وڏيري ثميره زرين ثميره زرين سنڌي ٻولي جي بهترين ڪهاڻيڪاره رهي آهي. جيتوڻيڪ هو جواني ۾ ئي اسان کي وڇڙي وئي هئي پر سندس ڪهاڻيون اسان جي سماج جو ئي عڪس آهن. سندس هي ڪهاڻي به پڙهڻ وٽان آهي. ............... جڏهن رحموءَ پهريون دفعو هن کي مار ڏني، تڏهن هن جي شاديءَ کي هفتو کن مس ٿيو هو. هن جي جسم تي نيرا نشان پئجي ويا هئا. اهي سندس ڪاري رنگ ڪري ڏسڻ ۾ ته گهٽ ٿي آيا، پر منجهن سور ته هو! پهرين هوءَ ماءُ جي مارن تي هري ويئي هئي. ننڍي هوندي، بک ۾ پاهه ٿي جڏهن هوءَ اڪيلي گهر ۾ روئڻ لڳندي هئي، ۽ بيشمارمکيون اچي هن کي وڪوڙي وينديون هيون، تڏهن ڪم تان موٽي، کيس روئندي ڏسي، پرچائڻ بجاءِ، ماڻس ٻه – چار ٻهارا ڦهڪائي ڪڍندي هيس – ”نڀاڳي رن، مغز کائي چٽ ڪيو اٿئي، ڪم تي نه وڃان ته پيٽ ڪيئن پالينديس!“ ٻن هٿن کائڻ کان پوءِ هوءَ ائين هڪدم چپ ٿي ويندي هئي، ڄڻ ماڻس کيس ڪو چاڪليٽ ڏيئي ڇڏيو هجي! سندس ننڍپڻ ائين گذريو. جڏهن ڪجهه وڏي ٿي، ته پاڻ به ماءُ سان گڏ ٻهارو کڻي گهر گهر صفائي ڪرڻ لڳي. هن جي عمر جون ڇوڪريون ڪم ڪرڻ کان پوءِ نچنديون ٽپنديون هيون، پر هيءَ چپ چاپ الائي ڪهڙا ڪنا گهڙيندي هئي. پهرين تاريخ تي ٻيون سڀ ڇوڪريون مائرن کان روئي زور ڪري، چوڙين لاءِ ڪجهه پئسا وٺنديون هيون، پر هن جو پاروٿن کاڌن ڪو ايڏو ته من ڀريو هو، جو کيس ڪا به طلب ڪا نه ٿيندي هئي. ماڻس ان تي ڏاڍي خوش ٿيندي هئي: چي، ”منهنجي ڌيءُ جهڙي سدوري ڇوڪري ڪا دنيا ۾ مشڪل هوندي!“ ڀنگين جي برادريءَ ۾ جڏهن به ڪا شادي ٿيندي هئي، ته هن جي ماءُ کي پنهنجي ڌيءَ جي بدصورتي ڏسي، ذري گهٽ روئڻ اچي ويندو هو. هوءَ پاڻ به ٽين جي دٻي مان ڀڳل آئيني ٽڪر ڪڍي، گهڙيءَ گهڙيءَ پنهنجو منهن پئي ڏسندي هئي، پر هن جو زردي مائل ڪارو رنگ، لاغر جسم، ننڍو قد ۽ ننڍڙيون ڪارن مرچن جهڙيون اکيون کيس ڪا به اميد نه ڏيکاري سگهنديون هيون. نيٺ، مس مس جڏهن رحموءَ جي مائٽن هن لاءِ چورايو، ته هن جي ماءُ مٿان ڄڻ موت جو پاڇو هٽي ويو. نشو ته هونئن ذري گهٽ سڀئي ڀنگي ڪندا هئا، پر رحمو ان ڳالهه ۾ سڀني جو سردار هو. هو پنهنجو سڄو پگهار چرس تي وڃائي در در ڀٽڪندو هو، پر انهيءَ ڳالهه به هن جي ماءُ جي دل نه لوڏي هئي. برادريءَ جا سڀ ڇوڪرا شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌبا ڏسي، هن کي رحمو ٻڏل ٻيڙيءَ جي ڪک مثل سانڌڻ لائق نظر آيو. ڪهڙو به هو، پر نازيءَ جو مڙس ته سڏبو! نشئي هو ته ڇا؟ ۽ نازي وري ڪهڙي هئي جو هوءَ کيس اڃان ڪنهن اميد تي ويهاري! رحمو سول اسپتال ۾ نوڪري ڪندو هو. پنهنجو ننڍو ڪوارٽر هوس. جڏهن ناري رحموءَ جي گهر آئي، ته هن پنهنجون ٻئي ٻانهون ڪانچ جي چوڙين سان ڀري ڇڏيون هوين، ۽ ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پاتا هئا. ماڻس خوشبوءَ وارو تيل وارن ۾ ايڏو ته وڌو هوس، جو سندس پيشاني بلڪل ڏامر جيان چلڪڻ لڳي هئي. هوءَ پنهنجين ننڍڙين اکين سان رحموءَ جي هر هلت امنگن ڀريءَ دل سان جاچيندي هئي، پر چار ڏينهن چاهه جا، رحمو وري پنهنجي نشي پتي کي لڳي ويو. هڪ ڏينهن، ڪنهن ڳالهه تان بگڙي، کيس ايڏي ته سخت مار ڏنائين جو هن جي جسم تي نيرا نشان پئجي ويا - ۽ نازي جا سمورا امنگ انهن نيرن نشانن هيٺان دٻجي مري ويا. پهرين هوءَ ماءُ جي مارن تي هري وئي، ۽ پوءِ رحموءَ جي روز روز جي مارن کيس هيري ڇڏيو. هاڻي ته مار به کاڌي ۽ هوا وانگر سندس زندگيءَ جي ضرورتن ۾ شامل ٿي وئي هئي. جي ڪڏهن کيس ڏينهن لنگهي مار نه ملندي هئي، ته کيس ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ سندس زندگيءَ مان ڪا اهم چيز خارج ٿي وئي هجي. هن ڏٺو ته ڪڏهن رحمو نشي ۾ ڀينرن کي گاريون ڏيئي کانئن پئسا گهرندو هو. وڏيءَ جيڪا شڪل جي ڪجهه چڱي هئي، اها وڌيڪ پئسا آڻيندي هئي. پوءِ رحمو ديسي شراب جي بوتل وٺي، سڄي رات پيئندو به هو ۽ بڪندو به هو. انهن سڀني ڳالهين هن جي دل ۾ نه نفرت پيدا ڪئي، نه ڏک ۽ نه وري کيس ڪا حيرت ئي ٿي. نازيءَ کي به ڪوشش سان سول اسپتال ۾ نوڪري ملي وئي – اوڻيتاليهه رپيا پگهار، اسپتال ۾ گهمندي ڦرندي، هن کي اتان جون چڱيون خبرون پئجي ويون. کيس خبر پئي ته خيرو ڊريسر وڏيءَ هلنديءَ وارو آهي، جنهن کي وڻيس، ان جي بدلي ڪرائي ڇڏي. جڏهن رحموءَ جون ڀينر شادي ڪري ويون، ۽ کيس ٻه ٻار به ٿيا، تڏهن کيس نشي لاءِ پئسا پورا نه پوندا هئا. هو نازيءَ کي مار ته اڪثر ڏيندو ئي رهندو هو، پر هڪ ڏينهن پئسن گهرندي هن کيس ايتري ته مار ڏني، جو هوءَ رتورت ٿي پئي. ٻئي ڏينهن هوءَ خيري وٽ ويئي ۽ کانئس ڪجهه قرض گهريائين. خيري جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. هن کيسي ۾ هٿ وجهندي، آهستي کيس ڪجهه چيو. پهرين هوءَ گهڙي کن خاموش رهي، ۽ پوءِ خيري جي هٿن مان پنج رپيا وٺي هلي وئي. چانڊوڪيون راتيون هيون. هوءَ پنهنجي ڪوارٽر ٻاهران کٽ تي ستي پئي هئي! رحمو نشو پيئڻ ويو هو. رات اڌ کي سڻائي ٿي هئي، پر هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. پيشگي رقم رحمو ڳارڻ ويو هو، هينئر جڏهن پئسا به ڪتب اچي ويا، ته کيس ان جو عيوض ته ڏيڻو هو. پري، هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڪوارٽر ٻاهران ننڊ ۾ بيخبر ستو پيو هو. ماٺ ميٺ لڳي پئي هئي، رکي رکي چوڪيدار جو آواز – هوشيار، خبردار – پئي گونجيو، ۽ چوڪيدار جي آواز تي آئي ننڊ به هن جي اکين مان اڏامي پئي وئي. اوچتو هن جي ذهن ۾ هڪ ڳالهه تري آئي. هوءَ ٽپ ڏئي اٿي ويٺي. جڏهن چوڪيدار گهمندو ڦرندو هن جي ويجهو آيو، ته هن آهستي کيس سڏيو: ”او چاچا، هيڏي ته اچ!“ جيئن ئي هو کيس ويجهو آيو، ته تيزيءَ سان اٿي کيس پنهنجين ٻانهن ۾ جهلي ورتو ۽ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي – ”چور! چور! ...... بدمعاش!..... پڪڙيو!، پوڙهو چوڪيدار هڪو ٻڪو ٿي ويو، سمجهه ۾ نه ٿي آيس ته هيءُ ڇا ٿي رهيو هو. هن جي اکين مان ننڊ جا گهيرٽ ائين اڏامي ويا، جيئن آئيني جي شعاعن تي ڪانو ڀڄي ويندا آهن. رڙين تي ماڻهو مڙي ويا، جيئن آئيني جي شعاعن تي ڪانو ڀڄي ويندا آهن. رڙين تي ماڻهو مري آيا. سڀ هن کي لعنت ملامت ڪرڻ لڳا. هن جو ڪنڌ شرمساريءَ سان جهڪي ويو. نازيءَ جي آواز هن جي ڪنن ۾ انجڻ جي گڙگڙاهٽ جيان گونجي رهيو هو. هن گهڻو ئي چيو، پر ڪنهن کي به سندس ڳالهه تي يقين نه آيو. جڏهن هن جو پٽ نوازو گوڙ تي اٿي آيو، ته کيس پنهنجي جوان پٽ سان اکين ملائڻ جي همت نه ٿي سگهي. نوازو حيران هو ته ڪهڙيءَ طرح پنهنجي پيءُ کان ڪو سوال پڇي. ”ابا، خدا واحد شاهد آهي.“ پوڙهي ستون اٺون دفعو وري ساڳي ڳالهه ڪري ٻڌائي. سنهن قسم کنيا، پر نازيءَ جي گوڙ تي ڪنهن به مٿس يقين نه آندو. ڀلا، زال ذات اهڙو ڪوڙ ڪيئن ڳالهائيندي؟ ٻئي ڏينهن وڏي صاحب وٽ قصو بيان ٿيو، ۽ هن اهڙي بدچال چوڪيدار کي نوڪريءَ کان برطرف ڪري ڇڏيو. جون جي گرم ٻن پهرن ۾، روئندو ڪوارٽر خالي ڪري، هو ٻئي ڪٿ قسم آزمائي ڪرڻ هليو ويو. ان وقت خيري مڇن تي هٿ ڦريندي گلوءَ کي چيو: ”ڪني آڱر وڍي ڀلي! هر ڪنهن وٽ نياڻيون آهن نئين صاحب جي اچڻ کان پوءِ، پهرين ته نازيءَ کي بنگلي تي ڪم ڪندي ڪجهه تڪليف ٿي، پر پوءِ نيٺ هري وئي. هوءَ بنگلي جو سارو ڪم خاموشيءَ سان ڪري هلي ويندي هئي، ۽ ڪيترو به وڌيڪ ڪم کيس ملندو هو ته هن جي پيشانيءَ تي شڪن به ڪا نه ايندي هئي. ٻين ڪمن وارين زالن وانگر، هوءَ ڪڏهن به هتان جون ڳالهيون ڪڍي نه ويهندي هئي، کيس پنهنجي ڪم سان ڪم هوندو هو، ان ڪري هوءُ مالڪياڻيءَ کي ڏاڍو پسند اچي وئي. سال کن ٿي ويو پر مالڪياڻيءَ هن جي جاءِ تي ٻئي ڪنهن کي نه آندو هو. ڪم ڪري جڏهن هوءَ ٿڪجي پوندي هئي، تڏهن خميسي سان ويهي اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪندي هئي. سندس سارو ٿڪ اڏامي ويندو هو. خميسو بنگلي تي ائين ڪندي به بورچيءَ اڳيان ڪم ڪندو هو. شڪل جو اهڙو هو، جنهن کي رات جو ڪو ٻار به ڏسي ته هوند ڊڄي وڃي. نازي آهستي آهستي سندس زندگيءَ ۾ ائين سمائجي ويئي، جيئن ننڊ ٿڪل انسان جي پلڪن ۾ اچي ان جي آرام جو باعث بڻبي آهي. هو روز هن لاءِ ٻيڙيون وغيره بچائي رکندو هو. جڏهن منجهند جو هڪ ڏيڍ– وڄي ويندو هو ۽ نازي اڃا بنگلي اندر ڏسبي هئي، تڏهن خميسي کي خيال ايندو هو ته هيءَ ڪهڙي نه ايماندار ۽ محنتي عورت آهي! ڀٽڪندي ڀٽڪندي، ٻه قبيح پيڪرن ۾ ڦاٿل روح، هڪ ٻئي جي ويجهو آيا هئا. جن کي ٻيا سڀ حقارت سان ڏسندا هئا، جن ننڍپڻ کان وٺي ماڻهن جون ڇڙٻون سٺيون هيون. اهي جڏهن گڏ ويهي پاڻ ۾ رهاڻيون ڪندا هئا، تڏهن کين ائين محسوس ٿيندو ته جيڪو ڏکن ڀريو ماضي هو گذاري آيا آهن، نه اهو ئي ڪا اهميت جهڙي چيز هئي، ۽ نه مستقبل، جيڪو هنن لاءِ پنهنجي جهول ۾ الائي ڇا کڻي اچي رهيو هو. هنن لاءِ حال اهڙو ته مسرت ڀريو، اهڙو ته حسين هو جو هنن انهيءَ کان پري ڪجهه ڏسڻ ئي نه پئي چاهيو. خميسو، جيڪو نازيءَ کان وڌ بدصورت هو، تنهن ڪڏهن به هن جي حسين هجڻ جي تمنا نه ڪئي هئي: انهيءَ ڳالهه نازيءَ جي دل ۾ بي انت خوداعتمادي پري ڇڏي. صاف سادن ڪپڙن ۾، ڦڻيءَ ڏنل وارن سان، جڏهن هوءَ عجيب بيفڪريءَ سان ٻهارو ڪلهي تي کڻي هلندي هئي، تڏهن ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو سپاهي جنگ جي محاذ تي ويندو هجي. سندس انهيءَ لوڏ تي کيس اسپتال جي ملازمن وٽان لقب مليو هو ”وڏيري“. جڏهن پٽيوالا کيس ائين ويندي ڏسندا هئا، ته هڪٻئي کي مرڪي چوندا هئا: وڏيريءَ جي چال ته ڏس!“ هوءَ بنگلي جي ويجهو پهچي وئي، پر سندس خيالن جو سلسلو اڃا به هلندو پئي آيو. گذريل هفتي کان جڏهن صاحب خميسي جي اڍنگائين کان تنگ ٿي، کيس ڪڍي، ان جي جاءِ تي فضلوءَ کي رکيو هو. تڏهن کان هن جي ڪم مان دلچسپي ئي نڪري وئي هئي. انهيءَ بنگلي ۾، جتي هوءَ پهرن جا پهر لڳائي ڇڏيندي هئي، هينئر ڪم ڪندي سندس دل ئي ڪا نه ٿيندي هئي. کيس ائين ويڳاڻو ڏسي، مالڪياڻي چوندي هئي: ”ڇو، نازي، خوش ته آهين؟ طبعيت ٺيڪ نه هجيئي ته هلي وڃ، باقي ڪم پاڻيهي فضلو ڪندو.“ ”نه، بيگم صاحب“، ائين چئي، هوءَ وري ڪم کي لڳي ويندي هئي- پر سڄو وقت سندس روح ڪٿ ٻئي هنڌ پيو وسندو هو. هن خميسي جي ڪمي فضلوءَ مان مٽائڻ پئي چاهي، پر فضلوءَ جي هلت هن جي تن بدن ۾ چوچڙي لڳائي ڇڏيندي هئي. هن جي ننڍڙين ڪارين اکين ۾ سوچ سمايل هئي ته هوءَ کانئس ڪيئن وير وٺي. وارڊ بواءِ ۽ پٽيوالن کان وٺي ڪمپائونڊرن تائين – سڀني لاءِ هوءَ چانهه جي گرم ڪوپ جيان هئي، جنهن کي حاصل ڪري سندن دماغي ڪلفتون دور ٿي وينديون هيون، پر خميسو انهن سڀني کان اڳتي هو. خميسو، جيڪو سڀني کان وڌيڪ بدصورت هو، جيڪو سڀني کان وڌيڪ بيوقوف هو، اهو نازيءَ لاءِ دنيا جي پهرين ۽ آخري مسرت هو. ان ڏينهن، صبح سوير، هوءَ بنگلي جي ويجهو پهتي ته هن ڏٺو، فضلو باغ مان گلدستا کڻي بنگلي اندر پئي آيو. هن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. مالهي واهه تان پاڻي ڀرڻ ويو هو. ڀنگي پري اسپتال جي صفائي ڪري رهيا هئا. هوءَ نخري سان ٻهارو لوڏيندي هن جي ويجهو هلي آئي، ۽ پنهنجين ننڍڙين اکين ۾ مستي ڀري فضلوءَ کي چيائي: ”فضلو ٻيڙي ته پيئار!“ فضلوءَ منهن ورائي، ڪرڙيءَ اک سان کيس ڏٺو، ۽ چڙ مان چيائينس، ”مغز خراب ٿيو اٿئي ڇا! هل هل، ڪانهي ٻيڙي!“ پوءِ هو تڪڙو تڪڙو بنگلي اندر هليو ويو. نازيءَ کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪا بندوق جي گولي هن جي وارن کي ڇهندي اڳتي هلي هجي وئي. فضلوءَ جي انهيءَ بيرخيءَ، اها خوداعتمادي، جيڪا خميسي جي پيار هن جي دل ۾ پيدا ڪئي هئي، برف جيان ڳاري ڇڏي. هوءَ چڙ ڀريءَ سوچ ۾ بنگلي جو ڪم ختم ڪري نڪتي، ته کيس مالڪياڻيءَ کان ماني وٺڻ به وسري وئي. زناني وارڊ وٽان لنگهندي، هن ڏٺو ته خيرو دوا جي شيشي کڻي ڊاڪٽر سان گڏ وڃي رهيو هو. هوءَ هن جي ڀرسان لنگهي وئي، پر خيري ڊاڪٽر جي خوف کان ڏانهس نهاريو به ڪو نه. هونئن ته هوءَ سندس انهن چالاڪين تي خوش ٿيندي هئي، پر اڄ هن کي ڄڻ باهه وٺي وئي. هن دل ئي دل ۾ کيس گار ڏيئي ڪڍي – ”سڀ سوئر جا ڦر آهن!“ سانجهيءَ جو هوءَ گاسليٽ وٺي ڦاٽڪ لنگهي رهي هئي، ته گلو کيس گڏجي ويو. هميشه موجب، پنهنجا پيلا ڏند ڪڍي گلوءَ کيس چيو: ”اچ، وڏيري ڪا خبر چار ڪر-“ نازيءَ زخمي شينهڻ جيان کيس ڏسندي، سگريٽ مروڙي کڻي هيٺ ڦٽو ڪيو ۽ تڪڙي تڪڙي هلي ويئي. گلو اهڙو ته وائڙو ٿي ويو، ڄڻ رات جو چنڊ بجاءِ سج اڀرندي ڏٺو هئائين. هن خميسي کي پنهنجي نور جو قسم کڻي يقين ڏياريو هو ته ”جي هن اسپتال ۾ نوڪري نه وٺي ڏيانءِ، ته مئي پڄاڻا به شڪل نه ڏسجانءِ!“ جوش ۾ اچي هن خميسي کي ٻول ته ڏنو هو، پر هينئر هوءَ ڪري ته ڇا ڪري؟ ٻه هفتا لنگهي ويا، پر ڪو کڙتيل نه نڪتو. هڪ ڏينهن هوءَ ڪم ختم ڪري گهر پئي وئي، ته رستي ۾ خميسو ملي ويس. کيس مايوسيءَ مان ڏک ڏوراپا ڏنائين، ۽ چيائين: ”تون مون کي اجايا دلاسا ٿي ڏين. هاڻي آءٌ شهر ڇڏي هليو ويندس، من ڪٿي نصيب لڳي وڃي!“ خميسو پوءِ ڪاوڙ ۾ گهڻو ئي ڳالهائيندو رهيو، ۽ نازيءَ گم سم کيس ڏسندي رهي. جڏهن خميسو اٿي هليو ويو، ته هن کيس روڪيو به ڪو نه. گهر وڃي، هوءَ پنهنجي ڇنل کٽ تي ليٽي پيئي. منجهند جو رحمو گهر آيو. ته چلهه ۾ باهه نه ڏسي ۽ نازيءَ کي بالم جيان کٽ تي ستل ڏسي، جوش ۾ ڀرجي ويو. کڻندي ئي ڪاٺي، کيس مارڻ شروع ڪيائين. ڏاڍي ڀڃ ڪڍيائينس. ڪٽي ڪٽي ٿڪجي پيو، تڏهن اطمينان سان ويهي ٻيڙي پيئڻ لڳو. خلاف معمول، هن دفعي مار کائيندي، نازيءَ هٿ به آڏو ڪو نه ڏنو، نڪي واتان ٻڙڪ ئي ٻوليائين. ٿوريءَ دير کانپوءِ، خاموشيءَ سان اٿي ماني تيار ڪرڻ لڳي وئي. جڏهن رحمو کائي ڍوءَ ڪري ٻاهر هليو ويو، تڏهن کنپل سوچي، ”ڊي ڊي ٽي“ پائوڊر جي چپٽي ڀري، پاڻيءَ ۾ ملائي، پي وئي. سندس حالت ابتر ٿي وئي، پر جلد ئي پتو پئجي ويو، ۽ وقت سر سندس علاج ڪيو ويو. جڏهن خميسي کي خبر پئي، ته هو سندس جانباز محبت جو اهڙو ته قائل ٿي ويو. جو نازيءَ کي چيائين، ”منهنجو توسان سر لڳي! ايڏي ڪاوڙ ڪبي آهي ڇا! جي مري ويندين ته به تنهنجو مجاور ٿي گذاريندس، پر پيءُ ڏانهن اک کڻي نه نهاريندس!“ نازيءَ زهر ڇو کاڌو، ان جي ته خود هن جي ملائڪن کي به خبر ڪا نه هئي، پر ان جو اثر اهو ٿيو جو خميسي الڳ پنهنجو پرديس وڃڻ ملتوي ڪيو، ته رحموءَ الڳ سندس خوشامد ڪئي. اسپتال جي لوهي پلنگ تي ليٽي، پنهنجي هن بي ساخته لغزش جو سٺو نتيجو ڏسي، هوءَ دل ئي دل ۾ مرڪندي رهي – ليڪن مرڪندي مرڪندي، جڏهن به فضلوءَ جي شڪل هن جي ذهن آڏو آئي ٿي، ته کيس هڪ عجيب اذيت جو احساس ٿيڻ لڳو ٿي. رحمو اڪثر ساڻس وڙهندو هو، ان ڪري سڄيءَ اسپتال ۾ ائين مشهور ٿي ويو ته هن مڙس جي جهڳڙي کان تنگ ٿي، زهر کاڌو هو. هڪ خسيس ڀنگياڻيءَ لاءِ ايتري سوچ ويچار جي ڪنهن کي ضرورت هئي؟ ٻه ڏينهن نوڪرن ۾ سندس ذڪر هلي وسري به ويو. هفتو کن بستري تي رهي، نازي وري پنهنجي اڳينءَ ڪرت کي لڳي وئي. انهن ڏينهن ۾ خميسي ۽ ٻين ملازمن جي خوشامد هن جي دل ۾ بيحد خوشي آڻي ڇڏي هئي. هوءَ پنهنجي اهميت محسوس ڪرڻ لڳي، ۽ سوچڻ لڳي ته هاڻي هوءَ ڪڏهن به مرڻ جي خواهش ڪا نه ڪندي. آچر جو ڏينهن هو. صبح جو نازي بنگلي تي آئي، ته صاحب جن کي ٻاهر وڃڻ جي تيارين ۾ ڏٺائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ سڀ ٻاهر هليا ويا. هوءَ به جلد صفائي ڪري، گهر هلي وئي. شام جو هوءَ وري بنگلي تي آئي. کانئس وسري ويو ته بنگلو بند آهي. فضلو بورچيخاني جي در وٽ بيٺو هو. نازيءَ کي ايندو ڏسي چيائين: ”ڇو آئي آهين؟“ ”صفائي ڪرڻ،“ نازيءَ تُنديءَ مان جواب ڏنو. ”بنگلو بند آهي. سڀاڻي اچجانءِ“ نازيءَ وڃڻ لاءِ وک وڌائي ته فضلوءَ کي ڪجهه ياد اچي ويو. اڳتي وڌي، کيس ٻانهن کان پڪڙي چيائين: ٻڌ ته نازي تو زهر ڇو کاڌو هو؟“ نازيءَ جي رڳ رڳ ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي. هن جون ننڍيون اکيون چمڪڻ لڳيون. هوءَ ماٺ بيٺي رهي، ڪو جواب نه ڏنائين. اوچتو ئي سندس ذهن ۾ هڪ خيال آيو. بجليءَ جهڙي تيزي سان، ٻئي هٿ ٻهاري ۾ وجهي، هڪٻئي پويان فضلوءَ جي مٿي تي ڦهڪائي ڪڍيائين. سر جون تيليون هن جي هٿن ۽ ٻانهن ۾ چڀي ويون، ۽ گوڙ تي آسپاس جا ماڻهو مڙي آيا.