل ٿي وئي هئي. پاڻي زبان تي ويندي ئي وڇون وانگر ڏنگ هنيو هو ۽ انهي جي زهر منهنجي روح کي ڪڙو ڪري ڇڏيو. مون پاڻي ٿڪي ڇڏيو ۽ وري ڪنهن نئين جهرڻي جي ڳولا ۾ نڪري پيس پر لوڻ جي جبلن ۾ مون کي اڄ تائين مٺو جهرڻو نه مليو. انهي ڪري جڏهن درياهه سڪڻ لڳو ته مٺي جهرڻي جي ياد مون کي بي چين ڪري ڇڏيو ۽ مون ڏاڏي کان پڇيو:
    ”ڏاڏي هي لوڻ جي جبل جو پاڻي کارو ڇو هوندو آهي؟“
    ڏاڏي چيو ته ” ابا اها ته هڪ ٻي آکاڻي آهي.“
    ”ته ٻڌائي نه“
    ”نه هاڻي سمهي رهو“ مون رڙ ڪئي ”نه ٻڌائي.“
    ”چڱو بابا ٻڌايان ٿي پر هاڻ تون رڙيون نه ڪندين.“
    ”نه“
    ”۽ وچ ۾ به نه ڳالهائيندين“
    ”نه”
    ”چڱو هاڻ ٻڌ، هي جيڪا تون هن پاسي لوڻ جي ٽڪري ڏسين ٿو اها پراڻي زماني ۾ هڪ عورت هوندي هئي جيڪا هن جبل جي زال هئي، جتي اڄڪلهه مٺي پاڻي جو جهرڻو آهي“. ”پو“؟
    ”پو هڪ ڏينهن ديوتائن ۾ هڪ وڏي جنگ لڳي وئي ۽ سامهون جبل به انهي عورت جو مڙس هو، جنگ ۾ ڀرتي ٿي ويو ۽ زال کي پويان ڇڏي ويو ۽ انهي کي چئي ويو ته هن جي اچڻ تائين هو ڪيڏانهن به نه وڃي نه ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري فقط پنهنجي گهر ۾ ويٺي هجي.“
    ”هون“
    ”ها! پو ڪئين سالن تائين زال پنهنجي ديو مڙس جو انتظار ڪندي رهي پر انهي جو مڙس جنگ تان نه موٽيو، آخر هڪ ڏينهن هن جي گهر ۾ هڪ اڇو ديو آيو ۽ انهي تي عاشق ٿي ويو.“
    ”عاشق ڇا هوندو آهي؟“
    ڏاڏي بيهي رهي، چوڻ لڳي ”تو وري ٽوڪيو،“ مون دل ۾ سوچيو ته ڏاڏي جيڪڏهن ڪاوڙجي وئي ته باقي رهيل آکاڻي ٻڌڻ لا نه ملندي ۽ آکاڻي هاڻ وڌيڪ دلچسپ ٿيندي پئي وڃي، انهي ڪري ماٺڙي ڪري ٻڌڻ گهرجي. عاشق جي معنى پو ئي پڇي وٺندس. انهي ڪري مون سوچي ڏاڏي کي چيو ته ”چڱو چڱو ڏاڏي اڳيان ٻڌائي هاڻ وچ ۾ نه ٽوڪيندس.“
    ڏاڏي رکائي ۾ ائين رسي وئي ڄڻ هن کي آکاڻي جو اڳيون حصو وڻندو نه هجي. چوڻ لڳي ته”ٿيڻو ڇا هو، اولهندي جبل تي زال بيوفا نڪتي، جڏهن انهي کي اڇي ديو ڪوڙي طريقي سان يقين ڏياريو ته انهي جو پهريون مڙس ديوتائن جي جنگ ۾ مارجي ويو هو ته هن اڇي ديوي سان شادي ڪري ورتي.“
    ”ديوتائن جي جنگ ڇو ٿيندي هئي؟“ منهنجي منهن مان بي اختيار نڪري ويو.
    ”تو وري ٽوڪيو“ ڏاڏي تمام گهڻي ڪاوڙجي وئي.
    ”هل هاڻي اڳيان نه ٻڌائينديس.“
    ”نه ڏاڏي منهنجي پياري ڏاڏي، چڱو هاڻي بلڪل به نه ٽوڪيندس“ مون منٿ ميڙ ڪندي چيو.
    ”پو هڪ ڏينهن کوڙ سارن سالن کانپو هڪ پوڙهو ديوداس ماٿري ۾ آيو، اهو انهي مائي جو پهريون مڙس هو، جڏهن هن پنهنجي زال کي اڇي ديو سان گڏ ڏٺو ته انهي کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ۽ هن ڪهاڙو کڻي اڇي ديو ۽ پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن کان انهن ڏينهن ۾ ديوئن کي وڏي پير جي پٽ ملي آهي ۽ اهي ماڻهو سر ڀٿر ٿي ويا. سامهون واري جبل جو پاڻي ان ڪري مٺو آهي جو هن کي پنهنجي گهرواري سان سچو پيار هو. انهي جي مقابلي ۾ جبل جو پاڻي کارو آهي ۽ انهي ۾ لوڻ آهي ڇاڪاڻ ته اها عورت آهي ۽ پنهنجي بيوفائي تي هر وقت روئيندي رهندي آهي ۽ جڏهن هن جا لڙڪ سڪي ويندا آهن ته لوڻ جا ڳنڍا بڻجي ويندا آهن جن کي روزانو تنهنجو پي جبل جي اندران کوٽي ڪڍندو آهي.“
    ”پو؟“
    ”پو ڪهاڻي ختم“
    ڪهاڻي ختم ٿي وئي ۽ آئون وسري ويس ته ڪهڙو سوال پڇيو هئم. مون کي ڪهڙو جواب مليو، مون ڪهاڻي ٻڌي ورتي ۽ اطمينان جو ساهه کنيو ۽ اک ڇنڀ ۾ سمهي رهيس، سمهندي سمهندي منهنجي اکين جي سامهون لوڻ جي کاڻ جا منظر آيا، جتي منهنجو بابو ڪم ڪندو هو. جتي جوان ٿي مون کي ڪم ڪرڻو پيو ۽ جتي پهريون ڀيرو آئون امان سان پنهنجي بابا لا ماني کڻي ويو هئس، اها ڪيتري وڏي کاڻ هئي جتي چئني پاسي لوڻ جا جبل، لوڻ جا ٿنڀ، لوڻ جون آرسيون، لوڻ جي ڀتين ۾ لڳيون پيون هيون. هڪ جا تي لوڻ جي آبي ڍنڍ هئي. جنهن جي چئني پاسي نيري رنگ جون ڀتيون هيون ۽ ڇت به لوڻ جي هئي جنهن مان ڦڙو ڦڙو ٿي لوڻ جو پاڻي ٽمي رهيو هو ۽ هيٺ ڪري ڍنڍ بڻجي ويو هو ۽ اوچتو مون کي خيال آيو ته انهي عورت جا لڙڪ جيڪي وڏي پير جي پٽ سان لوڻ جو جبل ٿي چڪا آهن، منهنجي بابا انهي ڍنڍ کي ڏسي چيو ”هتي ايتري قدر پاڻي آهي پر پو به پاڻي ڪٿي نٿو ملي، سڄو ڏينهن لوڻ جي کاڻ ۾ ڪم ڪندي ڪندي سڄي جسم تي لوڻ جو سنهڙو ليهه چڙهي ويندو آهي جنهن کي رڳڙجي ته لوڻ چورو چورو ٿي ڪرڻ لڳندو آهي. انهي وقت ڪهڙي نه وحشت ٿيندي آهي..دل چوندي آهي ته ڪٿي مٺي پاڻي جي ڍنڍ هجي ۽ ماڻهو انهي ۾ ٽٻيون هڻي.“
    پاڻي پاڻي!
    پاڻي سموري ڳوٺ ۾ ڪٿي به نه هو. پاڻي لوڻ جي جبل تي به نه هو. پاڻي هو ته سهي پر سامهون جبلن تي جنهن جي محبت بيوفائي نه ڪئي هئي يا پاڻي وري رويل درياهه ۾ هو پر اهو درياهه به ڇهه مهينا غائب رهندو هو ۽ پو آخر هڪ ڏينهن اهو بلڪل به غائب ٿي ويو ۽ اڄ تائين انهي جا نيرا پٿر ۽ سڪل واري ۽ انهي جي ڪناري ڪناري هلندڙ عورتن جون نااميد وکون انهي جي راهه تڪينديون رهنديون آهن. پر اها منهنجي ننڍپڻ جي ڪهاڻي نه آهي. جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ گهڻو پري انهن جابلو سلسلن جي ٻئي پاسي سوين ميل جاگير جي مالڪ راجا اڪبر علي خان اسان جي ڳوٺاڻن جي مرضي خلاف رويل درياهه جو وهڪرو موڙي پنهنجي جاگير ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ اسان جي ٽڪري کي ۽ انهي جي ڀرپاسي جي سموري علائقي کي سوڪهڙو، بنجر ۽ ويران ڪري ڇڏيو. انهي وقت درياهه ڪناري اسان جو ڳوٺ ۽ انهي ماٿري جا ٻيا ڳوٺ ڳڻتي ۾ وٺجي ويا، اهڙي ريت اسان لا اسان جو رويل درياهه مري ويو ۽ انهي جو پاڻي به مري ويو ۽ اسان لا هڪ تلخ ياد ڇڏي ويو. مون کي ياد آهي ته انهي وقت ڳوٺاڻن ۽ ٻين ڳوٺن جي ڳوٺاڻن ملي سرڪار کان پنهنجو وڃايل درياهه گهريو هو ڇاڪاڻ ته درياهه ته گهر جي عورت وانگر آهي. اهو گهر ۾ پاڻي ڏيندي آهي، کيتن ۾ ڪم ڪندي آهي، اسان جا ڪپڙا ڌوئيندي آهي، جسم کي صاف رکندي آهي، درياهه جا گيت انهي جا ٻار آهن. جن کي اهو لولي ڏيندي ٿيپڙيندي اولهه جي پينگهه ڏانهن وٺي ويندو آهي، پاڻي کان سوا اسان جو ڳوٺ بلڪل ائين آهي جيئن گهر عورت کانسوا ڳوٺاڻن کي بلڪل ائين لڳندو آهي جيئن انهن جي گهر مان ڪنهن انهن جي ڇوڪري اغوا ڪري ورتي هجي. اهو ئي غم اها ئي ڪاوڙ هئي، اهو ئي نخرا هئا. اهي ئي مرڻ مارڻ جا انداز هئا پر راجا اڪبر خان چڪوال جي علائقي جو سڀ کان وڏو زميندار هو . حڪومت جي آفيسرن سان گڏ هن جو گهرو اثر هو لوڻ جي کاڻ جو ٺيڪو به انهي وٽ هو.
    نتيجو اهو نڪتو ته ڳوٺاڻن کي انهن جو درياهه واپس نه مليو. بلڪه اسان جا ڪيترائي ڳوٺاڻا جيڪي لوڻ جي کاڻ ۾ ڪم ڪندا هئا ٻاهر تڙيا ويا، انهن جو ڏوهه فقط اهو هو ته انهن پنهنجي ڳوٺ ۾ اغوا ٿيل پاڻي واپس ورائڻ جي همت ڪئي هئي. مون کي ياد آهي ته انهي وقت منهنجو بابا ڏڪندي ڏڪندي گهر آيو هو. هن جي چهري جو رنگ اڏامي ويو هو ۽ ذر ذر پنهنجي ڪنن کي هٿ لڳائيندي چئي رهيو هو ته ”توبهن توبهن غلطي ٿي وئي اهو ته رب ڀلو ڪيو جو آئون بچي ويس نه ته راجا صاحب مون کي ڪڍي ڇڏي ها. آئون ته هاڻ راجا صاحب خلاف ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ڪندس ڀلي هو منهنجو پاڻي ته ڇا منهنجي ڇوڪري ئي ڇو نه اغوا ڪري وڃي. توبهن توبهن“
    ۽ اهو به سچ آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ پاڻي جي عزت ڇوڪري وانگر تمام گهڻي قيمتي آهي، پاڻي جيڪو زندگي ڏيندو آهي، پاڻي جيڪو رڳن ۾ رت بڻجي ڊوڙندو آهي، پاڻي جيڪو منهن ڌوئڻ لا نٿو ملي، پاڻي جنهن جي نه هجڻ جي ڪري ڪپڙا گدلا ۽ ميرا رهندا آهن، مٿي ۾ جويون، جسم تي پگهر جا نشان ۽ روح تي لوڻ ڄميل رهندو آهي. اهو پاڻي سون کان وڌيڪ قيمتي آهي ۽ ڇوڪري کان وڌيڪ حسين. انهي جو قدر ۽ قيمت اسان جي ڳوٺاڻن کان پڇو جن جي زندگي پاڻي لا وڙهندي وڙهندي گذري آهي. هڪ ڀيرو جبل تي مٺي جهرڻي مان پاڻي ڀرڻ لا سرور خان جي گهرواري سيدان ۽ ايوب خان جي زال عائشان ٻئي پاڻ ۾ وڙهي پيون، حالانڪه ٻئي پاڻ ۾ ايتريون ته گهريون سهيليون هيون جو هر وقت گڏ رهنديون هيون. پهرين هڪ پهر هڪ پاڻي ڀريندي هئي، واري واري سان ٻئي هڪٻئي جو گهڙو کڻي مٿي تي رکنديون هيون ۽ پو ڳالهيون ڪندي واپس هليون وينديون هيون. پر اڄ خبر نه آهي ڇا ٿيو جو اڄ ٻنهي کي وڃڻ جي جلدي هئي. هڪ چيو ته پهرين پاڻي آئون ڀرينديس ٻي چيو نه پهرين آئون ڀرينديس. شايد ٻنهي کي ڪاوڙ هڪٻئي جي خلاف نه هئي شايد ڪاوڙ انهن کي انهي تي هئي ته هتي مٺي پاڻي جو هڪ ئي جهرڻو هو. جتي درياهه سڪڻ کانپو پري پري کان ٻيا ماڻهو به پاڻي ڀرڻ ايندا هئا.
    اونداهي ۾ ٻئي عورتون گهڙا کڻي هليون وينديون هيون. هتي پهچنديون هيون ته ڊگهي قطار اڳ ۾ ئي لڳي پئي هوندي هئي يا جهرڻي جي منهن تي هڪ اهڙي سنهڙي ڌار کي نڪرندي ڏسنديون هيون ته اڌ ڪلاڪ ۾ مشڪل سان ئي هڪ گهڙو ڀرينديون هيون ۽ ٽن ڪوهن جو اچڻ وڃڻ ڪنهن قيامت کان گهٽ نه هو. ويڙهه جو سبب ڪجهه به هجي پر اصل ويڙهه پاڻي جي هئي، ٻنهي، عورتن جي ڏسندي ئي ڏسندي هڪ ٻئي جا منهن پٽي ورتا، گهڙا ڀڃي ڇڏيا، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا ۽ پو روئينديون پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن ويون. تڏهن سيدان سرور خان کي ڀڙڪايو ۽ عائشان ايوب خان کي.
    ٻئي همراهه ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويا ڪهاڙيون کڻي ٻاهر اچي ويا ۽ انهي کان اڳ جو ماڻهو ڪو بچ بچا ڪن ها ٻنهي ڪهاڙين سان هڪ ٻئي کي ختم ڪري ڇڏيو. شام ٿيندي ئي ٻنهي پاڙيسرين جا لاش کڄاڻا. اسان جي ڳوٺ جي قبرستان جون کوڙ ساريون قبرون پاڻي جون ٺهيل آهن. منهنجي ٻالڪپڻ جي زماني ۾ جڏهن ٻه قتل ٿيا هئا ته انهي وقت سامهون واري جبل تي هڪ مٺي پاڻي جو جهرڻو هو پر پو جڏهن آئون ڪجهه وڏو ٿيس ته هڪ ٻيو جهرڻو به نڪري آيو. انهي نئين جهرڻي جو داستان به عجيب آهي، اها انهي زماني جي ڳالهه آهي جڏهن اسان جي پوٺوهار ۾ سخت ڏڪار پيو هو ۽ گرمي جي ڪري علائقي جون سڀئي شاخون ۽ کوهه سڪي ويا هئا، فقط ڪٿي ڪٿي انهن جهرڻن جو پاڻي رهجي ويو هو. انهن ٻنهي گهرن ۾ عورتون رات جو ٻه وڳي اٿي هليون وينديون هيون ۽ جهرڻن هيٺ سدائين گهڙن جي ڊگهي قطار، جن مان اڃ ۾ مرندڙ ٻارن جون صدائون اينديون هيون.
    انهي زماني ۾ وڏا وڏا ماڻهو نيڪي ۽ خدا کان منڪر ٿي پيا ۽ انهن ماڻهن ۾ سڀن کان ڪنو ڪم زميندار ملڪ خان ڪيو، هن ٿاڻيدار فضل علي سان ملي انهي جهرڻي تي پوليس جو پهرو لڳائي ڇڏيو ۽ پو تپيدار غلام نبي سان ملي جهرڻي جي چوڌاري سموري زمين خريد ڪري رات پيٽ ۾ هڪ چئوديواري ڏياري انهي جي ٻاهران تالو هڻي ڇڏيو. هاڻ انهي جهرڻي مان ڪو ماڻهو بنا موڪل پاڻي نه کڻي سگهندو هو ڇاڪاڻ ته هاڻ جهرڻو زميندار جي ملڪيت هئي ۽ هن انهي جهرڻي مان پاڻي کڻي ويندڙ گهڙن تي پنهنجو ٽيڪس مڙهي ڇڏيو. هڪ گهڙي تي هڪ آنو، ٻن گهڙن تي ٻه آنا تڏهن سموري ڳوٺ ۾ ظلم خلاف گوڙ ٿيڻ لڳو پر پوليس سردار زميندار ملڪ خان جي حمايت ۾ هئي قانون به هن جي پاسي هو ۽ جيڏانهن قانون هوندو هو پاڻي به اوڏانهن هو. انهي ڪري ڳوٺ جا سمورا جوان ۽ جهونا ۽ ٻار گڏجي منهنجي بابا وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا.
    ”چاچا خدا بخش هاڻ تون ئي اسان کي هن مصيبت مان جان ڇڏرائي سگهين ٿو.“
    ”اهو وري ڪيئن؟“منهنجي بابا حيران ٿيندي سوال ڪيو.
    اڇي سونهاري واري جهونڙي حاڪم خان چيو ته ”ياد اٿئه اهو مٺي پاڻي جو جهرڻو جيڪو هاڻ زميندار ملڪ خان جو ٿي ويو آهي. اهو جهرڻو به تو ئي ڳوليو هو. ڇا تون ٻيو جهرڻو نٿو ڳولي سگهين؟ آخر هن جبل جي اندر انهي جي سيني ۾ ٻي ڪنهن جا تي به مٺو پاڻي هوندو جيڪو انسان کي آب حيات بخشي. خدا بخش تون ئي سڀن ۾ ڀڙ آهين. پنهنجو عقل ڊوڙائي اسان تون سان مرڻ مارڻ لا تيار آهيون، ڳوٺ ۾ پاڻي نه آهي ۽ هاڻ پاڻي کپي“.
    مون وارو بابا کٽ تي پٻن ڀر ويٺو هو. انهي وقت رب جو نالو وٺي اٿي کڙو ٿيو. سڄو ڳوٺ هن سان گڏ هو. جبل تي چڙهائي هئي ۽ ڳولا پاڻي جي هئي. فرهاد جي نهر کوٽڻ کان پاڻي جي ڳولا ڏکي آهي. اها ڳالهه مون کي انهي ڏينهن خبر پئي ڇاڪاڻ ته پاڻي سامهون هوندو هو ته اهو ڪنهن پاڇي وانگر جبل جي سرن ۾ وڃائجي ويندو آهي. پاڻي خانه بدوش آهي، اڄ هتي آهي ته سڀاڻي هتي، پاڻي هڪ پرديسي آهي، جنهن جي محبت جو ڪو اعتبار نه آهي. پاڻي جو وجود انهي نازڪ خوشبو وانگر آهي جيڪو تيز اس ۾ اڏامي ويندي آهي.
    انهي پوٺوهار جي علائقي ۾ جتي عورتون باوفا، حيا واريون آهن، پاڻي بيوفا ۽ هرجائي آهي. اهو ڪڏهن به ڪنهن جو نٿو ٿئي. اهو سدائين هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ گهمندو رهندو آهي، بنا پاسپورٽ جي. انهي بيوفا جي ڳولا لا هڪ رنبو نه بلڪه هڪ آئينو گهرجي جنهن جي سامهون جبل جي دل اهڙي ريت هجي جيئن هڪ کليل ڪتاب. آخر ڳوٺاڻن ڪجهه سمجهي منهنجي پي کي انهي ڪم لا چونڊيو آهي، انهي ڏينهن اسين سڄو ڏينهن اوچن جبلن ۾ رلندا رهياسين.
    اسان ڪٿي ڪٿي انهي پاڻي جي ڳولا نه ڪئي هئي، ٻيرين جي گهاٽي ڇانو ۾، ٽڪرين جي گهرين ڏارن ۾، ڪارن ڊڄاريندڙ کوهن ۾، جانورن جي ٻرن ۾. پاڻي جي ڳولا ۾ اسان سمورا پراڻا جهرڻا کوٽائي ڇڏيا پر انهن جي کوٽائي ائين ئي هئي ڄڻ ماڻهو زندگي جي ڳولا ۾ قبرون ڳوليندو هجي، پاڻي ڪٿي به نه مليو. هڪ چور وانگر هن جڳهه جڳهه تي پنهنجا اهڃاڻ ڇڏيا هئا. پر آخر ۾ هو اسان کي دوکو ڏئي غائب ٿي ويندو هو. خبر نه آهي فطرت جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ ويٺو هجي. پنهنجي چاهيندڙن تي کلي رهيو هو. پر ڳوٺاڻن آس نه لاٿي، اهي سڄو ڏينهن منهنجي بابا جي پويان پاڻي جي ڳولا ڪندا رهيا. آخر جڏهن شام ٿيڻ لڳي ته منهنجي پي پگهر اگهي هڪ وڏي دڙي تي بيهي اوڏانهن نظر ڊوڙائي جتي سج لهي رهيو هو. اوچتو ئي هن کي لهندڙ سج جي روشني ۾ ٽڪرين جي هڪ گهري زمين ۾ ساوڪ نظر آئي ۽ چوندا آهن ته جتي سينور جي ساوڪ هجي اتي پاڻي ضرور هوندو آهي سينور پاڻي جو ميڙ آهي ۽ پاڻي هڪ گهمندڙ ڦرندڙ قوم آهي جتي ويندو آهي پنهنجو ميڙ گڏ کڻي ويندو آهي.
    هڪ رڙ ڪري منهنجو پي ترت ئي انهي پاسي لڙيو جنهن پاسي سينور جي ساوڪ هئي، ڳوٺاڻا هن جي پٺيان پٺيان ڀڳا، جلدي جلدي منهنجي پي پنهنجي ننهن سان زمين کي کوٽن شروع ڪري ڇڏيو. زمين جيڪا مٿان کان سخت هئي، هيٺيان نرم ٿيندي آلي ٿيندي هئي. آخر ۾ زور سان پاڻي جو هڪ ڦوهارو مٿي آيو ۽ سوين سڪل نڙين مان سرهائي جو آواز نڪتو: ”پاڻي پاڻي!“
    بابا ڏڪندڙ هٿن سان ٻڪ ۾ پاڻي ڀريو، سموريون نهارون بابا جي منهن تي کتل هيون، سوين دليون ڌڙڪي رهيون هيون، ”اي رب مٺو هجي، اي رب مٺو هجي، اي رب مٺو هجي.“
    بابا پاڻي چکيو” پاڻي مٺو آهي“ بابا خوشي مان چيو.
    ڳوٺاڻن زور سان رڙيون ڪيون، ”پاڻي مٺو آهي.“ سڄي ماٿري ۾ آواز گونجڻ لڳا.”مٺو پاڻي ملي ويو، پاڻي مٺو آهي.“
    سڄي ماٿري ۾ دهل وڄڻ لڳا، عورتون ڳائڻ لڳيون، جوان نچڻ لڳا، ٻار گوڙ ڪرڻ لڳا، ڳوٺاڻڻ جلدي جهرڻو کوٽي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. هاڻ جهرڻو انهن جي وچ ۾ هو ۽ اهي انهي جي چئني پاسي هئا ۽ اهي انهي کي مڙي مڙي اهڙي ريت پيار ڀريل نگاهن سان ڏسي رهيا هئا ڄڻ ما پنهنجي تازي ڄاول ٻار کي ڏسي ڏسي خوش ٿيندي آهي. اها رات مون کي ڪڏهن به نه وسرندي. انهي رات ڪو به ماڻهو ڳوٺ ڏانهن واپس نه وريو، سڄي ڳوٺ جهرڻي ڪناري جشن ملهايو. انهي رات تارن جي هنج ۾ ڀوري ٻيرن جي ڇانو ۾ ماڻهن چلها ٻاريا، ٻارن کي ٿيپڙي ٿيپڙي سمهاريو، انهي رات ڪنوارين به خوش ٿي گيت ڳايا. اهڙا گيت جيڪي پاڻي جيان نرمل ۽ سندر هئا، جن ۾ جهنگلي جهرڻن جهڙو حسن ۽ آبشارن جهڙي رواني هئي. انهي رات سڀئي عورتون خوشي ۾ بي قرار هيون، سڀئي ٻج تخليق سان بي قرار ٿي ڦٽي پيا هئا.
    اهڙي رات اسان جي ڳوٺ ۾ تڏهن آئي هئي، جڏهن بابا خدا بخش پاڻي ڳولي ورتو هو. پاڻي جيڪو انسان جي هٿن جي محنت هو. انهي جي دل جي محبت هو، اڄ پاڻي اسان وٽ اهڙي ريت آيو هو جهڙي ريت ڄڃ ڏولي ۾ ايندي آهي.
    اهو نئون جهرڻو اسان جي وچ ۾ اڄ اهڙي ريت آرام آرام سان لڄاري انداز ۾ هلي رهيو هو جيئن ڪا نئين ڪنوار شرمائيندي شرمائيندي ڪنهن اوپري اڱڻ ۾ پير رکندي آهي، انهي رات منهنجي هٿن ۾ پاڻي هو. ٻيو هٿ ۾ بانو جو هٿ هو ۽ آسمان تي تارا هئا. انهي نئين جهرڻي سان گڏ منهنجي جواني جون بهترين يادون جڙيل آهن. انهي جهرڻي جي ڪناري مون بانو سان پيار ڪيو هو.
    بانو جنهن جي سونهن به پاڻي وانگر اڻلڀ هئي، جنهن کي ڏسي سدائين اهو خيال ايندو هو ته هن ڌرتي جي هنج ۾ ڪيترائي مٺا جهرڻا لڪا پيا آهن. ڪيتريون حسين يادون آهن، اونهاري جي موسم ۾ ڪيترائي شوخ ۽ چمڪدار گل، سر جا سونهري پن، پاڪيزه برف، بانو جو پيار به ڪيترو ماٺ ۽ چپ چاپ هو. زمين ۾ وهندڙ پاڻي وانگر، هو رات جي اونداهي ۾ يا فجر کان تمام اڳ جهرڻي جي ڪناري ايندي هئي. جڏهن هتي مون کانسوا ڪو به نه هوندو هو. مون کي ڏسي هن جي چهري تي مرڪ جي روشني پکڙجي ويندي هئي. جيئن اونداهي ۾ پرهه جو سوجهرو پکڙندو آهي. هو گهڙي کي جهرڻي جي وهندڙ پاڻي هيٺ رکي ڇڏيندي هئي.
    پاڻي گهڙي سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندو هو ۽ آئون بانو سان. آهستي آهستي ڳالهيون ڪندي ڪندي گهڙو ڀرجي ويندو هو ۽ اسان جي دل خوشي ۾ ٻهڪي پوندي هئي ۽ اسان جي ڄاڻڻ بنا ئي پري کان صبح آهستي آهستي هلندو ايندو هو جيئن صبح جي هير سنگتري جي گلن جهڙيون آڱريون کڻي ستل چهرن جي پري کان گذري وينديون هيون ۽ اسين ڇرڪجي اٿي ويندا هئاسين ۽ حيرت سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳندا هئاسين. پو آئون هن جو گهڙو کڻي هن جي مٿي تي رکيل سينوهه تي رکندو هئس ۽ هو مڙي گهمندي لاهيندي کان هيٺ گّذري ويندي هئي ۽ آئون هن ڏانهن ڏسندو رهندو هئس انهي وقت به ڏسندو رهندو هئس جڏهن ٻيون عورتون مون ڏانهن ڏسي مرڪڻ لڳنديون هيون ۽ مون کي اهو ڏينهن ياد ايندو آهي جڏهن ڏاڏي کان مون پڇيو هو ته ”ڏاڏي عاشق ڪنهن کي چئبو آهي؟“
    ۽ پو انهي جهرڻي ڪناري مون کي اها رات به ياد آهي، جڏهن آئون کاڻ ۾ ڪم ڪندو هئس ۽ ڏينهن جو ٿڪ لاهي گهر موٽيو هئس ۽ انهي ٿڪاوٽ مان لاهه نڪرڻ ڪري سمهي رهندو هئس. صبح جو ئي اک کلندي هئي. ڪافي ڏينهن کان آئون بانو سان جهرڻي تي ملڻ نه ويو هئس. پر ڪا بي چيني نه هئي. هو ڀر واري گهر ۾ ئي ته رهندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هن جو سئوٽ غضنفر به آيو ۽ هليو به ويو پر مون کي هن سان ملڻ جي واندڪائي به نه ملي، ڇاڪاڻ ته کاڻ ۾ نئون نئون ڪم مليو هو. ڪم سکڻ جو تمام گهڻو شوق هو ۽ اها ته هر ماڻهو کي خبر آهي ته کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو لوڻ ٿي ويندو آهي.
    هڪ رات بانو مون کي چيو ته رات جو ٻه وڳي جهرڻي تي هن سان ملان، مون چيو ته آئون ڏاڍو ٿڪل آهيان.
    هن چيو ته ” نه ضروي ڪم آهي اچڻو پوندو“ نيٺ آئون ويس.
    ٻه وڳي اڌ رات جو آئون جهرڻي تي ويس جتي اسان ٻنهي کانسوا ڪو ٻيو نه هو. مون هن کان پڇيو ته ”ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
    هو ڪجهه دير ماٺ رهي مون وري پڇيو مانس ”هاڻ ٻڌائي به ته آخر ڳالهه ڪهڙي آهي؟“ هن چيو ته ”آئون ڳوٺ ڇڏي پئي وڃان.“
    منهنجي دل ويهي رهي، مون کي اهو لڳو ته جيئن جهرڻو هلندي هلندي بيهي رهيو هجي. منهنجي نڙي مان آواز نڪتو. ”ڇو؟“
    ”منهنجو سنڱ ٿي ويو آهي.“
    ”ڪنهن سان؟“
    ”سئوٽ سان جيڪو هتي آيو هو. اهو چڪوال ۾ صوبيدار آهي.“
    ”۽ تون وڃي رهي آهين“ مون ڪاوڙ ۾ پڇيو. هو چپ ٿي وئي. آئون به ماٺ ٿي ويس. آئون سوچي رهيو هئس ته کيس ماري ڇڏيان يا شادي واري رات قتل ڪريانس. ڪجهه دير کان پو هن چيو؛
    ”ٻڌو آهي ته چڪوال ۾ پاڻي تمام گهڻو هوندو آهي اتي وڏا وڏا نلڪا آهن جن مان جڏهن دل چوي پاڻي ڪڍي وٺو.“ هن جو آواز خوشي وچان ڏڪي رهيو هو. هو شايد ٻيو به ڪجهه چوي ها پر منهنجي ڏک کي ڏسي هو ماٺ ٿي وئي.
    مون هن کي بلڪل ويجهو اچي ٻنهي ڪلهن کان جهلي ورتو ۽ غور سان هن جي اکين ۾ ڏٺو. هن هڪ لمحي لا مون کي ڏسي پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون. هن جي نظرن ۾ منهنجي محبت لا انڪار نه هو بلڪه پاڻي جو اقرار هو. مون آهستي هن جا ڪلها ڇڏي ڏنا ۽ الڳ ٿي بيهي رهيس. اوچتو مون کي اهو احساس ٿيو ته محبت سچائي خلوص ۽ جذبي جي گهرائي سان گڏوگڏ ٿورو پاڻي به گهري ٿي. بانو جي اکين ۾ به اهڙي شڪايت جو اهڃاڻ هو، ڄڻ هو چئي رهي هجي ته خبر اٿئه اسان جي ڳوٺ ۾ ڪٿي به پاڻي نٿو ملي هتي آئون ٻه ٻه مهينا وهنجي نٿي سگهان. مون کي پاڻ سان پنهنجي جسم کان نفرت ٿي وئي آهي. بانو ماٺ ميٺ ۾ زمين تي جهرڻي ڪناري ويهي رهي. آئون انهي اونداهي ۾ به هن جي اکين ۾ هن جي محبت کي ڏسي پئي سگهيس. جيڪا ڪني، بدبودار جسمن، جوين ۽ منگهڻن جي ماريل غليظ اڳڙين ۾ ويڙهيل محبت نه هئي، انهي محبت مان وهنتل جسمن، ڌوتل ڪپڙن ۽ نئين ويس جي سڳند ايندي هئي. آئون بلڪل مجبور ۽ بيوس ٿي هڪ پاسي ٿي ويٺس. رات جا ٻه وڳا. بانو ۽ آئون ٻئي چپ چاپ. اهڙي ماٺ جهڙو سڄي دنيا ڪاري آهي، ڪڏهن اهڙي ماٺ ڄڻ ته سمورا لڙڪ سمهي پيا هجن. جهرڻي ڪناري ويٺل بانو آهستي آهستي گهڙي ۾ پاڻي ڀريندي رهي. آهستي آهستي پاڻي گهڙي مان ڪرندو رهيو، بانو سان ڳالهائيندو رهيو، هن کي ڪجهه چوندو رهيو، مون کي ڪجهه چوندو رهيو، پاڻي جون ڳالهيون انسان جون بهترين ڳالهيون آهن.
    جڏهن بانو هلي وئي ته منهنجي ذهن ۾ ننڍپڻ واري اها ڪهاڻي آئي جڏهن محبت رني هئي ۽ لڙڪ لوڻ جا ڳنڍا بڻجي ويا. انهي وقت منهنجي اکين ۾ به لڙڪ نه هئا پر منهنجي دل ۾ لوڻ جا ڪيترا وڏا ڳنڍا گڏ ٿي ويا هئا. منهنجي اندر لوڻ جي هڪ پوري کاڻ موجود هئي. لوڻ جون ديوارون، ٿنڀ، غارون ۽ کاري پاڻي جي هڪ ڍنڍ موجود هئي. منهنجي دماغ ۽ دل جي احساسن تي لوڻ جي هڪ سنهي تهه ڄمي وئي هئي ۽ مون کي اهو يقين ٿيڻ لڳو ته جيڪڏهن پنهنجي جسم کي ڪٿان به رڳڙيندس ته لڙڪ ويهي ويندا. انهي ڪري آئون ماٺ ڪريو ويٺو هئس ۽ جڏهن هو مون ڏانهن ڏسي لاهيندي تي مڙي ته انهي وقت به ماٺ ڪري ويٺو هئس ڇاڪاڻ ته مون وٽ پاڻي نه هو ۽ بانو پاڻي جي ويجهو وڃي رهي هئي. جنهن رات بانو جو وهان غضنفر سان ٿيو، انهي رات مون هڪ عجيب خواب ڏٺو. مون ڏٺو ته اسان جو وڃايل درياهه اسان کي واپس ملي ويو آهي ۽ لوڻ جا جبل مٺي پاڻي جا جهرڻا ڪڍي رهيا آهن ۽ اسان جي ڳوٺ جي وچ ۾ هڪ تمام وڏو وڻ بيٺو آهي. اهو وڻ سڄي جو سڄو پاڻي جو آهي، انهي جون پاڙون، ميوا، گل، پنکڙيون، سڀ پاڻي جون آهن، انهي وڻ جي شاخن مان پنن مان پاڻي وهي رهيو آهي ۽ اهو پاڻي اسان جي ڳوٺ جي بنجر زمينن کي آباد ڪري رهيو آهي ۽ مون ڏٺو ته هاري هر جوٽي رهيا آهن، مايون ڪپڙا ڍوئي رهيون آهن، کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ وهنجي رهيا آهن ۽ ٻار گلن جا هار کڻي پاڻي جي وڻ جي چوڌاري نچي رهيا آهن ۽ بانو صاف سٿرا ڪپڙا پهري منهنجي ڪلهي سان لڳي مون کي چئي رهي آهي ته ”هاڻ اسان جي ڳوٺ ۾ پاڻي جو وڻ ڦٽي آيو آهي، هاڻ آئون توکي ڇڏي ڪيڏانهن به نه وينديس.“
    اهو تمام عجيب خواب هو پر جڏهن مون اهو خواب پنهنجي پي کي ٻڌايو ته هو ڊپ وچان ڏڪڻ لڳو ۽ چيائين ته ”تو اهو خواب مون کانسوا ڪنهن ٻئي کي ته به ٻڌايو آهي نه“ مون چيو نه بابا پر توهان ڊڄو ڇو پيا؟ هي ته هڪ خواب هو.“
    هن چيو ته ”اڙي خواب ته آهي پر هي هڪ ڳاڙهو خواب آهي.”
    آئون کلي پيس ۽ چيم ”خواب ۾ جيڪو وڻ مون ڏٺو هو اهو ڳاڙهو نه هو. انهي جو رنگ ته بلڪل پاڻي جهڙو هو، اهو پاڻي جو وڻ هو. انهي جون شاخون ۽ انهي جا پن سڀ پاڻي جا هئا. انهي وڻ تي ميوون جي جا تي شيشي وانگر چمڪندڙ صراحيون هيون. انهي ۾ پاڻي ٻارن جي ٽهڪن وانگر چمڪي رهيو هو ۽ ڦوهارن وانگر مٿان ٿي ڪريو پئي.
    هن چيو ”ڪجهه به هجي اهو تمام خطرناڪ خواب آهي، جيڪڏهن پوليس ڪٿي ٻڌي ورتو يا تو ڪنهن سان انهي جو ذڪر ڪيو ته اهي توکي اهڙي ريت جهلي وٺندا جهڙي ريت هتي مزدورن کي جهلي کڻي ويا هئا. جن اسان جي درياهه کي واپس آڻڻ چاهيو هو. انهي ڪري بهتر اهو آهي ته تون انهي خواب جو ذڪر ڪنهن سان به نه ڪر. انهي کي وساري ڇڏ ته تو ڪو خواب ڏٺو هو. ڇاڪاڻ ته انهي خواب جي پرچار ڪري انهي مان ڪجهه به نه ورندو. سڪل درياهه سدائين سڪل ئي رهندو. ۽ اڃايل سدائين اڃايل ئي رهندا.“
    پر مون کي بابا جي لهجي جي حسرت اڃا به ياد آهي، مون کي اهو به ياد آهي ته شروع شروع ۾ انهي جو ذڪر مون ڪنهن سان به نه ڪيو هو. پر جڏهن ڪجهه مزورن سان انهي جو ذڪر ڪيو ته اهي اها ڳالهه ٻڌي ڊڄڻ بدران کلڻ لڳا مون پڇيو ته انهي ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي ته انهن چيو ته ”ڀلا انهي ۾ ڊڄڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي اهو خواب ته تمام سٺو آهي هنن جي کاڻ ۾ هر ماڻهو ڏسي چڪو آهي.“
    ”ڇا سچ ٿا چئو اهو ئي پاڻي جو وڻ؟“
    ”ها ها اهوئي پاڻي جو وڻ ڳوٺ ۾، هڪ ٿڌو مٺو پاڻي جو جهرڻو هر لوڻ جي کاڻ ۾“ گهٻرائي نه هڪ ڏينهن اهو خواب ضرور ساڀيان ماڻيندو.
    پهرين مون کي انهن جي ڳالهين تي اعتبار نه آيو پر ساٿين سان ملي گڏ ڪم ڪندي ڪندي هاڻ مون کي يقين ٿيڻ لڳو آهي ته اسان جو خواب ضرور ساڀيان ٿيندو. هڪ ڏينهن اسان جي ڳوٺ ۾ پاڻي جو وڻ ضرور ڦٽي پوندو ۽ جيڪي خام خياليون آهن، اهي ڀرجي وينديون ۽ جيڪي ڪپڙا ميرا آهن، اهي ڌوپجي ويندا ۽ جيڪي دليون سڪايل آهن، اهي ٽڙي پونديون ۽ سمورين ٻنيون ۽ سموريون محبتون ۽ سموري رڃ ۽ سمورا صحرا آباد ٿي ويندا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو