خوشدل شهزادو آسڪر وائلڊ مترجم: حبيب سنائي هي انگريزي ٻولي جي ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد Oscar Wilde جي ڪهاڻي The Happy Prince جو سنڌي ۾ ترجمو آهي. جنهن ۾ وڪٽورين دور جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. آسڪر وائيلڊ هن ڪهاڻي ۾ انهي دور ۾ نروار ٿيندڙ ماڻهن جي روين کي ڏيکاريو آهي، سندس لکڻ جي انداز ۾ چٿر ۽ مزاح شامل آهي. ڪهاڻي پڙهو ۽ مزو وٺو. ............... يورپ کنڊ جي هڪڙي شهر ۾ وڏن ٿنڀن تي لڳايل خوشدل شهزادي جو مجسمو پريان کان ئي پيو نظر ايندو هو. مجسمي جي هر ٻاهرين حصي کي عمدي سون سان ڍڪيو ويو هو. هن جي اکين ۾ ٻه انتهائي وڻندڙ نيلم هنيا ويا هئا. سندس هٿ ۾ جھليل تلوار جي مٺئي ۾ ڳاڙهو ياقوت به چمڪ ۽ دمڪ وارو هو. شهر جو هر رهواسي مجسمي کي ڏسيو پيو ٺرندو هو. ميونسپالٽي جو هڪڙو ڪائونسلر، جيڪو پاڻ کي فنڪارانه ذهانت رکندڙ طور مڃرائڻ لاءِ هٿ پير پيو هڻندو هو، سو اڪثر اهو چوندو هو ته ”هيءُ ايترو خوبصورت آهي، جيترو اهو واءِ پرکڻو ڪڪڙ (مرغ بادنما).“ متان ماڻهو کيس بي عمل (جيڪو هو ڪونه هو) هئڻ جو طعنو هڻن، انهيءَ کان اڳ ئي هو وڌيڪ چوندو هو ته ”پر هي ايترو سو ڪارائتو ڪونهي.“ ”بابلا اهو ڏس خوشدل شهزادو. توکي ڇو نٿو وڻي؟“ چنڊ لاءِ راڙو ڪندڙ ٻار کي پنهنجي ماءُ ريجھائيندي چئي ٿي، ”ڏسين نٿو ته هيءُ ڪنهن به شيءِ لاءِ روڄ راڙو نٿو ڪري.“ ”اهو به چڱو جو ڪوئي ته هن دنيا ۾ خوش خرم آهي.“ هڪڙو مايوس شخص شهزادي جي مجسمي کي تڪيندي ڀڻڪندو وڃي ٿو. ”هيءُ ته ڪنهن فرشتي جھڙو ٿو لڳي.“ ڀر ۾ ٺهيل وڏي گرجا گھر مان نڪرندڙ ٻار، جيڪي تکي رتول رنگ واري جبي ۾ ملبوس ۽ سفيد پيش بند پهريل هوندا هئا، هڪٻئي کي چوندا هئا. ”توهان کي ڪيئن خبر پيئي ته هيءُ فرشتي جھڙو آهي؟ اوهان ڪو فرشتو ڏٺو آهي ڇا؟ “ انهن سان گڏ هلندڙ حسابن جو ماستر ٻارن جو رايو ٻڌي اهو سوال ضرور ڪندو هو. ”نه پر فرشتا اسانجي خوابن ۾ ايندا رهندا آهن.“ ٻار ماستر کي جواب ۾ چوندا هئا. اهو جواب ٻڌي ماستر ٻوٿ کڻي بڇڙو ڪندو هو، هنکي ٻارن جو خواب ڏسڻ به پسند ڪونه هو. قصو ڪوتاه، هڪڙي رات جو انهيءَ شهر مٿان هڪ ننڍڙي ابابيل پکيءَ جو، مصر ملڪ ڏي ويندي گذر ٿيو. سندس ٻيا مڙيئي ساٿي ڇهه هفتا اڳ ئي مصر اسهي چڪا هئا. پر هي اڃان پوئتي رهيل هو. اصل ۾ هن کي هڪ سرٻوٽي سان پيار ٿي ويو هو، جيڪو کيس گذريل بهار ۾، جڏهن هو هڪ پيلي پتنگ جو پيڇو ڪندي درياءَ ۾ لهي رهيو هو، تڏهن نظر آيو هو. هن جي سنهي چيلهه همراهه کي ايترو ته لڀايو، جو ان لمحي ئي هن جو اسير ٿي ويو. هن کان رهيو نه ٿيو، سو ان کي ٺهه پهه چيائين: ” ڇا آئون تو کي پيار ڪري سگھان ٿو.“ همراه اصل مقصد تي اچڻ لاءِ اتاولو هو. سر به جھڪي پنهنجي راضپي جو اظهار ڪيو. همراهه بود ۾ وٺجي هن جي چوگرد ڦيريون پائيندو رهيو. ۽ گد گد ٿي پاڻي ۾ پرڙا ڦڙڪائي هلڪيون لهرون ٿي پيدا ڪيون. اهوئي هن جي پيار جو ڍنگ هو، جيڪو پورو اونهارو هلندو رهيو. ”اهو ته بيهوده عشق آهي.