پکي (امر جليل)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    پکي
    امر جليل

    امر جليل سنڌ جو سدا ملوڪ ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻي ”پکي“ ايوب جي آمريتي دور ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ هن انهي دور جي ماحول ۽ گهٽ ٻوسٽ کي چٽيو آهي.
    .............

    امان مون کي اڌ رات جو ننڊ مان جاڳايو. ڊنل هئي. سڙٻاٽن ۾ چيائين؛ ”ٻاهر اڱڻ ۾ نم جي ڏار تي هڪ ڀوائتو پکي ويٺو آهي.“
    پاسو ورائي چيم؛ ”چٻرو هوندو. تون ماٺڙي ڪري سمهي پئه.“
    چيائين؛ ”چٻرو ناهي.“
    ”چٻرو ناهي ته پوءِ چٻري جو مائٽ هوندو.“ پڪي ننڊ مان جاڳايو هئائين. اک نه پئي کلي. چيم؛ ”مونکي سمهڻ ڏي، امان.“

    ”سمهڻ ڪيئن ڏيانءِ!“ امان مونکي ڌونڌاڙيندي چيو؛ ”ٻاهر نم جي ڏار تي هڪ ڀوائِتو پکي ويٺو آهي.“
    انهن ڏينهن ۾ مونکي وڏين سفارشن کان پوءِ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو نوڪري ملي هئي، ۽ سا به پاپوليشن پلاننگ کاتي ۾، جنهن جو اصلي يعني جنرڪ نالو فيملي پلاننگ کاتو آهي. جيئن ته مان پهريون دفعو آفيسر ٿيو هوس، تنهنڪري مون ”روميو جوليئٽ“ پائوڊر جو وڏو دٻو خريد ڪيو هو. رات جو سمهڻ کان اڳ، بدن کي پائوڊر سان ڀڀوت ڪري ڇڏيندو هوس، ۽ پوءِ ڪنهن سهڻي من موهڻي ليڊي هيلٽ وزيٽر جي باري ۾ سوچيندي سمهي پوندو هوس.
    جنهن رات اسان جي اڱڻ ۾ نم جي ڏار تي هڪ ڀوائتو پکي اچي ويٺو هو، ۽ جنهن وقت امان مونکي ننڊ مان جاڳايو هو، تنهن وقت مان غزالي نالي هڪ ليڊي هيلٽ وزيٽر جي باري ۾ خواب ڏسي رهيو هوس. خواب ۾ هوءَ ايگزيڪيوٽو آفيسر سان سير سپاٽا ڪري رهي هئي، ۽ مان الغوزي تي لوڪ ڌن وڄائي رهيو هوس. امان مون کي ننڊ مان جاڳايو. خواب ٽٽي پيو. امان جي اها حرڪت مونکي بي واجبي لڳي. دل ۾ آيو ته سمجھائي ڇڏيانس ته؛ ’سنڌي آفيسر کي ننڊ مان نه جاڳائبو آهي!‘ مان نه فقط تنهنجو پٽ آهيان، پر وڏين سفارشن کان پوءِ آفيسر ٿيل آهيان. پر دل جي ڳالهه زبان تي نه آندم. پاسو ورائي ڇڏيم.
    امان منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجھندي چيو؛ ”عجيب انسان آهين. ٻاهر هڪ خوفناڪ پکي ويٺو آهي ۽ تون پاسو ورائي ننڊ پيو ڪرين!“
    ”اوهو. تون ته مونکي اجايو پريشان پئي ڪرين!“ بيزار ٿيندي چيم؛ ”اهو پکي چٻرو هوندو، چٻري جو ويجھو مائٽ چمڙو هوندو. يا خليفي هارون رشيد جو چمڙا پوش روح هوندو.“
    ”نه، نه“ امان وراڻيو؛ ”نه چٻرو آهي، نه چمڙو. ڪو بيحد ڀوائتو پکي آهي.“
    ”هڪ ٽنگ تي بيٺو آهي ڇا؟“
    ”نه!“
    ”ڀلا تقرير پيو ڪري ڇا؟“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ يقين ڪر، نم جي ڏار تي ويٺل پکي، ڪنهن به صورت ۾ ڀوائتو ناهي.“
    امڙ کي سمجھائيندي چيم؛ ”تون ماٺڙي ڪري سمهي رههُ!“
    امان جي ننڊ اڏامي وئي هئي. هوءَ ڪمري جي دريءَ مان ٻاهر اڱڻ ۾ بيٺل نم جي وڻ ڏانهن نهارڻ لڳي، جنهن جي ڏار تي هڪ ڀوائتو پکي ويٺل نظر آيو هوس.
    مون امان کي چيو؛ ”اڱڻ واري بتي وسائي ڇڏ. اوندهه ۾ نه تو کي وڻ نظر ايندو، ۽ نه اهو ڏار نظر ايندو، جنهن تي تو هڪ ڀوائتي پکيءَ کي ويٺل ڏٺو آهي.“
    ”مون ڀوائتي پکيءَ کي ڏسي ورتو آهي.“ امان دريءَ وٽان موٽندي چيو؛ ”اوندهه ڪرڻ کان پوءِ به مون کي ان پکيءَ جي موجودگيءَ جوخيال ايندو رهندو.“
    ”تون وهمي آهين.“ مان اٿي ويهي رهيس. پڇيومانس؛ ”ڀوائتي پکيءَ کي ڇا ڪريان؟“
    امان وڌي اچي منهنجي سامهون بيٺِي. مون ڏانهن چتائي ڏسڻ لڳي. هن ڪجھ دير تائين نه ڳالهايو. مون ڏانهن ڏسندي رهي. سندس گُھور، مون کي گھائڻ لڳي. مان بيچين ٿيڻ لڳس. منهنجي اندر ۾، شعور ۽ لاشعور جي تهن هيٺان، ڪجھه ميڻ وانگر رجڻ لڳو.
    مون پنهنجي بيچيني لڪائڻ لاءِ امان کان پڇيو؛ ”ٻڌاءِ نه، مان ڀوائتي پکيءَ کي ڇا ڪريان.“
    امان جواب نه ڏنو.
    اوچتو هوءَ مونکي اجنبيءَ ۽ اوپري عورت وانگر نظر اچڻ لڳي. ٻاهرين اوندهه، ۽ رات جي خاموشيءَ ۾ هوءَ پراسرار روح وانگر محسوس ٿيڻ لڳي. ڪو اڻڄاتل خوف، منهنجي وجود ۾ داخل ٿيڻ لڳو. تڏهن مون امان جو آواز ٻڌو.
    چيائين؛ ”پکيءَ کي ماري ڇڏ!“
    ”پکيءَ کي ماري ڇڏيان!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مان اٿي بيهي رهيس، ۽ اچرج مان امڙ ڏانهن ڏسڻ لڳس.
    ”ان پکيءَ تاريخ جي هر دور ۾ تو کي دوکو ڏنو آهي.“ امان چيو؛ ”هي آخري موقعو اٿئي. وڻ تي ويٺل پکي ماري ڇڏ.“
    ”امان، ڳالهه ٻڌ.“ مون ماحول جو طلسم ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندي چيو؛ ”منهنجو ڏند ڪٿائن ۽ جنن ڀوتن ۾ ڪو اعتبار ڪونهي.“
    امان جي منهن ۾ گھُنڊ پئجي ويو. ڀروون تاڻجي ويس. هوءَ اک ڇنڀڻ بنا، مون ڏانهن ڏسندي رهي.
    چيائين؛ ”تاريخ ڏند ڪٿا نه آهي، منهنجا بيوقوف پُٽَ. تاريخ ماضيءَ جو عبرت ڪدو، ۽ آئيندي جو سونهون آهي.“
    ”ان پکيءَ جو تاريخ سان ڪهڙو واسطو آهي؟“
    ”جيڪو تنهنجو ۽ منهنجو آهي.“
    ”مون کي تنهنجي ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه ٿي اچي، مان وڃي سمهان ٿو.“
    ”جڏهن به اهو پکي نظر آيو آهي، تڏهن تون ننڊ ڪئي آهي.“ امان چيو؛ ”هي فيصلو ڪندڙ آخري دور پيو هلي. تو کي پکيءَ کي مارڻو پوندو. يا پکي توکي ماري ڇڏيندو.“
    امان جي ڳالهه ٻڌي، مونکي حيرت ٿي. امان جي عمر اسي سال هئي. دل ۾ سوچيم؛ چوندا آهن: ’اسي مت کسي.‘ امان کي شايد خفقان ٿي پيو آهي. تنهن ڪري وڦلي پئي.
