جذبن جو زندگيءَ تي اثر

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جذبا
    Emotions


    [​IMG]
    نوٽ؛ هڪ انگريزي ليک تان ترجمو ٿيل؛ جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي زندگيءَ جي ڪجهه تجربن تي روشني وجهندي جذبن کي قابو ڪرڻ جو درس ڏنو آهي ... ضروري ناهي ته هر ماڻهونءَ سان ساڳيون حالتون هجن پر ڪئي اهڙا نفسياتي مسئلا بحث ڪيل آهن جي اسان سڀني انسانن سان واسطو رکنٿا جي سماجي زندگي گذاريون ٿا ۽ سماج ۾ هڪ سٺي انسان جي حيثيت سان رهڻ پسند ڪريونٿا.
    ________________________________________

    هڪ يورپي ڏاهي پال اڪمين چيو هو ته؛ ”جذبا اسانجي زندگيءَ جي قدرن جو تعين ڪنٿا“
    پورن پنن جذبن سان صحيح فيصلو، صحيح وقت تي ڪرڻ به هڪ فن آهي. مون پنهنجي زندگيءَ جي دوران ڪيترا غلط فيصلا ڪيا آهن، جنهنجي نتيجي ۾ مونکي مايوسيون، ٿڪاوٽون، شڪ ۽ گمان مليا آهن. ڪو وقت هو جو مونکي جذبن جي هجڻ جو ڪو احساس نه هو جو آءُ منجهيل مرحلن ۾ ڏکيا فيصلا ڪري سگهان، ٿڪاوٽ ۽ ڪاوڙ منهنجي وجود جا نشان ٿي پيا هئا، اهي مونکي هميشه ڏکارو ڪندا هئا ۽ آءُ شرمندگي واري تڪليف ۾ رهندو هوس. ان غير سطحي رويي مونکي، پنهنجي باري ۾ سوچڻ تي مجبور ڪيو ته ان ڏکياري حالت مان نڪرڻ جو ڪو ممڪن حل ڳولهيان. اهو جذباتي رويو منهنجي زندگيءَ جو ڪمزور ترين پاسو هيو، انڪري انجي اصلاح ڪرڻ پڻ ضروري ٿي پيو هو ...

    جذبا فيصلن ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ... اهو ڏٺو ويو آهي ته گرم طبيعت رکندڙ ماڻهون هميشه غلط يا اهمقانه فيصلا ڪندا آهن، ان خاص وقت تي جڏهن جذبن جي سگهه اوهانجي صحيح فيصلي ڪرڻ جي سگهه تي حاوي ٿي وڃي ٿي، ذهن کي تالو لڳي وڃي ٿو، عقل ۽ جذبا پنهنجي آپي کان نڪري وڃنٿا، ۽ نتيجي ۾ اسين اهڙا قدم کڻندا آهيون جن جي ڪڏهن خواهش به نه ڪئي هوندي آهي. اهو ئي لمحو آهي جنهن ۾ اسانکي پنهنجي جسم، ذهن، عقل ۽ جذبي کي قابو ۾ ڪرڻو هوندو آهي.

    مون جذبن جي حقيقت جي ڳولها ڪرڻ شروع ڪئي ته ڪيترائي سوال منهنجي ذهن ۾ اڀري آيا، جهڙوڪ؛

     جذبن جي سگهه کي ڪيئن قابو ڪجي؟
     ڪاوڙ ۽ ٿڪاوٽ سان ڪيئن منهن ڏجي؟
     ڇڪتاڻ واري حالت ۾ ڪنهن مسئلي کي ڪيئن حل ڪجي؟
     ڪنهن ڪاٽو قسم جي سگهه کي ڪيئن واڌو سگهه ۾ تبديل ڪجي؟

    ۽ آخرڪار جيڪي سوال هميشه مونکي پريشان ڪندا رهندا هئا، انهن جا جواب ڳولهي لهڻ ۾ سوڀارو ٿيس، جي هيٺ ترتيبوار اوهان سان ونڊ ڪريانٿو؛

