نثارناز
سينيئر رڪن
آزاد نظم
نثاراحمد ناز
شبنمي سوچن مٿان
لڳايو نه پهرا ،
نه ٽوڙيو خُدارا
هِي ٻانهُنِ جا گجرا،
اڃان ڪا فضا مهڪِي به ناهي،
۽ ڦهليو به ناهي،
ڪو انڊ لٺ جو رنگ،
اڃان گُلَ کڻڻ ڏيو
گُلابي هٿن کي،
اڃان گُلَ کڻڻ ڏيو
ڪُنوارن هٿن کي !
نه پابنديون وجهو
خوابن مٿان،
۽ سورهان جي Teen age,
(ٽين ايج) جذبن مٿان !
ڪنهن پوڙهي جي پلئه
ٻڌِي سُونهن کي
ڇو ڪچِي ڪَلِيءَ کي ٿا سُولِيءَ تي چاڙهيو ؟
انا جي ته بُڇڙن هٿن سان
گُهٽا ڏئِي
ڇو معصوم خُوشبوءَ کي ماري ٿا ماريو ؟
اڃان ڪا فضا مهڪِي به ناهي
۽ ڦهليو به ناهي،
ڪو انڊلٺ جورنگ !
اڃان گُل کڻڻ ڏيو
گُلابي هٿن کي ، ڪُنوارن هٿن کي ڪُنوارن هٿن کي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ !!!!!
نثاراحمد ناز
شبنمي سوچن مٿان
لڳايو نه پهرا ،
نه ٽوڙيو خُدارا
هِي ٻانهُنِ جا گجرا،
اڃان ڪا فضا مهڪِي به ناهي،
۽ ڦهليو به ناهي،
ڪو انڊ لٺ جو رنگ،
اڃان گُلَ کڻڻ ڏيو
گُلابي هٿن کي،
اڃان گُلَ کڻڻ ڏيو
ڪُنوارن هٿن کي !
نه پابنديون وجهو
خوابن مٿان،
۽ سورهان جي Teen age,
(ٽين ايج) جذبن مٿان !
ڪنهن پوڙهي جي پلئه
ٻڌِي سُونهن کي
ڇو ڪچِي ڪَلِيءَ کي ٿا سُولِيءَ تي چاڙهيو ؟
انا جي ته بُڇڙن هٿن سان
گُهٽا ڏئِي
ڇو معصوم خُوشبوءَ کي ماري ٿا ماريو ؟
اڃان ڪا فضا مهڪِي به ناهي
۽ ڦهليو به ناهي،
ڪو انڊلٺ جورنگ !
اڃان گُل کڻڻ ڏيو
گُلابي هٿن کي ، ڪُنوارن هٿن کي ڪُنوارن هٿن کي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ !!!!!