    ”تو کي ان پکيءَ کي مارڻو پوندو.“ امان الماڙيءَ ڏانهن وڌي ويئي. الماڙيءَ جا طاق کولي، دونالي بندوق ڪڍي آئي. بندوق ۾ ٻه ڪارتوس ڀري، مون کي ڏيندي چيائين؛ ”وڃ، پکيءَ کي وڃي ماري ڇڏ!“
    مون بندوق وٺي امان ڏانهن ڏٺو. پڇيومانس؛ ”پکيءَ کي مارڻ سان منهنجي نوڪري ته خطري ۾ نه پوندي؟ وڏين سفارشن کان پوءِ ته نوڪري ملي آهي!“
    امان اٿلي پئي. ڪنبندڙ هٿن سان بندوق مونکان کسي ورتائين. ڪجھه ڪاوڙ ۽ ڪجھه ملامت واري لهجي ۾ چيائين؛ ”تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ تون ايترو ڇسو، وائڙو ۽ بيوقوف نه هئين، جهڙو هن دور ۾ آهين. آهين ته منهنجو ئي پُٽ، پر مون کي تنهنجي غيرت تي شڪ ٿيڻ لڳو آهي.“
    امان اڱڻ ڏانهن ويندي چيو؛ ”ڀوائتي پکيءَ کي مان ٿي ماريان. اڄ کان پوءِ تون ٻانهيون پائي ڇڏجانءِ.“
    امان ڪمري مان نڪري ويئي، ۽ وڃي وچ اڱڻ ۾ بيٺي.
    مان ڊوڙندو، سندس پويان وڃي بيٺس. امان وچ اڱڻ ۾ بيٺي هئي. بندوق جو قنداڪ ڪلهي سان لڳائي نم جي ڏار جي چشت ورتي هئائين، جنهن تي ڪو خوفناڪ ۽ ڀوائتو پکي ڏٺو هئائين.
    مون پکيءَ ڏانهن چتائي ڏٺو. منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي. امان جنهن پکيءَ کي ڀوائتو ڀانيو هو، سو پکي ڳيرو هو.
    مون بندوق جي ناليءَ ۾ هٿ وجھندي امان کي چيو؛ ”نم جي ڏار تي ويٺل پکي ڳيرو آهي. ڳيرو، امن جو پکي آهي. امن جي علامت آهي.“
    ”اهو پکي اسان جي وجود جو ويري آهي. مان کيس ضرور مارينديس.“
    ان کان اڳ جو امان گھوڙي تي زور ڏيئي ڪارتوس ڇوڙي ڇڏي، مون هٿ وڌائي اڱڻ جي بتي وسائي ڇڏي. هڪدم گھگهه اوندهه ڇانئجي ويئي.
    ”اهو ڇا ڪيئه بيوقوف!“ امان رڙ ڪئي.
    اوندهه ۽ خاموشيءَ ۾ مون پکيءَ جي پرواز جو ڀڙڪو ٻڌو. پکي اڏامي ويو.
    مون بتي ٻاري ڇڏي. امان، ڏک، ڪاوڙ ۽ ارمان وچان چيو؛ ”اهو ڇا ڪيئه؟ اهو ڇا ڪيئه!“
    مون کيس سمجھائيندي چيو؛ ”هي ڏاڍو حساس علائقو آهي. بندوق جو آواز ٻڌي، جڳ جاڳي پوي ها، ۽ پوءِ منهنجي نوڪري خطري ۾ پئجي وڃي ها. وڏين سفارشن کان پوءِ ته مان آفيسر ٿيو آهيان.“
    امان بندوق مان ڪارتوس ڪڍي، اڇلائي ڇڏيا. خالي بندوق مون کي ڏيندي چيائين؛ ”مان تو کي پاراتو نه ٿي ڏيان پٽ، پر مان محسوس ٿي ڪريان ته ڪجھ عرصي کان پوءِ تون لولو لنگڙو ٿي پوندين؛ تڏهن هيءَ بندوق لٺ بدران استعمال ڪجانءِ.“
    مون نم جي ڏار ڏانهن ڏٺو. مون کي خوشي ٿي ته پکي صحيح سلامت اڏامي ويو هو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو