شريف ميمڻ ڏيپلائي الله پاڪ هن دنيا سنسار کي جوڙي، انسان ذات کي پنهنجي عبادت لاءِ خلقيو آهي. رب العالمين وٽ هونئن ته عبادت ڪرڻ جون ٻيون ڪيئي مخلوقون هيون، جيئن جنَ، ملائڪ، پکي پرنده، جانور، وڻ ٻوٽا وغيره پر خاص، الله سائينءَ انسان ذات کي اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو، انهي کي عقل فهم، سوچڻ جي صلاحيت انهيءَ لاءِ ڏني ته جيئن هو سوچي سمجھي پنهنجي جزا ۽ سزا لاءِ تيار رهي. انهي انسان ذات کي سڌو رستو ڏيکارڻ لاءِ هڪ لک 24 هزار پيغمبر موڪليا پر انسان ذات جيڪو اصل کان پيدائشي جلدباز آهي، پنهنجو پاڻ کي عقل ڪُل جو داعي سمجھي ٿو. حالانڪه اسين انسان هتي مسافر جي حيثيت سان آيا آهيون. اسان سخت ڀل ۾ آهيون ته سامان زندگي جو پر خبر پل جي ڪونهي، خالق ڪائنات پاران انسان ذات کي انمول نعمتون ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، هلڻ ڦرڻ، سوچڻ سمجھڻ، هوا پاڻي عقل فهم فراست پنا کٽي ويندا، پر نعمتن جو تعداد نه کٽندو: ”۽ صبر ڪريو، بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي.“ بيشڪ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ظلم تي صبر ڪرڻ تي الله پاڪ جي خدائي ۾ هڪ طوفان برپا ٿيندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي ڪجهه تهس نحس ٿي ويندو آهي ۽ بس الله تعاليٰ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي بندي کي صبر ذريعي به آزمائيندو آهي ۽ منهنجي سوچ مطابق جيڪڏهن ڪو انسان ڪجهه ڪرڻ جي طاقت رکڻ جي باجود به صبر ڪري ته ان کان وڌيڪ خطرناڪ انسان ڪوبه نٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي صبر سان ئي سامهون واري جي دنيا ۽ آخرت تباهه ۽ برباد ڪري ويندو آهي، جنهن جو سامهون واري کي اندازو بعد ۾ ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن صبر جا مختلف مرحلا ٿيندا آهن ۽ الله تعاليٰ پنهنجي بندن کي انتهائي باريڪ بيني سان ڏسندو رهندو آهي. شايد ڪجهه انسانن جي اها خام خيالي هوندي ته هنن کي ڪوبه ڏسي نٿو يا هو ڪنهن وٽ به جوابده ناهن. ڪائنات جو هڪ هڪ ذرو، الله پاڪ وٽ پنهنجن عملن مطابق جوابده آهي. جيڪڏهن الله پاڪ ڪنهن کي ڪنهن جي صبر ذريعي آزمائي ته ان کان وڌيڪ مشڪل مرحلو ڪوبه نٿو ٿي سگهي، پوءِ اهو فرد واحد هجي يا قوم هجي. هڪ تعين ٿيل وقت کانپوءِ صابرين لاءِ الله پاڪ طرفان انتهائي بهترين انعام سامهون ايندو آهي. صبر جو هڪ الڳ موضوع آهي. منهنجو موضوع آهي رمضان جو بابرڪت مهينو. الله پاڪ جي طرفان انسان ذات تي هڪ انعام آهي، هي مهينو جنهن ۾ انسان ذات لاءِ ڪيئي انعام معافيون نعمتون رکيون ويون آهن پر اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ رمضان جو اچڻ ڄڻ غريبن ۽ عام ماڻهن لاءِ وڄ ڪرڻ جو مهينو هوندو آهي (شايد) مهانگائي وارو طوفان سرمائيدار واپارين جا پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو آهي، هونئن ته پاڪستان ۾ جڏهن مهيني جي آخر ۾ اوگرا پيٽرول يا ڊيزل جي اگھن جي واڌ جي سمري وفاقي گورنمينٽ کي موڪليندو آهي، واپاري به پاڻمرادو پنهنجي پاڻ عام شين ۾ واڌ جي سمري پنهنجي پاڻ ڏانهن موڪلي اتي ئي اگھ وڌائي ڇڏيندا آهن، وري جڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھ گھٽبا آهن ته هي واپاري انهن شين جا اگھ نه گھٽائيندا آهن. شايد انهن واپارين ۽ منافعي خورن وٽ اگھن جي گھٽتائي جي سمري جو ڪاغذ آهي ڪونه، هنن ذخيره اندوز منافعي خورن جا جاوا ٿي ويندا آهن، اهي ئي واپاري پنهنجي پاڻ کي پڪو ۽ سچو مسلمان ثابت ڪرڻ لاءِ افطاريون پيا ڪرائيندا آهن، وڏا وڏا پروگرام رکندا آهن، مختلف ٽي وي شو ۾ افطار ۽ سحر جي پروگرامن ۾ وڃي اتي پنهنجيون سخاوتون ڏيکاريندا آهن، انهن کي شايد اها خبر ڪونهي ته ڏيکاءُ واري ڪابه عبادت ۽ خيرات صدقو وغيره الله سائين کي پسند ڪونهي، ڏيکاءَ واري عمل جو آخرت ۾ ڪو به سلو نه ملندو. هڪ طرف ڳاٽي ڀڳا اگھ وڌائي ذخيره اندوزيون ڪري جنهن گناهه جا هي مرتڪب ٿين پيا، ٻيو غريب عوام جون بددعائون به کڻن ٿا. رمضان جو هي مهينو برڪتن سان ڀريل مهينو آهي، جنهن ۾ روزيدارن جي لاءِ الله سائين جون برڪت ڀريون افطارون ۽ سحريون جنهن ۾ غريبن جو گاڏو ته هليو ٿو وڃي پر مڊل ڪلاس سفيد پوش ماڻهو بي حال ٿيو وڃي، هن بابرڪت مهيني جي شروع ٿيڻ سان ئي ذخيره اندوزن منافعي خورن جي لٽمار شروع ٿي وڃي ٿي، جنهن کي هو سيزن جو نالو ڏين ٿا. الله سائين هن مهيني کي تقويٰ وارو مهينو ڪوٺيو آهي، تقويٰ معنيٰ پرهيزگاري، اها پرهيزگاري هر ڪنهن کي رکڻي آهي، اسان جڏهن بيمار ٿيندا آهيون ته بطور معالج ڊاڪٽر اسان کي پرهيز جو چوندو آهي، جنهن ۾ سخت پرهيز ٻڌائيندو آهي. اهڙي ئي پرهيز هن مهيني جي لاءِ اسان کي ڏسي وئي آهي پر حڪم خداوندي جو انحراف ڪرڻ وارا هي ذخيره اندوز ۽ غريبن جو رت چوسڻ وارا هي منافعي خور پنهنجو پاڻ کي مومن ڪيئن ٿا چورائين؟ اسلامي جھموريه پاڪستان جي مسلمان حڪومت ڪٿي آهي، آهي اهڙو ڪو کاتو جيڪو هن مهانگائي جي بدتميز طوفان کي ڪنٽرول ڪري سگھي. جيڪڏهن هي انهيءَ هٿ سان جوڙيل طوفان تي ڪنٽرول نٿا ڪري سگھن ته پوءِ انهن کي حڪمراني ڪرڻ جو ڪوبه حق ڪونهي، هو انهي مجرمانه غفلت تي بخشيا نه ويندا الله سائين جي پڪڙ تمام سخت آهي.
سائين رمضان رحمتن ۽ برڪتن وارو مهينو آهي ان ڪري واپاري هن مهيني کي پنهنجي لاءِ رحمت سمجهي شين جي اگهن ۾ واڌ ڪندا آهن ۽ ٻيو ته جيڪي اگھ حڪومت مقرر ڪندي آهي اُنهن جو فائدو ته وري انتظاميه ئي وٺندي آهي انهن کي اگهن جي واڌائڻ جا واپاري پيسا ڏيندا آهن ان ڪري هوبه خاموش ٿي ويهي رهندا آهن يعني اسان وٽ رشوت ئي رشوت آهي هر ننڊي اداري کان وٺي وڏي اداري تائين جنهن کي جتان موقعو ملي ٿو اهو اتان فائدو حاصل ڪري ٿو پر جڏهن الله جي ڪورٽ ۾ هلندا تڏهن انهن جي عملن جو وزن ڪيو ويندو جيڪو انهن جي لاءِ خسارو ئي خسارو هوندو.