“ ٻيا ابابيل پاڻ ۾ چڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا. ”هڪڙو ته هن وٽ ڪا رقم ڪونهي، ۽ ٻيو ته سندس مٽ مائٽ به ڳچ آهن. اصل پوري ندي هن جي عزيزن سان ڀري پئي آهي.“ جڏهن سرءَ جو پڙلاءُ پيو، ته ٻيا ابابيل دور ديس ڏي رمندا رهيا. جڏهن ٻيا وڃي چڪا ته همراهه کي اڪيلائپ اچي ستايو. ۽ تنهن کان علاوه هو پنهنجي پيار مان اچي ٿڪو هو. ”هوءَ محترمه مون سان ڳالهائي ٻولهائي ٺپ ڪانه ٿي.“ هن سوچيو،” آئون سمجھان ٿو ته هوءَ نخريلڻ آهي. ۽ سدائين ڏس ته پئي هوا جي جھونڪي لڳڻ تي گد گد ٿئي ۽ ٺينگ ٽپا ڏئي. شايد گھريلو قسم جي به آهي. پر مونکي ته سفر سان چاهه آهي، سو منهنجي زال به اهڙي هجي، جيڪا سفر سان لڳاءُ رکندي هجي.“ ”پياري! مون ساڻ سفر تي اسهي ٿي يا نه؟“ سوچي سوچي همراهه هن کان پڇي ورتو. اهو ٻڌي هو پريشان ٿي پئي. هن کي پنهنجي گھر سان عجيب قسم جو قرب هو. ”چئبو ته تو ٺلهو پئي مونسان اجائي ڏند ٽيڙ ڪئي. چڱو آئون ته وڃان پيو مصر جي اهرامن ڏي. الله واهي.“ اهو چئي ابابيل اڳيان نڪري آيو. سڄو ڏينهن هو اڏامندو رهيو ۽ رات جي مهل اچي انهيءَ خوشدل شهزادي واري شهر ۾ پهتو هو. ”آئون ڪٿي بسيرو ڪيان. شهر وارن ضرور مهنجو ڪو بندوبست ڪيو هوندو.“ هن دل ۾ سوچيو. آسپاس نهاريندي، کيس اهو مجسمو نظر آيو. ”مونکي اُتي ئي بسيرو ڪرڻ گھرجي.“ خوشيءَ مان کانئس رڙ نڪري ويئي. ”هائو اها جاءِ چڱي ٿي لڳي. اُتي هوا به تازي پئي لڳندي.“ هو خوشدل شهزادي جي پيرن ۾ اچي ويٺو. ”اڄ ته مون کي سونو ڪمرو سمهڻ لاءِ نصيب ٿيو آهي.“ دل ۾ چئي هو چوڦير جانچڻ لڳو ۽ سمهڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. هن پنهنجو مٿو پنهنجي پرن ۾ اڃان مس لڪايو ئي ڪونه هو ته مٿانس پاڻيءَ جو هڪ وڏو ڦڙو اچي ڪريو. همراهه حيران ٿي ويو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو ته هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي! ”آسمان ته صفا صاف لڳو پيو آهي ۽ ڪڪر به نظر نٿو اچي، تارا به چٽا چمڪي رهيا آهن. پوءِ به برسات پئي پوي. اتر يورپ جي موسم واقعي به هئبتناڪ آهي. هُن مائي کي ته رڳو مينهن جي مند وڻندي هئي. پر ان ۾ ته سندس خودغرضائپ شامل هئي.“ اوچتو وري هڪ ٻيو ڦڙو به اچي مٿس ڪريو. ”هن مجسمي جو ڪهڙو فائدو، جو مينهن کي به روڪي نٿو سگھي.“ هن دل ۾ ويچاريو. ”مونکي ڪا ٻي جاءِ ڳولڻي پوندي.“ ائين هن هتان اڏرڻ جو پهه ڪيو. پر جيئن ئي هو اڏرڻ تي هو ته هڪ ٽيون ڦڙو به اچي مٿس ڪڙڪيو. ابابيل ترت ئي مٿي نهاريو ۽ ڏٺو ___ ٻڌايو ته هن ڇا ڏٺو؟ خوشدل شهزادي جو اکيون لڙڪن سان ڀريل هيون، ۽ سندس سوني ڳلن تان لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا. چانڊوڪي ۾ هن جو چهرو ايترو ته دلپذير هو، جو ابابيل انهيءَ کي ڏسي ڪري پريشان ٿي ويو. ”تون ڪير آهين؟ “ ابابيل پڇي ورتو. ”آئون خوشدل شهزادو آهيان.“ ”پوءِ تون روئين ڇاجي لاءِ پيو؟“ هن امالڪ پڇيو،” مون کي ته پورو پسائي ڇڏيو اٿئي.“ ”جڏهن آئون جيئرو هئس ۽ منهنجي دل واقعي به انساني دل هئي.“ مجسمو جواب ۾ چوڻ لڳو،”مون کي خبر ئي نه هوندي هئي ته ڳوڙها ڇا ٿيندا آهن. ڇو ته آئون جنهن شاهي محل ۾ رهندو هوس، اتي ڏکن ۽ اهنجن کي اچڻ جي منع ٿيل هئي. سارو ڏينهن آئون پنهنجي سنگي ساٿين سان باغن ۾ پيو کيڏندو هئس، ۽ جيئن شام ٿيندي هئي ته اسان محل جي وڏي هال ۾ اچي ڀيڙا ٿيندا هئاسون، ۽ پيا نچندا ۽ ڪڏندا هئاسون. باغن جي چوڌاري هڪ وڏي ديوار ڏنل هئي. پر مون ڪڏهن به اها پڇا ئي ڪانه ڪئي ته انهيءَ ديوار جي پويان ڇا آهي؟ ڇو ته مون سان واسطيدار هر شيءِ خوبصورت ۽ وڻندڙ هئي. منهنجا درٻاري مون کي ڪوٺيندا ئي هئا خوشدل شهزادو. ۽ واقعي به آئون هُئس به خوش خرم ۽ خوشدل. ائين خوش خوش زندگي گذاريندي، آئون انهيءَ دنيا مان مري نڪتس. جڏهن هاڻ آئون مري چڪو آهيان ته مون کي شهر جي اُتاهين جاءِ تي لڳائي ڇڏيو اٿن ته جيئن آئون شهر جي هر ڪرب ۽ بڇڙائي کي ڏسي سگھان. جيتوڻيڪ منهنجي هاڻوڪي دل شيهي مان جڙيل آهي، پر پوءِ به آئون روئڻ کان سواءِ رهي نٿو سگھان.“ ”ته ڇا تون سڄي جو سڄو سون مان ٺهيل ڪين آهين، ڇا؟“ ابابيل پنهنجي من ۾ اڀريل سوال زبان حوالي ڪري نه سگھيو. ”تمام پري“ مجسمو پنهنجي دلگذاز آواز ۾ چوڻ لڳو،” تمام پري هڪ سوڙهي گھٽيءَ ۾ هڪ ننڍڙو گھر آهي، ان جي هڪ دري کليل آهي. ان مان مون کي نظر پيو اچي ته هڪ عورت ميز وٽ ويٺي آهي. سندس منهن سنهو ۽ سڪل آهي. سندس هٿ سخت ۽ ڳاڙها آهن، ۽ سندس آڱرين تي سئي جا نشان هر جاءِ پيا ڏسڻ ۾ اچن. هوءَ درزياڻي آهي. اڄڪلهه هوءَ راڻي صاحبه جي خاص حاضري واري نوڪرياڻي جو وڳو ڀرڻ ۾ رڌل آهي. اهو وڳو خاص طور تي ڪنهن درٻاري جشن ۾ اوڍڻ لاءِ تيار پيو ڪرايو وڃي. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ بستري تي ستل ٻار سخت بيمار آهي. هو بخار ۾ ڪڙهي رهيو آهي ۽ بار بار ماءُ کان نارنگيون طلبي رهيو آهي. پر ماءُ کيس رڳو درياءَ جو پاڻي پياري رهي آهي ۽ هو رڙو رڙ لڳايو ويٺو آهي. اي ننڍڙا ابابيل ڇا تون منهنجي تلوار جي مٺيي ۾ لڳل ياقوت ڪڍي ان مائي کي پهچائي ايندي؟، منهنجا پير ڏسين پيو ته جڪڙيل آهن، ۽ آئون چري پري نٿو سگھان.“ ”يار ڳالهه ٻڌي اٿئي. مون کي وڃڻو آهي ملڪ مصر ڏي. اتي منهنجا ساٿي منهنجو انتظار پيا ڪن. هو اُتي پيا نيل ندي تي لهندا ۽ چڙهندا هوندا ۽ ڪنول جي گلن سان ڪچهريون ڪندا هوندا. رات ٿيندي ئي هو وڃي فرعون جي مقبري ۾ سمهندا هوندا. فرعون جي ممي کي دوائون ۽ مصالحو لڳائي محفوظ ڪري اتي رکيو ويو آهي. کيس زرد رنگ جا ڪپڙا پهريل هوندا آهن ۽ سندس ڳچيءَ ۾ زرد سنگريشم جي زنجير پيل هوندي آهي ۽ همراهه جا هٿ سڪل پنن جھڙا بنجي ويل آهن.ـ ”او ابابيل، ننڍڙا ابابيل! ڇا تون مون ساڻ هڪ رات وڌيڪ ترسي نه سگھندين ۽ منهنجو پيغامبر نه ٿيندي؟ هو ٻار ڏاڍو اڃايل آهي ۽ سندس ماءُ ڏاڍي غمگين آهي.“ ”پر مون کي ته اهو ڇورا وڻن ئي ڪين؟“ ابابيل چيو، ”گذريل اونهاري جي ئي ڳالهه ٿو ٻڌايان. آئون ندي تي رهيل هوس. اتي مون کي ٻن ڇورن ڏاڍو ستايو ۽ هلاک ڪيو. جيڏي مهل مونتي نظر پوين، مون تي پٿرن جو وسڪارو لايو ڏين. اهو شڪر جو اسان زمين کان ڪافي مٿي پيا اڏرندا آهيون ۽ خانداني طرح به اسان ڪافي ڦڙت هوندا آهيون. ان هوندي به سندن اها ڪار مناسب ته ڪانه ڪوٺبي.“ اهو ٻڌي ڪري خوشدل شهزادو ايترو ته دکي ٿي پيو، جو ابابيل کي پنهنجي چئي تي اچي پشيماني ٿي. ”چڱو ڀلا ٿڌ ته ڪافي زور آهي، پر آئون تو سان گڏ رهي ٿو پوان ۽ تنهنجو پيغام پڄائي ٿو اچان.“ ”وڏا وڙ تنهنجا ، ننڍڙا ابابيل.“ شهزادي خوشيءَ مان چيو. ابابيل شهزادي جي تلوار مان اهو عاليشان قسم جو ياقوت ڪڍيو ۽ پنهنجي چهنب ۾ سوگھو ڪري شهر مٿان اڏامندو هليو. پهريائين هو هڪ وڏي ديول (گرجا گھر) مٿان اچي لنگھيو. ان ديول ۾ سفيد سنگ مر مر مان ٺاهيل فرشتن جا مجسما هئا. وري هو هڪ محل مٿان اچي گذريو، جتي ناچ گانو زورن تي هو. اڳتي وڌيو ته هڪ بالڪوني ۾ هڪ خوبصورت ڇوڪري پنهجي ساٿي سان قرب ڪچهريون ڪندي نظر آئي. ”ٽمڪندر تار ڪيڏا نه انوکا پيا لڳن.“ همراهه چئي رهيوهو، ”۽ مٺي پيار جي قوت به ڏاڍي عجيب ٿيندي اهي.“ ڇوڪري جواب ۾ چئي ٿي ته ”خدا ڪري ته اهو مون وارو وڳو سرڪاري جشن تائين جڙي راس ٿي ملي. مون کين گلن جو ڀرت ڀرڻ لاءِ چيو آهي....... پر اهي درزياڻيون به ڏاڍيون سست ۽ ڪاهل آهن.“ هو وري درياءَ مٿان اڏرندو هليو. ٻيڙين ۾ بتيون ٻري رهيون هيون. درياءُ اڪري وري هو يهودين جي ويڙهي مٿان اچي گذريو. ڪجھ يهودي پاڻ ۾ ڪنهن وڪري تي ريڙه پيڙه ۾ مگن هُئا ۽ پئسا به ساهمي ۾ توري رهيا هئا. هو آخرڪار پنهنجي منزل مقصود تي پهتو. هو انهيءَ غريب گھر ۾ گھڙي ويو، ۽ اندر جانچڻ لڳو. ٻارڙو بخار ۽ سور ڪري ڦٿڪي رهيو هو، ۽ ان مائي کي سخت ٿڪاوٽ ڪري گھڙي کن لاءِ اک لڳي ويئي هئي. ابابيل اندر گھڙي چوڦير ڦيرا پائڻ لڳو ۽ پنهنجي پرن سان ٻار جي منهن کي هوا هڻڻ لڳو. هوا لڳڻ سان ٻار ۾ ساهه پيو ۽ هلڪي گھيرٽ ۾ اچي ويو ڪجھ وقت کانپوءِ ابابيل واپس خوشدل شهزادي وٽ اچي پڳو. پنهنجي ڪارگذاري ٻڌائيندي ابابيل حيرت ۾ اچي چيو ته ”مون کي هيءَ ڳالهه نه ٿي سمجھ ۾ اچي ته هيڏي ساري سردي لڳي پئي آهي، پر آئون پاڻ کي گرم پيو محسوس ڪريان!“ ”اهو صرف انهيءَ ڪري آهي جو تو اڄ هڪ نيڪ ڪم ڪيو آهي.“ شهزادي کيس سمجھائيندي چيو. ابابيل سوچ ۾ پئجي ويو، ۽ سوچيندي سوچيندي کيس ننڍ اچي ويئي. اصل ۾ همراهه کي هميشه سوچڻ سان اچي ننڍ ورائيندي هئي. صبح ٿيو ته هو درياءُ ڏي ويو ۽ تڙ ڪرڻ لڳو. جيئن هو پل پئي اُڪريو ته مٿس هڪ پکي وديا (Ornithology) پڙهائيندڙ جي نظر پئجي ويئي، ۽ امالڪ ان جي وات اهو نڪري ويو ته ”اهڙي سخت سياري ۾ به هتي ابابيل پيو ڦري. واه!“ هو تڪڙو تڪڙو گھر آيو ۽ اچي هڪ ڊگھو خط هڪ مقامي اخبار کي لکيائين. جيتوڻيڪ پڙهندڙ هن جي لفظ بازي کي ايترو سمجھي نه سگھيا، پر باهمي گفتگو ۾ انهيءَ خط ۽ پکي جو ذڪر ضرور ٿي ڪيو ويو. ”اڄ رات آئون مصر ڏي اسرندس.“ ابابيل سفر جو سوچي بود ۾ ڀرجي ويو. هن شهر جون مڙيئي عوامي جايون گھمي ورتيون هيون ۽ ڪافي وقت گرجا گھر جي منارن جي ڳڙکين ۾ ويٺو رهيو. جھرڪيون کيس ڏسي پاڻ ۾ سس پس لايو ويٺيون هيون ۽ حيران هيون ته هي پکي وري هت ڪٿان آيو آهي! هن کي جھرڪين جي حيرانگي مذيدار لڳي. جيئن شام ٿي ۽ چنڊ چڙهڻ لڳو ته هو واپس خوشدل شهزادي وٽ پهتو. ” ملڪ مصر ۾ ڪو ڪم ڪار هجنئي ته بي ڌڙڪ ٿي چؤُ. چڱو پوءِ آئون ته هلان ٿو.“ ”او ننڍڙا ابابيلَ ڇا تون مون ساڻ هڪ رات وڌيڪ نه رهي پوندين؟“ ”يار! توکي اڳ ۾ ئي ٻڌايو اٿم ته منهنجو اتي اوسيئڙو هوندو. سڀاڻي مون وارا سنگي نئين آبشار ڏي اسهندا. اُتي دريائي گھوڙو پيو ننڍڙي پن واري گاهه جي ميدان ۾ ڦرندو. تنهن کان پوءِ اتي سماق پٿر جي تخت تي ميمنن (Memnon) ديوتا ويٺل آهي. هو سڄي رات پيو تارن کي تڪيندو آهي. جڏهن صبح وارا تارو کڙندو آهي ته هو جولان ۾ اچي ڪوڪڻ لڳندو آهي، ٿوري دير بعد هو خاموش ٿي ويندو آهي.... ٻپهرن سمي زرد شينهن اُتي پاڻي پيئڻ ايندا آهن. انهن جون اکيون سائي فيروزي جھڙيون آهن. هنن جي گجگوڙ آبشار جي گجگوڙ کان وڌيڪ هوندي آهي.“ ”پر اي ابابيل! شهر جي پرين پاسي مون کي هڪ شخص گھر جي مٿئين ڪمري ۾ نظر اچي رهيو آهي. هو جنهن ميز تي جھڪيو ويٺو آهي، سا ڪاڳرن سان سٿي پئي آهي. سندس پاسي ۾ پيل پيالي ۾ سڪل واڱڻائي گل ڪومايل آهن. سندس وار سونهري آهن. هن جا چپ ڏاڙهون جھڙا ڳاڙها ۽ اکيون وڏيون ۽ خوابي آهن. کيس اڄ رات ڪيئن به ڪري ڊرامو مڪمل ڪري اسٽيج ڊائريڪٽر کي صبح جو ڏيڻو آهي. پري سخت سيءَ جي ڪري هو لکي نٿو سگھي. آڳيٺي (آتشدان) ۾ باهه به ڪانهي ۽ بک ڪري به هو بيحال بنجي ويو آهي.“ ”چڱو ڀلا، چئين ٿو ته هڪ رات وڌيڪ توسان ترسان ٿو.“ ابابيل چئي ٿو، ”انهيءَ وٽ ڪو ياقوت کڻي وڃان ڇا؟“ ”افسوس ته مون وٽ وڌيڪ ڪو ياقوت ڪونهي. البت منهنجي اکين ۾ لڳل نيلم ڏاڍا سهڻا آهي، ۽ هزارين سال اڳ اهي ملڪ هندستان مان هتي آندا ويا هئا. انهن مان هڪڙو ڪڍي وڃي همراه کي ڏئي اچ. جيئن هو ان کي جوهري کي وڪرو ڪري، پنهنجي لاءِ کاڌي توڙي باهه جو بندوبست ڪري سگھي ۽ پوءِ ڊرامو مڪمل ڪري سگھي.“ ”او مٺڙا شهزادا، آئون ائين نه ڪري سگھندس، جو توکي انڌو ڪري ڇڏيان.“ ائين چئي ابابيل روئڻ لڳو. ”او ابابيل ڀائڙا! جيئن آئون توکي چوان ٿو، ائين ڪر.“ نيٺ ابابيل شهزادي جي اکين مان نيلم ڪڍيو ۽ چهنب ۾ جھليندو اچي مذڪوره ڊراما لکندڙ جي ڪمري وٽ پهتو. ڪمري ۾ داخل ٿيڻ آسان هو، ڇو ته ڇت ۾ هڪ وڏو سوراخ هو. ابابيل انهيءَ سوراخ مان ڪمري اندر ويو. ڊراما لکندڙ ميز تي پنهنجي ٻانهن ۾ منهن لڪائي جھڪيو ويٺو هو. کيس ڪمري ۾ پکيءَ جي موجودگي توڙي ان جي پرن جي ڦڙڦڙاهٽ به ٻڌڻ ۾ نه آئي. ڪجھ گھڙين بعد هن جڏهن ڀر ۾ ڏٺو ته پيالي ۾ سڪل بنفشي گل جي پنين مٿان هڪ عاليشان نيلم پيل هو. ”واهه. لڳي ٿو ته مهنجا ساراهيندڙ به پيدا ٿي چڪا آهن.“ هن خوشيءَ سان رڙ ڪئي. ”هي ضرور ڪنهن مداح ئي موڪليو اٿم. هون ... هاڻي آئون ڊرامو پورو ڪري وٺندس.“ ٻئي ڏينهن ابابيل سمنڊ جي دڪي ڏي اڏامي ويو. هو گھڻو وقت جھاز جي کوهي تي ويٺو رهيو، ۽ جھازين کي تڪيندو رهيو، جيڪي سفر جي تيارين ۾ مشغول هُئا. ”آئون به مصر پيو وڃان.“ هن رڙ ڪري انهن کي ٻڌائڻ چاهيو، پر ڪنهن به ان تي ڪو ڌيان نه ڏنو. جڏهن چنڊ اڀريو ته هيءُ واپس خوشدل شهزادي وٽ پهتو. ”آئون تو کي خدا حافظ چوڻ آيو آهيان.“ هن ڏکارو ٿي چيو. ”اي مٺا ابابيل! ڇا تون مونسان اڃا هڪ رات وڌيڪ نه ترسي سگھندين؟“ ”يار خبر اٿئي سردي وڌنڌي وڃي ۽ ڄاڻ سخت برفباري شروع ٿي ويندي. هوڏانهن ملڪ مصر ۾ سج گرم هوندو. ۽ وڻ ساوا هوندا. ماگر مڇ گپ ۾ سست ٿيو هڪ ٻئي کي تڪيندا هوندا ۽ پاڻ ۾ پيا قرب ونڊيندا هوندا. چڱو پيارا شهزادا، هاڻي مون کي توکان موڪلائڻ گھرجي. آئون توکي مور نه وساري سگھندس. انشاءَالله ايندڙ بهار ۾ واپسيءَ مهل پاڻ سان ٻه خوبصورت جواهر کنيو ايندس. مون وارو ياقوت گلاب جي گل کان وڌيڪ ڳاڙهو هوندو ۽ نيلم به وڏي سمنڊ جيان نيرو هوندو.“ ”او ابابيل منهنجي ڳالهه ته ٻڌ! هتان کان ٿورڙو هيٺيان هڪ ماچيس ٺاهيندر ڇوڪري بيٺي آهي. هن کان ماچيس جون تيليون گٽر ۾ ڪري پيون آهن. سو هوءَ ڏاڍو ملول ٿيو اتي بيٺي آهي. جيڪر هوءَ ڪابه رقم گھر ۾ نه کڻي ويندي ته سندس پيءُ کيس موچڙن سان ماري وجھندو. هن جا پير اگھاڙا آهن، ۽ جوراب به اوڍيل نه اٿس. مٿو به اگھاڙو اٿس. مون واري ٻي اک جو نيلم ڪڍي وڃي ان کي ڏي ته جيئن پيءُ جي مار موچڙي کان بچي وڃي.“ ”چڱو ڀلا! آئون هڪ رات وڌيڪ رهي ٿو پوان. پر ٻيلي اهو اکين جو نيلم آئون نه ڪڍي سگھندس. ان سان ته تون صفا انڌو بنجي ويندين.“ او ابابيل! تون ائين ڪر، جيئن توکي آئون ڏَسيان ٿو.“ مجبورن هن شهزادي جي اک مان نيلم ڪڍيو ۽ اڳتي وڌيو. هن ڦيرو ڏئي ڇوڪريءَ جي تريءَ تي اهو پٿر رکيو. ”ڪيڏو نه ڀلو شيشو آهي.“ ڇوڪريءَ نيلم ڏسي خوشيءَ مان رڙ ڪئي ۽ کلندي ڪڏندي گھر رواني ٿي. ابابيل واپس شهزادي وٽ پهتو ۽ کيس چيائين ته ”هاڻي ته تون صفا انڌو ٿي ويو آهين. سو آئون توکي ڇڏي نه ويندس ۽ هميشه هت رهندس.“ ”نه پيارا ابابيل، نه. تون هاڻي ڀلي مصر وڃ.“ ” نه هاڻي آئون هتي ئي رهندس.“ ابابيل پختي ارادي سان چيو، ۽ شهزادي جي پيرن ۾ سمهي رهيو. ٻيو ڏينهن هوشهزادي جي ڪهلي تي ويٺل رهيو، ۽ کيس ديس ديس جا قصا ٻڌائيندو رهيو. هن شهزادي کي پهريان انهن ڳاڙهن ڪانيرو نالي وارن پکين بابت ٻڌايو، جيڪي نيل نديءَ جي ڪناري تي قطارون بنايو بيٺا هوندا هئا ۽ گھڻو ڪري پنهنجي چهنبن ۾ سونهاري مڇي پڪڙيندا هئا. وري هن نرسنگھي Sphinx جو ذڪر ڇيڙيو، جيڪي هن جڳ جيترو قديم آهي ۽ صحرا نشين آهي. وڏي ڳالهه ته هرشيءِ متعلق ڄاڻ رکي ٿو؛ انهن واپارين جو به احوال اوريائين، جيڪي هٿن ۾ عنبر جون تسبيحون کنيو پنهنجي اٺن ساڻ پيا هلندا آهن، وري انهن چنڊ وارين پهاڙين جي بادشاه جو ذڪر ٿيو، جيڪو پاڻ ڪِٺُ ڪارو آهي، ۽ هو هڪ شفاف پر وڏي بلور کي پوڄيندو رهندو آهي؛ ان کانپوءِ هڪ سائي رنگ واري ازدها جو قصو شروع ٿيو، جيڪا پام وڻن ۾ سمهندي آهي ۽ کيس 20 کن پوڄاري ماکيءَ مناري وسيلي خوراڪ ڏيندا آهن؛ ۽ انهن جيتامڙن جو ذڪر ٿيو، جيڪي وڏي پيتي تي چڙهي، درياءُ جو سير سفر پيا ڪندا آهن ۽ سدائين پوپٽن سان جھيڙيندا آهن. ”پيارا ابابيل! اڄ واقعي تو مون کي انوکين ۽ عجيب خلقت جو احوال ڏنو آهي. پر ڳالهه ٻڌي اٿئي ته سڀ کان نرالي جيڪا ڳالهه آهي سا آهي انسان جي تڪليف. بدحالي جھڙي ڪابه ڏند ڪٿا ڪانهي. هاڻي هيئن ڪر جو وڃي منهنجي شهر جو چڪر هڻ ۽ اچي ٻڌاءِ ته اتي ڇا پيو وهي ۽ واپري. ابابيل وڏي شهر ڏي نڪري ويو. اتي ڏٺائين ته امير ڪبير پنهنجي وڏن ۽ عاليشان گھرن اندر شادمانن ۾ محو هئا. ۽ انهن جي درن تي پنندڙن جي هڪ لمبي قطار اوسيئڙو ڪري رهي هئي. هو اڳتي وڏي اونداهين ڳلين ۾ به ويو ۽ ڏٺائين ته بک کان بدحال ٻارڙا اونداهي ڳلين ۾ تڪيندا پئي رهيا. پل جي هيٺيان ٻه ننڍا نينگر هڪ ٻئي سان چهٽيا پيا هئا ته جيئن سردي کان بچيا رهن ۽ گرم رهن. ”يار بک به اصل ڏاڍي لڳي اٿئون، پر......“ هو پاڻ ۾ چئي رهيا هئا. اوچتو هڪ چوڪيدار اتان اچي لنگھيو ۽ کين ڏسي سختيءَ سان چيائين ته ”هتي نه ويهو، ڀڃي وڃو.“ ۽ هو مينهن ۽ سردي ۾ رلندا رهيا. ان بعد ابابيل واپس وريو ۽ شهزادي کي پنهنجي سرگرميءَ جو احوال ڏنائين. ”مون تي جيڪا سونا ورق لڳل آهن، سي آهستي آهستي ڪڍندو وڃي اهي غريبن ورهائي اچ. جيئرا اهو پيا سوچيندا آهين ته سون کين اڻ ميون خوشيون مهيا ڪري سگھي ٿو.“ ابابيل شهزادي جي تجويز کي مڃي ورتو ۽ پوءَ هو ورق ورق ڪڍندو ويو ۽ غريبن کي ڏيندو رهيو. سون ختم ٿيڻ سان شهزادي جو مجسمو بي رنگ ۽ بيڪار لڳندو هو. پر ٻئي پاسي سون جي ورقن ملڻ سان غريب غربا سرها ٿيا. انهن جا ٻار ٻهڪڻ لڳا ۽ کين ماني نصيب ٿي ۽ خوش خوش گھٽين ۾ پيا کيڏندا هئا. جلدي برفبار شروع ٿي ۽ ان بعد پارو پوڻ لڳو. گھٽيون ائين ٿي لڳيون ، ڄڻ چاندي وڇايل هجي. اهي چمڪي ۽ ڌمڪي رهيون هيون، گھرن جي ڇڄهرن مان برفاني قلم شفاف خنجرن وانگر لڙڪي رهيا هئا. هرڪ گرم ڪوٽ پهري، پوءِ ٿي ٻاهر نڪتو. ٻار به گرم ٽوپيون پايو برف تي هلي رهيا هئا. سخت سرديءَ ۽ برفباريءَ باعث ابابيل به يخ ٿيندو پئي ويو، پر پوءِ به شهر۾ موجود رهيو. کيس شهزادي سان بيحد پيار هو. جڏهن بيڪري واري ڪنهن ڪم يا ٽپڙ لاءِ هيڏي هوڏي ٿيندو هو ته هيءُ وڃي سندس بيڪري ۾ اڇليل روٽيءَ جا ٽڪر کڻي ايندو هو. پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ پرڙا پيو ڦڙڪائيندو هو. نيٺ کيس اهي پرون پئجي ويا ته هو هن دنيا ۾ ڏينهن ٻن جو مهمان آهي، ۽ جلدي راهه ربانيءَ رمندو. سردي ۽ برفباري کيس نهوڙي وڌو هو. هو جيئن تيئن ڪري شهزادي جي ڪلهي تي اچي ويٺو ۽ سرٻاٽ ڪندي ڇيائين ” پيارا شهزادا. آئون هاڻي وڃان پيو، پنهنجا هٿ مونکي چمڻ ڏي.“ ”يار! ڏاڍو ڀلو ٿيو جو تو نيٺ مصر وڃڻ جي فيصلو ڪيوآهي. تو مونسان ڪافي وقت گذاريو آهي. تون مون کي چپن تي چمي ڏي. ڇو ته مون کي به تو سان قرب آهي.“ ”پيارا شهزادا، آئون ملڪ مصر نه پيو وڃان.“ آئون ته عدم جي سفر تي پيو اسهان. خبر اٿئي ته موت ننڊ جو ڀاءُ آهي. ڪي نه؟“ ابابيل شهزادي جي چپن کي ڇمي بس ڪيو ته اوڏي مهل ئي سندس روح پرواز ٿي ويو، ۽ هو اچي شهزادي جي پيرن ۾ ڪريو. ٺيڪ ساڳئي لمحي مجسمي اندر ڪنهن شيءِ جي ٽڙڪڻ جو هڪ عجيب غريب آواز اڀريو. هائو شهزادي جي شيهي واري دل به ٽٽي پئي هئي. هن ڀيري وارو سيارو به سخت موتمار قسم جو ٿي پيو هو. صبح ٿيو ته شهر جي ميونسپالٽيءَ جو ميئر ۽ ٻيا ڪائونسلر اتان اچي گذريا. جڏهن انهن جي نظر مجمسي تي پئي ته انهن جي واتن مان رڙ نڪري ويئي. ”افسوس ته مجسمو ڏاڍو بي سرو ٿي ويو آهي. “ ميئر چيو. ”برو بر“ ٻين ڪائونسلرن هائوڪار ڪئي. اهي هميشه ميئر جي ڳالهه کي اکين تي رکندا هئا. ”لڙي ڏسو ته سهي! تلوار وارو ياقوت توڙي اکين وارا نيلم گم آهن. ۽ ها سونا ورق به غائب آهن. هن حالت م هيءُ مجسمو ته ڪنهن پينو جو ٿو لڳي.“ ”بلڪل صحيح آهي.“ ”هو ڏسو مجسمي جي پيرن ۾ مئل پکي پيل آهي.“ ميئر ڇيو،” پاڻ کي اهو حڪم جاري ڪرڻ گھرجي ته پکين کي هتي مرڻ جي اجازت نه آهي.“ ڪلارڪ بالاعملدار جي تجويز کي نوٽبڪ ۾ لکي ورتو. جلدي ان مجسمي کي هٽارائي هڪ بٺيءَ حوالي ڪيو ويو. هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي، جنهنجي ايجنڊا جو هڪ اسم اهو هو ته مجسمي جي ڌاتو کي ڪهڙي ڪم آڻجي. ”پاڻ کي هاڻي هڪ ٻيو مجسمو جوڙائڻ گھرجي. اهو مجسمو منهنجو هجي ته ڏاڍو سٺو.“ هڪ ڪائونسلر ايجنڊا جي انهيءَ اسم تي ڳالهائيندي راءِ ڏني. ”نه نه منهنجو هئڻ گھرجي.“ ائين سڀ ڪائونسلر پاڻ ۾ اٽڪي پيا. ۽ جڏهن مون کين آخري ڀيرو ٻڌو ته تڏهن به اهي ائين پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا. ”يار ڳالهه سمجھ ۾ نٿي اچي ته هيءَ ٽٽل دل ڳري ڇو نه ٿي.“ بٺيءَ ۾ ڪم ڪندڙ لوهار چيو.“چڱو ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيوس.“ ائين اها دل مٽيءَ جي ان ڍير تي اڇلائي ويئي، جتي ابابيل به پيل هو. ”وڃو ۽ ان شهر مان ڪي ٻه قيمتي شيون کڻي اچو.“ خدا تعاليٰ پنهنجي فرشتن کي فرمايو. فرشتا شهر ۾ آيا ۽ اچي اها دل ۽ ابابيل کنيائون. ”واقعي! اوهان اها تمام اعليٰ چونڊ ڪئي آهي.“ خدا تعاليٰ چيو. ”هي ابابيل جنت الفردوس ۾ هرڪنهن لاءِ پيو ڳائيندو، ۽ منهنجي سوني شهر ۾ هي خوشدل شهزادو مهنجي حمد ثنا ڪندو رهندو.“