    جذبن تي ڪيترن ڪتابن، مقالن ۽ تحريرن کي پڙهڻ کانپوءِ، آءُ ان نتيجي ته پهتو آهيان ته ٻن قسمن جا جذبا پيدا ٿين ٿا.
    1. ڪاٽو جذبا
    2. واڌو جذبا

    قابو کان ٻاهر پئدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ، ٿڪاوٽ ۽ ڪاوڙ سبب ڪاٽو جذبا پئدا ٿين ٿا، اهي جذبا اسانجي عقل ۽ فهم تي حملو ڪندا آهن، جنهنجي نتيجي ۾ اسين غير عقلي فيصلا ڪندا آهيون، ۽ اهي بيشڪ نه فقط اسانکي ڏکارو ڪندا آهن بلڪه اسانجي آس پاس موجود ماڻهن کي به تڪليف پهچائيندا آهن. اسانکي ان تڪليفده حالت ۾ ڇا ڪرڻو هوندو آهي، انهن ڪاٽو جذبن جي سگهه کي قابو ڪرڻو هوندو آهي انهيءَ ڪاٽوءَ سگهه کي واڌو سگهه ۽ جذبن ۾ بدلائڻو هوندو آهي.

    هڪ دفعو اوهان ۾ اهو اعتماد ۽ سگهه پئدا ٿي وڃي ته اوهان ڪيئن اهڙن ڪاٽو جذبن کي قابو ڪري سگهو ٿا ته پوءِ، اوهان ۾ سوچ پئدا ٿيندي، منصوبه بندي پئدا ٿيندي، جنهن سان اوهين پنهنجي جذبن جي سونهن کي برقرار رکندي ۽ ڏاهپ واري عملي قدمن تي هلڻ سان ڪيترن ئي خطرناڪ جذبن کي پنهنجي پاسي ڪرڻ واري سگهه ۾ بدلائي وجهندا ...

    ڪاٽو جذبن کي واڌو جذبن ۾ تبديل ڪرڻ واري عمل تي ڪيتري ئي تحقيق ٿي چڪي آهي، ڪيترا ئي مقالا لکجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي طريقا دريافت ٿي چڪا آهن، هن هنڌ انهن ڪاٽو جذبن سان مقابلي ڪرڻ جو هڪ طريقو ٻڌائجي ٿو، جنهن سان مون پنهنجن ڪاٽو جذبن کي پنهنجي مٽ ۾ ڪرڻ سکي ورتو آهي ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي خوشگوار بدلاءَ آيا آهن.

    هي آهن اهي پنج چاٻيون، جنهن سان مون پنهنجي بند عقل کي کوليو آهي، جن جي مدد سان مون پنهنجي اندر جي ڇڪتاڻ ۽ ٿڪاوٽ وارن جذبن جي سگهه کي ٽوڙي انهن کي خوشگوار ۽ فائدي مند جذبن ۾ بدلايو آهي.

    • چاٻي نمبر 1؛ اهڙي قابليت جنهن سان ڇڪتاڻ/ٿڪاوٽ کي گهٽائجي.
    • چاٻي نمبر 2؛ اهڙي قابليت جنهن سان پنهنجن جذبن کي سڃاڻي ۽ قابو ڪري وٺجي.
    • چاٻي نمبر3؛ اهڙي قابليت جنهن سان اوهين پنهنجي ڳالهه ٻين تائين بغير چوڻ جي پهچايو.
    • چاٻي نمبر4؛ اهڙي قابليت جنهن سان اوهين کل ڀوڳ ۾ پنهنجي مشڪل تي قابو ڪري وٺو.
    • چاٻي نمبر5؛ اهڙي قابليت جنهن سان اوهان جهيڙن/اختلافتن کي خوداعتمادي سان حل ڪريو.

    چاٻي نمبر 1؛ اهڙي قابليت جنهن سان ڇڪتاڻ/ٿڪاوٽ کي گهٽائجي.
    - پاڻکي خاموشيءَ ۽ خبرداريءَ واري حالت ۾ رکو، خاموشيءَ جو مقصد آهي سڪون واري حالت ۾ رهو ۽ خبرداريءَ واري حالت ۾ هجڻ سان اوهين ڇڪتاڻ کي سڃاڻي وٺندا ۽ اوهانکي ان مسئلي سان منهن ڏيڻ واري مدد ملندي.
    - جي اوهين بيٺا آهيو ته ويهي رهو، ۽ مسئلي جي ممڪن حل بابت سوچيو.
    - انڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو ته پريشانيءَ جي حالت ۾ ڪهڙو اهڙو عمل يا حواس آهي جنهن سان اوهين سڪون ۾ ايندا آهيو. مثلن ڪو آواز، ڪو گيت، ڪو مشروب، ڪا تصوير يا ڪا خوشبو وغيره هر ماڻهونءَ جي پسند الڳ الڳ ٿيندي آهي انڪري اوهان پنهنجي پسند سڃاڻو جنهن سان اوهين ٿڌا ٿيندا هجو.
    - پنهنجن محسوسات کي ظاهر ڪيو بجاءِ انهنکي بوتل ۾ بند ڪرڻ جي
    - ڳالهه ٻولهه سان مسئلن کي حل ڪرڻ لئه تيار رهو
    - پاڻکي هاڪاري يا صلح ۽ واڌو سوچ ۾ رکو
    - خوداعتمادي پئدا ڪريو
    - وسيع نظر ٿيو
    - معاملي جي واڌو نقطي تي نظر رکو
    - معاف ڪرڻ سکو
    - حس مذاح کي قائم رکو

    چاٻي نمبر 2؛ اهڙي قابليت جنهن سان پنهنجن جذبن کي سڃاڻي ۽ قابو ڪري وٺجي.

    اوهين تيستائين پنهنجا جذبا قابوءَ ۾ ڪري نٿا سگهو جيستائين اوهانکي ڇڪتاڻ کي قبضي ۾ ڪرڻ جي ڄاڻ نه هوندي...
    - سگهارن جذبن يا محسوسات جي وقت پنهنجو پاڻکي پنهنجي وس ۾ رکو، جنهن ۾ ڪاوڙ، ڏک، خوف، نفرت يا خوشي پڻ اچي وڃي ٿي.
    - پنهنجن جذبن کي توجهه ڏيو ۽ انهن کي پنهنجي اڳڀري ٿيڻ ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ لئه استعمال ڪريو.
    - ٻين جي جذبن سان پڻ خبرداريءَ ۽ عقلمنديءَ سان وهنوار ڪريو.
    - سگهارن جذبن کي ماٺيڻو ڪري ڇڏيو.

    چاٻي نمبر3؛ اهڙي قابليت جنهن سان اوهين پنهنجي ڳالهه ٻين تائين بغير چوڻ جي پهچايو

    - ٻين ماڻهن جي صحيح سڃاڻ ڪريو، گڏو گڏ انهنجي جذباتي ڪيفيت محسوس ڪيو ته هو بغير ڪجهه چوڻ جي ڪهڙي قسم جي چرپر ڪنٿا.
    - ٻين ماڻهن سان رشتن جي دوران پنهنجي هڪ سڃاڻ پئدا ڪريو، اعتماد ۽ پنهنجي طبيعت جي سادگي ٻين تائين پهچايو ته جيئن هو اوهانجي نه چيل ڳالهه پڻ سمجهي وٺن.
    - پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ اهڙا اشارا ڏيو جنهن سان اڳلو اوهانجي چر پر مان سمجهي وڃي ته اوهان ڳالهه سمجهي ويا آهيو يا اوهانجو نياپو ان تائين بغير ڪجهه چوڻ جي پهچي وڃي.

    چاٻي نمبر4؛ اهڙي قابليت جنهن سان اوهين کل ڀوڳ ۾ پنهنجي مشڪل تي قابو ڪري وٺو.

    کل ڀوڳ سان اوهانجي زندگيءَ تي ۽ صحت تي تمام گهڻو اثر پوندو آهي، سٺي کل سان ٿڪاوٽ ۽ اندروني ڇڪتاڻ ختم ٿيندي آهي، مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي ۽ ماڻهون تازو ٿي پوندو آهي، ۽ اوهانکي هڪ سگهه ملندي آهي پاڻکي قابوءَ ۾ رکڻ جي.

    - ڪوشش ڪريو ته ٻئي ڌريون، اوهان سميت کل ڀوڳ سان مخاطب ٿيو.
    - ڳالهن جي مذيدار نقطن کي اهميت ڏيو
    - کل ڀوڳ جو اهو مقصد به ناهي ته جنهن ڳالهه کي توجهه کپي ان کي به کل ڀوڳ ۾ وڃايو پر انکي صحيح ۽ پوري توجهه سان حل ڪريو

    چاٻي نمبر5؛ اهڙي قابليت جنهن سان اوهان جهيڙن/اختلافتن کي خوداعتمادي سان حل ڪريو.

    - اختلافن کي حل ڪرڻ ۽ قابو ڪرڻ اوهانجي قابليت، بردباري، خود اعتمادي ۽ همدرديءَ تي منحصر هوندو آهي.
    - رشتن کي قائم رکڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو نه ڪي بحث کي کٽڻ جي، اوهانجي سڀ کان پهرين ڪوشش اها هجي ته اوهين اڳلي جي نقطئه نگاهه کي سمجهو ٿا ۽ سندس عزت ڪريوٿا.
    - حال تي توجهه ڏيو.
    - مسئلا تيستائين حل ناهن ٿيندا جيستائين اوهان معاف ڪرڻ جي خواهش نه رکندا هجو.
    - غير مهذب لفظن يا عملن جي استعمال کان پرهيز ڪيو ته مسئلو ترت حل ٿي سگهي ٿو.
    - جيڪڏهن اوهانجا جذبا اوهانجي قابو ۾ هوندا ته اوهين پنهنجون گهرجون يا ڳالهيون ٻين کي ڌمڪائڻ يا خوف ڏيڻ يا کين سزا ڏيڻ کان بغير به پهچائي ويندا.
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جذبن جو زندگيءَ تي اثر

    ڇا ته بهترين ليک آهي۔۔۔
    سائين نثار صاحب توهان جي لفاظي ۽ ليکن جي چونڊ جا ته اسان پهريان ئي قائل هياسين پر اڄ ته توهان اهڙو ليک موڪليو آهي جنهن جي پڙهڻ ۽ عمل ڪرڻ سان اندر جا الجهيل جذبا به سلجهائي سگهجن ٿا۔۔۔
    پنهنجي ڪاٽو جذبن تي ڪنٽرول رکڻ انتهائي مشڪل آهي۔۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو اسان هميشه جذباتي فيصلي ڪرڻ کان پوءِ پڇتائيندا رهندا آهيون ۔۔۔ پر توهان جي هن ليک ۾ موجود پنجن چاٻين کي سنڀالي رکڻ ۽ وقت سر انهن کي استعمال ڪرڻ سان ڪاٽو جذبات کي قابو ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔ بس سڀ کان ڏکيو عمل اهو آهي ته اهي پنج ئي چاٻيون سنڀالجن ڪيئن۔۔۔۔۔؟
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: جذبن جو زندگيءَ تي اثر

    سائين تمام بهترين چاٻيون آهن ڪجهه چاٻيون ته منهنجي کيسي ۾ هيون ليڪن ڪجهه وڌيڪ هٿ ڪري سنڀالڻ جي ڪوشش ڪبي ته انشاء الله ڪاميابي ملندي سائين قبلا اوهان جي نوازش جي تمام خوبصورت ء پياري سمجهاڻي شيئر ڪري اسان تي مزيد احسان فرمايو اٿوَ الله تعالي اوهان جي صحت ۽ عزت کي سلامت رکي۔ هميشه شاد و آباد هجو۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جذبن جو زندگيءَ تي اثر

    سائين اوهان جي انهي ليک ته اصل مٽ ڀڃي ڇڏيا، ۽ اهيو ليک مون کي ته تمام گهڻو پسند آيو۔ اوهان جي تحرير ۾ ته هميشه هڪ بهترين سبق هوندو آهي، ۽ اوهان مان ڪجهه نه ڪجهه سکڻ لاء پيو ملندو آهي۔ الله توهان کي خوش رکي آمين
    مــهــربــانــي
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جذبن جو زندگيءَ تي اثر

    ادا رشيد هڪ سٺو چاٻيءَ ڇلو (ذهن) استعمال ڪيو ۽ ان ۾ سڀ ڪارائتيون چاٻيون سنڀالي رکو، ۽ جنهن وقت جنهن تالي کي کولڻو هجي ته چاٻي موجود هجي ۔۔۔ ۽ جي ڪو ڇلو نه هجي ته ڪالهه هڪ دوست، تيونس کان آيو آهي ۽ مونکي هڪ ڇلو ڏنو اٿس ”اٺ ڇلو“ مطلب ڏاچيءَ جي مجسمي وار ۔۔۔ چئو ته کنيو ايندس ۔۔۔:d
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جذبن جو زندگيءَ تي اثر

    محترم رحيم بخش، اوهان وٽ ته واقعي گهڻيون ڪجيون هونديون، ۽ مهرباني ڪري ٻڌايو ته اوهان اهي چاٻيون سنڀالي ڪيئن رکندا آهيو ۔۔۔ ته جيئن اسانکي به رستو ملي وڃي ۔۔۔
    shal judy hujeen
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جذبن جو زندگيءَ تي اثر

    ادا ممتاز
    شڪر آ مٽ ڀڳا آهن ۔۔۔ مٽڪيون سلامت آهن
    اوهانجا لک ٿورا جو اوهين همٿائيندا رهوٿا ۔۔۔ مٺا ڀاءُ پاڻکي سڌاريندي جي ڪو چڱو ليک ملي ٿو ته ذهن ۾ هڪدم خيال سنڌ سلامت جو اچي ٿو ۔۔۔ وڌيڪ پاڻ سمجهدار آهيو ۔۔۔ لائجي ته نڀائجي نه ته اصل نه لائجي ۔۔۔
    sindhsalamatsaathsal
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: جذبن جو زندگيءَ تي اثر

    سائين توهان جي انهن پنجن چاٻين ته اسان جي دل ۽ دماغ جا تالا کولي ڇڏيا آهن۔
    واقعي انهن چاٻين ته عمل ڪرڻ وارو ڪامياب ترين انسان هوندو
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جذبن جو زندگيءَ تي اثر

    ڀائڙا عبدو، اميد ته خيرن سان ۽ موجن ۾ هوندي، اڄڪلهه اسلام آباد جي گرم موسم جو مزو وٺندو هوندي ۔۔۔ حقيقت ته هن ليک مونکي پڻ ڪافي فائدو ڏنو آهي ۽ مون ڪيترن ئي ناراض دوستن کي پاڻ فون ڪري جڏهن سلام دعا ڪئي ته هو حيران ٿي ويا ۽ ايتري ته سٺي موٽ ملي جو دل باغ بهار ٿي وئي ۔۔۔
    صلح واري طبيعت انسان ۾ ايتري ته بردباري پئدا ڪري ٿو جو هو وڏي ۾ وڏيون تڪليفون به آساني سان طع ڪري ٿو ۔۔۔
    دعائن ۾ گڏ
    sindhsalamatsaathsal
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: جذبن جو زندگيءَ تي اثر

    shal judy hujeen
    سائين اسلام آباد جي موسم تمام بهترين ٿي وئي آهي، ٻئي يا ٽئين ڏينهن بارش وسي ئي وسي ۽ هن وقت به جهڙالي موسم آهي،
    سائين بلڪل صلح واري زندگي ۾ ئي ته مزو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو