شيطان (خليل جبران / امين اُڏيرائي)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    شيطان
    خليل جبران / امين اُڏيرائي
    ...............
    پادري سمعان کي ماڻهو پنهنجو روحاني ۽ مذهبي پيشوا سمجھندا هئا، ڇاڪاڻ ته هو صغيره ۽ ڪبيره گناهن جي باري ۾ مفصل راءِ ڏيندو هو ۽ انهيءَ کان علاوه جنت، دوزخ ۽ مقامِ ڪفاره جي باري ۾ ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليڪچر ڏيندو هو.
    پادري سمعان اُتر لبنان جي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ۾ ويندو هو ۽ ماڻهن جي روحاني بيمارين جو علاج ڪندو هو ۽ وڏي ڪوشش ڪندو هو ته ويچارا ماڻهو شيطان جي دام ۾ نه ڦاسن.
    هي بزرگ پادري شيطان جي خلاف مسلسل جنگ ۾ مصروف هو. ماڻهو هن روحاني پيشوا جو ڏاڍو احترام ڪندا هئا. هن جون ڳالهيون ۽ دعائون، سون ۽ چانديءَ جي عيوض به خريد ڪندا هئا.
    جڏهن پوک پچي ويندي هئي ته انهيءَ پادريءَ جو به ان ۾ حصو هوندو هو.
    ــــــــــ ـــــــــ ــــــــــ ـــــــــ

    سرءُ جي هڪ شام هئي.
    پادري سمعان ڪنهن ڏوراهين ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيو هو، جبلن جي وادين مان لنگھي رهيو هو ته اوچتو هڪ هنڌ، رستي جي پاسي کان دردناڪ رڙ ٿي. هُن جي قدمن کي ڄڻ بريڪ لڳي ويو. هُن ڏٺو ته هڪ اگھاڙو شخص پٽ تي پيو آهي ۽ هن جي زخمن مان رت وهي رهيو آهي. زخمي التجائيه انداز ۾ مدد لاءِ پڪارڻ لڳو:
    ”مون کي بچاءِ ـــــــ منهنجي دد ڪر ــــــ ادا! مون تي رحم کاءُ ـــــــــ آئون مري رهيو آهيان.“
    پادري سمعان انهيءَ زخمي شخص کي ڏسي پريشان ٿي ويو. پنهنجو پاڻ ئي چوڻ لڳو:
    ”ڪهڙي خبر هي شخص ڪو ڌاڙيل هجي ــــــــ هن واٽهڙوئن کي ڦُرڻ جي ڪُشش ڪئي هوندي ۽ اُهي کيس زخمي ڪري ويا هوندا. جيڪيڏهن هي شخص مري پيو ته متان آئون ڦاسي پوان.“
    اهو سوچي هو اڳتي وڌيو ـــــــ پر مجروح وري پڪاريو: ”مون کي هن حالت ۾ ڇڏي نه وڃ، آئون مري رهيو آهيان.“
    پادري انهي سڏ تي وري بيهي رهيو ۽ ڪجھه سوچڻ لڳو ۽ اِهو سوچي ته هُو ڪنهن مستحق شخص جي مدد کان انڪار ڪري رهيو آهي، هن جا چپ ڏڪڻ لڳا ۽ هو وري پاڻ کي چوڻ لڳو:
    ”ادا! ٿي سگھي ٿو ته هي شخص انهن چرين مان هجي جيڪي جھنگن ۽ ويرانن ۾ رهندا آهن. مون کي هن جا زخم ڏسي خوف محسوس ٿي رهيو آهي . . . ۽ روحاني پيشوا جو اهو ڪم ته ڪونه ته هو جسماني زخمن جو به علاج ڪري.“ ائين چئي پادري وري اڳتي وڌيو.
    موت جي ويجھو پهتل انهيءَ شخص، هڪ اهڙي ته دردناڪ دانهن ڪئي جو جبل به لُڏي ويا.
    ”منهنجي ويجھو اچ پادري . . . . اسين ته پُراڻا دوست آهيون . . . . آئون تو کي سڃاڻان ٿو . . . تون سمعان پادري آهين . . . هڪ نيڪ ماڻهو، ۽ آئون نه چور آهيان ۽ نه پاڳل آهيان . . . . منهنجي ويجھو اچ ۽ مون کي هن ويراني ۾ مرڻ لاءِ اڪيلو نه ڇڏ ــــــ اچ ــــ اچ . . . ته آئون تو کي ٻڌائيندس ته آئون ڪير آهيان.“
    پادري انهيءَ شخص جي ويجھو ويو ۽ جھُڪي کيس غور سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته هن شخص جو حُليو ڪيڏو نه عجيب آهي. ذهانت سان گڏ مڪاري، سونهن سان گڏ بدنمائي ۽ بدي سان گڏ نيڪيءَ جا آثار ظاهر هئا.
    پادري پوئتي هٽي پڇيو: ”تون ڪير آهين؟“
    زخمن کان چُور ۽ موت کي ويجھو پهتل شخص جھيڻي آواز ۾ چيو: ”پادري صاحب! مون کان ڊپ نه ڪر . . . . ڇاڪاڻ ته اسين پراڻا دوست آهيون، مون کي سهارو ڏئي، ڪنهن ويجھي نديءَ تي هلي منهنجي زخمن کي ڌوئي صاف ڪر.“
    پادري ٻيهر چيو: ”پهرين مون کي ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ آئون تو کي نٿو سڃاڻان، مون ته توکي ڪڏهن به ناهي ڏٺو.“
    ان شخص ڏکاري انداز ۾ چيو: ”تون مون کي سڃاڻين ٿو، تو مون کي هزارين دفعا ڏٺو آهي ۽ منهنجي باري ۾ روزانو ڳالهيون ڪندو آهين، آئون توکي تنهنجيءَ جان کان به پيارو آهيان.“
    پادريءَ دڙيندي چيو: ”تون ڪوڙو آهين . . . . تون فريبي آهين . . . . . مرندڙ ماڻهوءَ کي ڪوڙ نه ڳالهائڻ گھُرجي . . . . مون تنهنجو لعنتي چهرو ڪڏهن به ناهي ڏٺو، مون کي سچي ٻڌاءِ تون ڪير آهين؟ نه ته آئون تو کي انهيءَ حالت ۾ ڇڏي هليو ويندس.“
    زخمي شخص ٿوري حرڪت ڪئي ۽ پادريءَ جي اکين ۾ غور سان ڏٺو. هن جي چپن تي هڪ پُراسرار مُرڪ تري آئي. هن ڳنڀير لهجي ۾ چيو: ”آئون شيطان آهيان . . . . !“
    اهو ٻڌندي ئي پادريءَ کان رڙ نڪري وئي، جنهن تي پوري واديءَ جي ڪانگن کان به رڙ نڪري وئي. هن ٻيهر غور سان ڏٺو، هُن شخص جو نمونو بلڪل شيطان جي تصور جھڙو هو، جيڪا ڳوٺ جي گرجا گھر ۾ لڳل هئي.
    تڏهن پادريءَ رڦندي چيو: ”خدا تعالى مون کي تنهنجي نڀاڳي صورت ڏيکاري ڇڏي آهي، جنهن ڪري منهنجي نفرت ۾ اڃان به واڌارو آيو آهي. آئون تو تي هميشه لعنت ڪندو هوس ۽ ڪندو رهندس. زخمي ۽ بيماريءَ ۾ ورتل رڍ کي ڪُهي ڇڏڻ گھرجي، متان اُها ٻين رڍن کي بيمار نه ڪر.“
    شيطان جواب ڏنو: ”اي پادري! تڪڙو ۽ اُٻهڙو نه ٿي ۽ هيءُ قيمتي وقت اجاين ڳالهين ۾ نه وڃاءِ. منهنجي ويجھو اچ. منهنجي زخمن کي صاف ڪر. ڪٿي منهنجي جسم کان منهنجو روح الڳ نه ٿي وڃي.“
    پادري کيس ٽوڪيندي چيو: ”جيڪي هٿ روزانو خدا جي عبادت لاءِ کڄن ٿا، سي دوزخ جي مٽيءَ مان ٺهيل ناپاڪ شيءِ کي ڪيئن ٿا ڇُهي سگھن. هڪ زمانو، مدت کان توتي لعنت ڪري رهيو آهي. تو کي مرڻ گھرجي . . . . تون انسانيت جو سڀ کان وڏو دشمن آهين ۽ نيڪين کي برباد ڪندڙ آهين.“
    شيطان جي پاسي ۾ سور جي لهر اُٿي، هُن ٺونٺ جي ٽيڪ وٺندي چيو: ”تون نٿو ڄاڻين ته تون ڇا چئي رهيو آهين ۽ نه ئي تو کي انهي جرم جو احساس آهي. جيڪو تون پنهنجي خلاف ڪري رهيو آهين. مون ڏانهن ڏس . . . آئون تو کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايان ٿو . . . اڄ آئون هن واديءَ ۾ اڪيلو وڃي رهيو هوس ته ملائڪن جي هڪڙي گروهه مون تي حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو . . . انهن مان هڪڙي وٽ ٻه مُنهين تلوار هئي. جيڪڏهن تلوار نه هجي ها ته آئون هنن جو مقابلو ڪريان ها. اهو تلوار وارو ملائڪ شايد ميڪائيل هو. تلوار بازيءَ ۾ ماهر هو. آئون جي مڪر نه ڪريان ها ته هو منهنجو پڪ سان ڪم ئي لاهي ڇڏي ها.“
    پادري سمعان آسمان ڏانهن نهاريندي چيو: ”ميڪائيل تي هزارين رحمتون هجن. هن انسانيت کي سندس بدترين دشمن کان نجات ڏياري.“
    تڏهن شيطان احتجاج ڪندي چيو: ”انسان جي خلاف مون کي ايتري نفرت ڪانهي، جيتري تو کي پاڻ کان آهي. تون ميڪائيل کي پڪاري رهيو آهين، جنهن ڪڏهن به تنهنجي مدد ڪانهي ڪئي. تون منهنجي شڪست جي لمحن ۾ مون کي بُرو چئي رهيو آهين. جڏهن ته آئون هميشه تنهنجي اطمينان ۽ خوشيءَ جو باعث بڻيو آهيان. تون پنهنجي دعائن ۾ مون کي شامل نٿو ڪرين . . . ۽ مون سان همدردي ڪرڻ کان پاسو پيو ڪرين، جڏهن ته تون منهنجي هستيءَ جي سائي ۾ وڌيو ويجھيو آهين.“
    ”تو منهنجي زندگيءَ کي بهانو بنائي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ڪاميابين لاءِ ڏاڪو ۽ پنهنجي عملن کي حق وارو قرار ڏيڻ لاءِ منهنجو نالو استعمال ڪيو آهي. منهنجو ماضي انهيءَ ڳالهه جو شاهد آهي ته توهان کي حال ۽ مستقبل ۾ به منهنجي ضرورت پوندي. ڇا تون دولت ميڙڻ ۾ پنهنجي خواهشن جي تڪميل ڪري چڪو آهين؟ ڇا تون منهنجي عظمت جو خوف ڏياري پنهنجي معتقدن کان سون ۽ چاندي گڏ ڪندو ناهين رهيو؟
    جيڪڏهن اڄ تو مون کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ته پوءِ سڀاڻ ڇا ڪندين؟ جيڪڏهن آئون نه هوندس ته تون ڪهڙو ڌنڌو ڪندين؟ ڪيترن ئي سالن کان تون انهن ڳوٺن ۾ گھمي رهيو آهين ۽ ماڻهن کي تاڪيد ڪري رهيو آهين ته منهنجي ڄار ۾ نه ڦاسن. ماڻهن انهيءَ نصيحت جي بدلي تو کي دينار ڏنا ۽ زمن جي پيداوار مان حصو ڏنو.
    جيڪڏهن هُنن کي خبر پئجي وئي، ته هنن جو دشمن ختم ٿي ويو ته پوءِ تنهنجو ڇا ٿيندو؟؟ منهنجي زندگيءَ جي خاتمي سان گڏ، تنهنجو ڌنڌو به ختم ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته ماڻهو گناهن کان محفوظ ٿي ويندا. تون ته پادري آهين. ڇا توکي انهي ڳالهه جي خبر ڪانهي ته شيطان جي ڪري ئي مذهب ٺهيا آهن.
    ۽ انهيءَ ڳالهه جو پرچار ڪري واعظن ۽ پادرين پنهنجين ٽجوڙين کي ڀريو آهي. ڀلا تون مون کي ڪيئن مرڻ ڏيندين، جڏهن ته تو کي انهيءَ ڳالهه جو پورو يقين آهي ته ائين ڪرڻ سان تنهنجو وقار، تنهنجي عبادتگاهه، تنهنجو گهر ۽ تنهنجو روزگار تباهه ۽ برباد ٿي ويندو.“
    شيطان ڪجھه دير لاءِ ماٺ ٿي ويو ۽ ڪجھه سوچي وري چوڻ لڳو: ”پادري تون مغرور به آهين ۽ جاهل به . . . آئون تو کي عقيدي جي آکاڻي ٿو ٻڌايان، جنهن مان توکي انهيءَ حقيقت جي خبر پوندي ته اسين ٻئي هڪ آهيون ۽ اسان جو ضمير پاڻ ۾ وابسته آهي.“
    ”وقت جڏهن پهريون دفعو پاسو بدلايو ته انسان سج جي آڏو هٿ کڻي رڙ ڪندي چيو: ”انهيءَ آسمان جي پويان عظيم ترين محبوب ۽ رحم جي نظرن سان ڏسڻ وارو خدا آهي. پوءِ انسان سج ڏانهن پٺا ڪيا ۽ پنهنجي پاڇي کي زمين تي ڏسي چيو، انهيءَ زمين جي گھراين ۾ هڪڙو شيطان آهي، جنهن جو ڪم بدي ڏانهن وٺي وڃڻ آهي.“ پوءِ انسان پنهنجي غار ڏانهن هليو ۽ پاڻ سان ئي ڳالهائڻ لڳو: ”آئون ٻن جابر طاقتن جي وچ ۾ بيٺو آهيان. هڪ ته جتي مون کي پناهه وٺڻي آهي ۽ ٻي جنهن جي خلاف جنگ ڪرڻي آهي.“
    ”زمانا جلوس وانگر لنگھندا ويا ۽ انسان انهن ٻن طاقتن جي وچ ۾ بيٺو رهيو. هڪ جي ساراهه ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان هو پاڻ ۾ بلندي محسوس ڪندو هو ۽ ٻئي تي لعنت ڪرڻ لڳو ڇاڪاڻ ته انهيءَ کان هو ڊڄندو هو، پر هن ڪڏهن به رحمت ۽ لعنت جي معنى کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي.“
    ”هو انهن ٻنهي جي وچ ۾ انهيءَ وڻ وانگر هو، جيڪو بهار *۽ خزان جي وچ ۾ هجي . . . . ڪڏهن ٽڙندو هجي ته ڪڏهن سُڪندو هجي.“
    ”جڏهن تمدن جي شروعات ٿي ته ڪٽنب ٺهيا، پوءِ قبيلا وجود ۾ آيا ۽ پوءِ سوچ ۽ همت آهر ڌنڌا ورهايا ويا. هڪڙو قبيلو هارپو ڪرڻ لڳو، ته ٻيو گھر اڏڻ لڳو. ڪن ڪپڙو ٺاهڻ شروع ڪيو، ته ڪي رزق جي تلاش ۾ نڪري پيا. آخرڪار تقدس جو ظهور ٿيو. هي پهريون طريقو هو جيڪو ماڻهن اپنايو، جنهن لاءِ هن کي ايڏي گھُرج به نه هئي.“
    گھڙي پل لاءِ شيطان ماٺ ڪئي. پوءِ هن وڏو ٽهڪ ڏنو جنهن سان خالي وادي لُڏي وئي. پوءِ هن کي پنهنجي زخمن ۾ سُور محسوس ٿيو ۽ هن پنهنجو هٿ زخمن تي رکي ڇڏيو. ٿورو سڪون محسوس ڪرڻ کانپوءِ هن چيو: ”سڀني کان پهرين قبيلي ۾ هڪڙو شخص هو، جنهن جو نالو هو دانشمند. آئون نٿو ڄاڻان ته اهو نالو مٿس ڪيئن پيو. هو هڪ ذهين ماڻهو هو. هن کي هر ڪاهڻ، گھر اڏڻ، مال چارڻ ۽ مزدوري ڪرڻ جھڙن ڪمن کان نفرت هئي، ڇاڪاڻ ته هو سهل پسند هو . . . ۽ انهن ڏينهن ۾ مزدوري کان سواءِ کاڌو حاصل ڪرڻ مشڪل هو، تڏهن اهو شخص ڪيترا ئي ڏينهن بکيو رهيو.“
    هڪ رات جڏهن قبيلي جا ماڻهو سردار جي جھوپريءَ جي آسپاس بيٺا هئا ۽ ڏينهن جي ڪمن ڪارن متعلق ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته، هڪ شخص حيرت مان ڇرڪ ڀري چيو، ”هو ڏسو چنڊ ڏانهن . . . رات جي ديوتا جو چهرو ڪارو ٿي رهيو آهي.“ هجوم آسمان ڏانهن نهاريو ۽ خوف ۽ هراس مان رڙيون ڪرڻ لڳا. چنڊ ويتر ڪارو ٿي رهيو هو ۽ رات جي پکڙيل چانڊوڪي به اونداهيءَ ۾ بدلجي رهي هئي.“
    تڏهن دانشمند اڳتي وڌيو. هن جو چنڊ گرهڻ اڳ به ڏٺل هو ۽ هُن کي انهيءَ بابت ڄاڻ به هئي، تڏهن هن موقعي جو فائدو ورتو. هو ماڻهن جي هجوم جي وچ ۾ بيهي هڪل ڪري چوڻ لڳو؛ ”گوڏن ڀر ڪِري پئو ۽ عبادت ڪريو. اونداهيءَ جي مڪار ديوتا ۽ چنڊ ديوتا ۾ لڙائي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن مڪار ديوتا کٽي ويو ته پوءِ سڀني جي تباهي يقيني آهي ۽ جيڪڏهن رات جو ديوتا چنڊ کٽي ويو ته اسين به زندهه رهنداسين . . . هاڻ عبادت ۾ مشغول ٿيو ۽ پيشانيءَ کي زمين تي گسايو . . . اکيون بند ڪريو ۽ آسمان ڏانهن نه ڏسو. جنهن به انهن ديوتائن جو ملاکڙو ڏٺو سو انڌو ٿي ويندو. يا چريو ۽ پاڳل ٿي ويندو. دل ۽ جان سان دعا گھرو، ڇاڪاڻ ته مڪار ديوتا اسان جو پراڻو دشمن آهي.“
    انهيءَ ويل دانشمند چوندو رهيو ۽ هٿ جون ڳالهيون ٺاهينديون رهيو ۽ هن اهڙا ته قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌايون جيڪي انهن ڪڏهن نه ٻڌيون هيون. هُن اهڙيءَ طرح ماڻهن کي دير تائين ڳالهين ۾ مُنجھايو، تان جو چنڊ گرهڻ ختم ٿيو ۽ چنڊ ٻيهر آب ۽ تاب سان چمڪڻ لڳو، تڏهن دانشمند وڌيڪ بلند آواز ۾ چيو: ”هاڻ اُٿو . . . . ڏسو رات جي ديوتا پنهنجي دشمن کي ماري مات ڪيو ۽ هُن پنهنجو سفر ٻيهر ستارن سان گڏ شروع ڪيو آهي. اهو ياد رکو ته اهو سڀ ڪجھه توهان جي دعائن جو اثر آهي. جو چنڊ ديوتا فتح حاصل ڪئي آهي. هاڻ هو ڏاڍو خوش آهي ۽ اڳ کان وڌيڪ روشن پڻ.“
    ماڻهو مٿي اُٿيا ۽ چنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳا. هنن جو خوف اطمينان ۾ ۽ گٻراهٽ خوشيءَ ۾ بدلجي وئي. لوهي چادرن کي انهن ساز بنايو ۽ انهن جا گيت واديءَ ۾ گونجڻ لڳا.
    هڪ رات قبيلي جي سردار، دانشمند کي پاڻ وٽ گھُرائي چيو: ”تو اهو ڪارنامو انجام ڏنو آهي، جيڪو ٻئي جي وَس جي ڳالهه نه هئي . . . تون ڳجھن اسرارن کان واقف آهين. آئون پنهنجي قبيلي جي مرضيءَ موجب توکي قوم جو سردار ٺاهيان ٿو. مون کان پوءِ تون ئي سڀني جو وڏو آهين. آئون قبيلي ۾ سڀني کان وڌيڪ طاقتور آهيان ۽ تون سڀني کان وڌيڪ عقلمند . . . تون ديوتائن ۽ قبيلي جي وچ ۾ رابطو ڪندڙ آهين. تون قبيلي جي خواهشن ۽ آرزوئن جي ترجماني ڪندين. ماڻهن کي تعليم ڏيندين، ته ديوتائن جي محبت ڪيئن حاصل ڪري سگھجي ٿي.“
    تڏهن دانشمند يقين ڏياريو: ”ديوتا جيڪو ڪجھه رات جو خواب ۾ يا الهام ۾ مون کي سمجھائيندو، آئون سو ڏينهن ۾ قبيلي وارن کي ٻڌائي ڇڏيندس. آئون ديوتائن ۽ توهان جي وچ ۾ ڄڻ ڏاڪو آهيان.“
    سردار کي دانشمند جي ڳالهه تي يقين اچي ويو، تڏهن هُن دانشمند کي، ٻه گھوڙا، ست گابا، ستر رڍون ۽ ستر گھيٽا ڏنا ۽ چيو، ”قبيلي جا ماڻهو تو لاءِ مضبوط جڳهه ٺاهيندا ۽ هر فصل جي بٽئي وقت تنهنجو حصو توکي پيش ڪندا ته جيئن تون باعزت ۽ پُروقار آقا وانگر زندگي گذارين.“
    دانشمند اُٿيو ۽ وڃڻ لڳو ته سردار ڪجھه سوچي چيو: ”تون جنهن کي انساني ديوتا چئي رهيو هئين، اهو ڪير آهي ۽ اهو ديوتا ڪير هو جيڪو چنڊ ديوتا سان وڙهي رهيو هو؟ اسان ته اڄ تائين انهيءَ جي باري ۾ ڪونهي ٻڌو.“
    دانشمند پنهنجي پيشانيءَ تي هٿ گھمايو ۽ چيو: ”منهنجا معزز سردار! هيءَ انهيءَ وقت جي ڳاهه آهي، جڏهن انسان به اڃان پيدا نه ٿيو هو. سڀئي ديوتا ستارن جي وسيع وادين ۾ اطمينان سان زندگي گذاري رهيا هئا. ديوتائن جو به ديوتا انهن جو بزرگ هو ۽ هو اُهي ڳالهيون به ڄاڻندو هو، جيڪي ٻيا ديوتا نه ڄاڻندا هئا ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، جيڪي ٻيا نه ڪري سگھندا هئا.“
    ”ٻارهين زماني جي ستين باب ۾ ”بهتار“ وڏي ديوتا جي مقابلي ۾ اچي ويو، ڇاڪاڻ ته هُو وڏي ديوتا کان نفرت ڪندو هو. هن سرڪشي ڪئي ۽ چيو: ”تون ڪائنات جو مختيار ڪل بڻيو ويٺو آهين ۽ انهيءَ جا ڳجهه اسان کان لڪائين ٿو، ڇا اسين تنهنجو اولاد ناهيون جيڪي تنهنجي وجود ۽ عقل جا برابر جا حصيدار آهن.“
    ديوتائن جو ديوتا ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيائين: ”آئون اها عظيم طاقت پاڻ وٽ رکندس ۽ انهن ڳجھن کي ڪنهن تي به ظاهر نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته آئون ئي ابتدا آهيان ۽ آئون ئي انتها به !“
    بهتار جواب ڏنو: ”بزرگ ديوتا! جيڪڏهن تو پنهنجي قوتن ۾ مون کي ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو ته آئون ۽ منهنجو ايندڙ نسل بغاوت تي مجبور ٿينداسين.“
    تڏهن ديوتائن جو ديوتا غضبناڪ ٿي ويو ۽ هُن بهتار جي باغي روح کي آسمان جي بلندين مان هيٺ خبيث روحن جي مسڪن ۾ اڇلي ڇڏيو، تڏهن هُن قسم کاڌو ته پنهنجي ابن ڏاڏن خلاف جنگ ڪندو ۽ انهن سان به، جيڪي انهن جا پوئلڳ هوندا. ائين چئي دانشمند خاموش ٿي ويو.
    تڏهن سردار ٿڌو ساهه ڀري چيو: ” اوهه! ته انهيءَ خبيث ديوتا جو نالو بهتار آهي.“
    پوءِ دانشمند چيو: ؟هي جڏهن بلندين ۽ اوچاين تي پرواز ڪندو هو ته هِن جو نالو اِهو هو، پر جڏهن هو پستين ۾ لهي ويو ته هُن ڪيترائي نالا بدلايا، جن ۾ بليال، زميل، اهرمن، عزازيل مارح ابدون ۽ شيطان جا نالا مشهور آهن.“
    سردار شيطان جو نالو ڪيترائي ڀيرا ڏڪندي ورجايو، ۽ چوڻ لڳو: ”شيطان اسان کان ايڏي نفرت ڇو ٿو ڪري؟“
    دانشمند وراڻيو: ”هو انسان کان انهيءَ لاءِ نفرت ڪري ٿو جو انسان هُن جي ڀيڻين ۽ ڀائرن جو اولاد آهي.“
    ”انهيءَ جو مطلب ته انسان ۽ شيطان پاڻ ۾ سؤٽ آهن.“
    دانشمند مُذبذب لهجي ۾ چيو: ”ها آقا! پر هو انسانن جو وڏو دشمن آهي، جيڪو انهن جي ڏينهن ۾ رنج و غم ۽ رات ۾ خوفناڪ خواب شامل ڪري ٿو. هو ماڻهن جي گھرن تي طوفان آڻي ٿو ۽ انهن جي فصلن کي تباهه ڪري ڏڪار آڻي ٿو. انهن جي مال ۾ بيماريون وجھي ٿو ۽ انسان کي تڪليف ۾ ڏسي، هُو هڪڙي ٽنگ تي خوشيءَ مان نچندو آهي. اسان کي هن کان بچڻ لاءِ غور ڪرڻ ۽ فڪر ڪرڻ گھرجي. هُن جا گھَٽَ گھَٽَ تي ڄار وڇايل آهن. اسان کي انهن کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش وٺڻي آهي.“
    سردار پنهنجو ڪنڌ جھُڪائي ڇڏيو ۽ آهستي چوڻ لڳو: ”هاڻ مون کي سڄي خبر پئجي وئي ته ڪيئن هڪ قوت اسان جي زندگيءَ ۾ طوفان برپا ڪري ٿي. اڄ جيڪو راز مون تي کُليو آهي، اهو قبيلي وارن کي ٻڌائيندس . . . ۽ اي دانشمند! توکي اڃان به وڌيڪ عزت بخشي ويندي، ڇاڪاڻ ته تو هڪ طاقتور دشمن جو راز بي نقاب ڪيو آهي ۽ بديءَ جي رستي جو ڏس ڏنو آهي ته جيئن قبيلي وارا ڀٽڪي نه وڃن.“
    دانشمند پنهنجي سردار کان موڪلائي پنهنجي خيمي ۾ آيو ۽ پنهنجي انهيءَ دانائيءَ تي ڏاڍو خوش ۽ خرم هو. انهيءَ رات دانشمند کانسواءِ قبيلي جا سڀ ماڻهو ۽ سردار سڄي رات ڊيڄاريندڙ خواب ۽ خوفناڪ روح ڏسندا رهيا.
    ــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    شيطان ڪجھه دير لاءِ خاموش ٿي ويو. پادري سمعان حيرت مان شيطان کي ڏسي رهيو هو. پادري جي چپن تي موت جي ڦڪي مُرڪ ظاهر ٿي. شيطان پنهنجي ڳالهه جاري رکي: ”اهڙيءَ طرح زمين تي الوهيت نازل ٿي ۽ منهنجي هستيءَ جي ضرورت انهيءَ کي پيش آئي. دانشمند پهريون ماڻهو هو جنهن منهنجي ظلم کي روزگار بنايو . . . . ۽ دانشمند جي مرڻ کانپوءِ اهو ڌنڌو سندس نسل جاري رکيو ۽ کيس زور وٺايو. ايتري قدر جو اهو پيشو مقدس بنجي ويو. هي انهن ماڻهن جو ڌنڌو آهي، جن جا ذهن پختا، روح ڀلا ۽ دليون پاڪ ۽ صاف آهن، ۽ هنن جي تصورن جي دنيا وسيع آهي.“
    ”بائيبل ۾ ماڻهو هڪ پوڄاريءَ آڏو ست سجدا ڪندا هئا، جيڪو پنهنجي منترن سان منهنجو مقابلو ڪندو هو. نينوا ۾ انهيءَ ماڻهو کي انسان ۽ خدا ۾ رابطي جو ذريعو سمجھيو ويندو آهي. تبت ۾ انهي شخص کي سج ۽ چنڊ جو پٽ سمجھيو ويندو هو، جيڪو مون سان وڙهندو هو ۽ بابلوس، ايفاسون ۽ انطاڪير ۾ ماڻهو مون سان مقابلو ڪندڙ جي قدمن ۾ پنهنجا ٻچا قربان ڪندا هئا.“
    ”بيت المقدس ۽ روما ۾ ماڻهو انهن هستين تان پنهنجيون جانيون فدا ڪندا هئا، جيڪي مون کان نفرت ڪندا هئا ۽ پوري طاقت سان منهنجو مقابلو ڪندا هئا.“
    ”جيڪڏهن آئون نه اچان ها ته عبادتگاهون وجود ۾ نه اچن ها، وڏا وڏا مينار ۽ محل به منهنجي ڪري ٺاهيا ويا. آئون اهو حوصلو آهيان جيڪو انسان جي ذهن ۾ ارادو پيدا ڪري ٿو ۽ خيال ۾ جدت آڻي ٿو. آئون اهو هٿ آهيان جيڪو انسان جي هٿ کي حرڪت ۾ آڻي ٿو. آئون شيطان آهيان زنده پائنده ــــــــ آئون اهو شيطان آهيان، جنهن سان انسان انهيءَ لاءِ وڙهندو آهي، ته جيئن زنده رهي سگھي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هُن منهنجي خلاف جدوجھد ختم ڪئي، ته ڪاهلي انهن جي ذهنن، دلين ۽ روحن کي مرده ڪري ڇڏيندي.
    آئون اُهو مست طوفان آهيان جيڪو مرد جي ذهن ۾ ۽ عورت جي دل ۾ هُل هنگامو پيدا ڪري ٿو، ۽ مون کان اهي خوفزده ٿي اُهي عبادتگاهن جو رخ رکن ٿا ته جيئن مون تي لعنت ملامت ڪن. يا وري خبيث هنڌن تي وڃي منهنجي قوت ارادي جا مطيع ٿي ڪري، مون کي خوش ڪن ٿا. اهو راحب جيڪو رات جي خاموشيءَ ۾ مون کان پري رهڻ لاءِ دعا ٿو ڪري، سو انهيءَ بازاري عورت وانگر آهي، جيڪا مون کي پنهنجي عشرتگاهه ۾ سڏي ٿي. آئون شيطان آهيان. هڪ جاوداني ۽ ابدي طاقت.“
    ”راحب خانن ۽ خانقاهن جو معمار آئون آهيان، جنهن خوف جي بنيادن تي انهن کي تعمير ڪيو، مئخانن ۽ عشرتگاهن کي به مون نفرت ۽ خواهش جي پيڙهه تي قائم ڪيو. جيڪڏهن آئون زنده نه رهان، ته هن دنيا ۾ خوف ۽ خوشي جو وجود باقي نه رهي ۽ انهن جي نه هجڻ ڪري انسان جي دل مان خواهشون، اميدون ۽ تمنائون ختم ٿي وڃن. زندگي صرف ڪو ڍونگ ۽ بي حس شيءِ رهجي وڃي. ڪنهن اهڙي ساز مثل، جنهن جون تارون ڇڄي پيون هجن. آئون شيطان آهيان زنده پائنده.
    آئون مڪر ۽ فريب، دغا دولاب ۽ حيلي بازي لاءِ الهام آهيان. جيڪڏهن اهي شيون هِن دنيا مان خارج ڪري ڇڏجن ته پوءِ انساني معاشرو ڪنهن اهڙي برباد فصل وانگر هوندو جنهن ۾ صرف نيڪيءَ جا ڪنڊا وڃي باقي بچندا. آئون شيطان آهيان ــــــ زنده پائنده.
    آئون ڏوهه جو ماءُ پيءُ آهيان . . . . جيڪڏهن ڏوهه باقي نه رهيو ته پوءِ گناهه جو مقابلو ڪندڙ به باقي نه رهندا ۽ ختم ٿي ويندا. آئون هر بديءَ جو قلب آهيان. ڇا تون چاهين ٿو ته منهنجي ساهه نڪرڻ سان انساني زندگيءَ جي حرڪت به ختم ٿي وڃي؟ ڇا تون مونکي مرڻ لاءِ هتي اڪيلو ڇڏي ويندين؟ ڇا تون اُهي رشتا ٽوڙي ويندين جي اسان جي وچ ۾ آهن؟ اي پادري! مون کي انهيءَ ڳالهه جو جواب ڏي.“
    پادريءَ جو ڪنڌ جھُڪي ويو ۽ هو ڪنهن وڏي سوچ ۾ ٻڏي ويو. هن جو رنگ ڦِڪو ٿي ويو، ڪنهن بت مثل. شيطان پنهنجي چمڪندڙ اکين سان پادري سمعان کي ڏٺو ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو: ”آئون بلڪل سامت ۾ ناهيان. منهنجي غلطي هئي، جو مون پنهنجيون آخري قوتون انهن ڳالهين ۾ وڃايون، جن کان تون اڳ ئي واقف هئين. هاڻ تنهنجي مرضي . . . جي چاهين ته منهنجي دوا ۽ درمل ڪرڻ لاءِ مون کي گھر کڻي هل يا پوءِ مرڻ لاءِ هتي ڇڏي وڃ.“
    پادري سمعان جي جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي ۽ هن خادمانه لهجي ۾ چيو، ”مون تي اهي راز ظاهر ٿي ويا آهن جن کان آئون ڪلاڪ اڳ واقف نه هوس. مون کي پنهنجي جهالت جو اعتراف آهي. مون کي معاف ڪر، مون کي خبر آهي ته تنهنجو وجود ترغيب ڏئي ٿو ۽ ترغيب ئي اهڙو ماپو آهي، جنهن سان خدا انسانن جي روحن کي ماپي ٿو. هيءَ هڪ ساهمي آهي جنهن ۾ روحن جو وزن ٿئي ٿو. مون کي يقين ٿي ويو آهي ته جيڪڏهن تون مري وئين ته ترغيب نابود ٿي ويندي ۽ انهيءَ جي خاتمي سان هڪ مثالي قوت قبر ۾ لهي ويندي، جيڪا انسانن کي سربلند ۽ هوشيار ڪري ٿي.“
    ”تو کي زندهه رهڻو پوندو. جيڪڏهن تون مري وئين ۽ ماڻهن کي خبر پئجي وئي ته تون مري چڪو آهين ته انهن جي ذهنن مان دوزخ جو تصور ختم ٿي ويندو، اهي عبادت ڇڏي ڏيندا ۽ پوءِ ته ڪوبه گناهه . . . گناهه نه رهندو. تنهنجو زندهه رهڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته تنهنجي زندگيءَ ۾ ئي انسانيت جي نجات جو راز لڪل آهي. جيستائين منهنجو تعلق آهي ته آئون تنهنجي نفرت کي انسان جي محبت جي مقابلي ۾ قربان ڪري سگھان ٿو.“
    شيطان ٽهڪ ڏنو ۽ زمين به لُڏي وئي، پوءِ هن چيو: ”تون ڪيڏو نه ذهين ماڻهو آهين پادري، ۽ تون مذهبي معاملن تي ڪيڏو عبور رکين ٿو. تو پنهنجي علم ذريعي ڪيترو جلدي محسوس ورتو، ته منهنجي زندگي ڪيڏي نه ضروري آهي ۽ انهيءَ ڳالهه کي ته آئون به سمجھي نه سگھيو هوس، پر هاڻ هڪ ٻئي کي سمجھي ويا آهيون.“
    ”منهنجا ڀائر، منهنجي ويجھو اچ . . . . هر طرف اونداهي وڌڻ لڳي آهي ۽ هن واديءَ جي واريءَ ۾ منهنجو اڌ رت جذب ٿي ويو آهي، ۽ هاڻ منهنجي زخمي جسم ۾ ڪجھه به باقي ناهي رهيو. جيڪڏهن تو مدد نه ڪئي، ته هن شڪسته هڏن جي پڃري کي موت ڳريءَ قيمت ۾ خريد ڪري وٺندو.“
    پادري سمعان، پنهنجون ٻانهون مٿي ڪيون ۽ شيطان جي ويجھو وڃي، هُن کي ڪلهنت تي کنيو ۽ پنهنجي گھر ڏانهن هلڻ لڳو.
    ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
    انهن وادين جي وچ ۾ جتي خاموشيون ۽ اونداهيون جاڳي پيون هيون، اُتي پادري سمعان، اهو سنگين بار کنيو پنهنجي گھر ڏانهن وڃي رهيو هو.
    هن جا ڪارا ڪپڙا ۽ سفيد ڏاڙهي رت ۾ ڀريل هئي ۽ هو اڳتي وڌي رهيو هو. ۽ هن جي چپن مان شيطان جي زندگيءَ لاءِ دعائون نڪري رهيون هيون.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو