نئون گم ٿيل ماڻهون (رزاق سهتو)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    نئون گم ٿيل ماڻهون.
    رزاق سهتو

    محترم رزاق سهتو سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي جي حوالي سان سينئر ۽ ڄاتل سڃاتل نالو آهي. هيستائين هو تمام گهڻيون ڪهاڻيون لکي چڪو آهي ۽ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”اڌ وهي“ به ڪافي وقت اڳ شايع ٿيو هو. سندس هي ڪهاڻي به پڙهڻ وٽان آهي.
    .........
    قاسم کِليو ته سندس اڇا ڏند ظاهرٿيا. رمضوءَ کان پڇيائين.
    “ڪئين ٿو ڀائين.؟”
    “ڪهڙي باري ۾.؟”
    “اڙي منهنجوپراڻويارآن.توکي هتي گھرايواٿم ته منهنجوٺٺ ٺانگرڏس وائڙا،وتندو هئي سگريٽن جا ٽوٽا ميڙيندو.اڃان به ساڳا پرڪراراٿيئي.تنهنجي مالي حالت بهترڪرڻ ٿوچاهيان.”
    “مان جنهن حال ۾ آهيان خوش آهيان.تون جَت جَت جوپٽ آهين.؟ هرڀرومنهنجي زبان نه کول.ڪيانءِ نه پِتا پڌرا دائيءَ کان ڪودن ڳجھوآهي.”
    “اڙي زبان سنڀالي ڳالهاءِ ڀوڪ بصرڪنهن سان پيوڳالهائين.”
    “پهريون ته اهو اڙي چوڻ بند ڪر.مان تنهنجي زال ناهيان.ڪهڙو مڙس ماڻهون آهين توکان ته زال به سنڀلي ڪون ٿي.ويچاري مارجي وئي.هونئن ته جَتَ ڀونڊي تي ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏين. تون ڪهڙو جت.؟جوڻهين مري وئي تون لئي ۾ اچي ويوآهي.زال جي ڪمائي ٿو کائين لعنت ٿي.ٻيوته هتي گهرايوبه توآهي.ٽيون ته تون ڪجھ به ٿي ويوهجين پرمنهنجي لاءِ ساڳوقاسوآهين.تنهنجي ڪاڻ ڇوڪڍندس.”
    “بڪواز نه ڪر.سڌو ٿي ڳالهاءِ.”
    “سچ ٿوچوانءِ ته چوچڙي ٿي لڳئي.”
    ڪاوڙ هوندي به ڪجھ دير ماٺ ۾ رهيا.گھڻوپيئڻ ڪري پوريءَ طرح سرورن ۾ هئا. ۽ هوريان هوريان پيگ مان ڍڪ ڀري هڪ ٻئي کي پئي ڏٺو.اوچتوقاسم ،رمضوءَ کي منهن تي ڀونڊو گهروڙي
    ڏيندي چيو.
    “ساڳئي جو ساڳيوموچيءَ جوپُٽ.ڪيئي نه پنهنجي اصليت ظاهر.”
    “موچيءَ جي پٽ سان پڄي نٿوسگھين ته ذاتيات تي لهي آيوآهين.”
    رمضوءَ جومنهن هٿ جي آڱرين جي رهڙي ڪري سڙندورهيو.
    “توکي هتي نوازڻ لاءِ گھرايواٿم.گُھر جيڪي گھرڻواٿي.وتين ٿوفٽ پاٿن جا ڌڪا کائيندو.رهڻ لاءِ ٺڪاڻُوڪونهي.هڪ ويلوکائو ته ٻيولنگھڻ تي ٿاڪٽيو.جسم تي چڱوڪپڙن جو جوڙوڪونهي.ماڻهن ۾ لٻاڙ هڻندو.خبرون ڪندوٿو رهين ته قاسم ههڙوآهي.هيئن آهي.”
    “سچ چوڻ کي لٻاڙ ٿوچوين.”
    “وڏوگامون سچارساماڻوآهين.سچ چوڻ لاءِ دنيا کٽي آهي.رڳو دوست ٿا نظراچني.ميان ڏائڻ به هڪڙوگھرٽاريندي آهي.چاراکرلکي ٿوڄاڻين ان جومطلب اهوٿورئي آهي ته جنهن جووڻئي پٽڪوڌوڙڪري ڇڏ.ياد ڪرتوکي چوندوهيم نه تنهنجي اک ۾ سوئرجووارآهي.ڪنهن کي به بخش نٿوڪرين.”
    رمضوخاموشيءَ سان کيس ٻڌندورهيو.ٻنهي جا پيگ ختم ٿي ويا ته قاسم گلاس سوري ويجھوڪيا.بوتل کڻي پيگ ٺاهي رمضوءَ ڏانهن وڌائيندي چيائين.
    “ماٺ ڇوآهين ڪجھه ته ڳالهاءِ.؟”
    “مان لٻاڙي آهيان.؟”
    “ان ۾ ڪهڙوشڪ.”
    “مان موچيءَ جوپٽ آهيان. مونکي ان تي فخرآهي.مان پنهنجي نالي سان گڏ موچي لکندوآهيان.تون ته ذات ئي مٽائي ڇڏي آهي.قاسو مان قاسم بڻجي ويوآ.مال ميڙيوٿي ته ڦوسي مان ڦرس رام ٿي ويوآهين.”
    “تون نه مڙندي موچيءَ جا پُٽَ”
    “مونکي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي.جنهن ڏينهن سنئين پير تي آئين ته آئون به سوچيندس.”
    “ڇاڪيواٿم.؟”
    “ڇا نه ڪيوٿي.ماڻهن وٽ ميت کي ڪفن ڏيڻ جيترا به پئساناهن.خود ڪش ڌماڪن جي ڪري هرطرف لاش ئي لاش وکريل آهن.ماڻهن جوساهُه مٺ ۾ آهي.توهان جون ٽجوڙيون ڀرجنديون ٿيورهن.مورثي سياست جي پيئڻ بلا هن سماج کي چوسي خالي کوکلوڪري ڇڏيوآهي.ڪنهن جي به عزت سلامت ناهي.توهان چئوپيا سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي.؟”
    “تون جڳ جهان جوٺيڪوکنيوآهي ڇاپنهنجي ڳالهه ڪر.؟”
    “ جن منجھان آهيان انهن جي ڳالهه ڪندس نه.”
    “ٻڌ.؟”
    “ها،چئو.”
    “پاڻ گڏجي دنياداريءَ جوسفرشروع ڪيو.مان ڪٿي اچي پڳوآهيان.تون اڃان تَري گٺل گهيتلوپايون پيوهلين.مان ته پنهنجي ايندڙ پيڙهين لاءِ به ايتروڇڏي ويندس جوکين ڪو الڪوئي نه هوندو هميشه اڳواڻي پيا ڪندا.تون سڀاڻي مري ويندي ڪجھه سالن کانپوءِ قبرجا نشان به ختم ٿي ويندئي.مون کي اعزازن ۽ وڏي طمطراق سان قبرحوالي ڪندا.مقبروٺهندو.حاضريون ڀريندڙن جون قطارون لڳي وينديو.هونئن به پنهنجي قوم مردا پرست آهي...”
    “تنهنجي به کڻي مرڻ بعد لست ٿيندي.پراهودورپري ناهي جوقوم جي غدارن ۽ سرمائي ڪارن جي دلالن جون قبرون کوٽي انهن جا لاش چوسولن تي لڙڪاياويندا.تون ڳڻتي نه ڪر.تنهنجوحساب ڪتاب به جلد ٿيڻ واروآهي.”
    “توکي هتي تقريرڪرڻ لاءِ ڪون گهرايواٿم.مڙئي خيرآهي.وقت آيوته منهن ڏيئي وينداسين.تون پنهنجوخيال ڪرڪٿي..... ”
    اسين ڀلي بي دريافتائي سهي اهي عظمتون شل توکي ئي نصيب هجن.اسان جورب آهي.ٺيڪ آهي مان وڃانٿو.”
    ائين وري ڪيئن ويندي.”
    “ڇو.؟”
    “خبراٿئي ڪهڙي جاءِ تي ويٺوآهين.چوڏس چاڪ چوبند سپاهي بيٺا آهن.بج بج ٿي ويندي.”
    “دڙڪاٿوڏئين.؟”
    “دڙڪا نه توکي پنهنجي اوقات ٿوياد ڏياريان.”
    “اهڙي تڪليف ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي.مان پنهنجي اوقات ڀليءَ ڀت ڄاڻان ٿو.”
    رات گھڻي گذري چڪي هئي.ٻنهي کي بک به ڏاڍي لڳي هئي.قاسم جي اشاري تي ماني لڳائي وئي. کاڌي جي ميزتي طعام ڏاڍي خوبصورتيءَ سان سجايل ٻئي ماني کائڻ ويٺا.مانيءَ تي ٻنهي هڪ ٻئي سان ڪون پئي ڳالهايو.ماني کائي واپس ساڳي جاءِ تي اچي ويٺا ته قاسم چيس.
    “هتي رات رهندي نه. ؟”
    “اجازت ملي ته واپس هليو وڃان.”
    “ائين وري ڪيئن ويندي.؟”
    “ڇو.ڪا اڃان ڪسررهيل آهي.؟”
    “توسان ڪهڙو ڪُلورڪيم جوايڏووهلورٿووڃين.”
    “تون طاقتورماڻهون آهين.مان ڇا چوان.”
    “تون ٻيوڪجھه نه ڪر منهنجي خلاف بڪ ڪرڻ ڇڏي ڏي.”
    “............”
    “چوڻ نٿوڪرين ته پنهنجي اڄ آخري ملاقات آهي.”
    “مان تنهنجوساٿ نٿوڏئي سگھان.”
    “ساٿ نه ڏي پرخاموش ته رهي سگھين ٿو نه.”
    “حق جي راهه تان هٽڻ ڪانئرماڻهونءَ جوڪم آهي.”
    قاسم چٿرواري لهجي ۾ چيس.
    “ها سائين حق جي راهه.ڌوڙ پئي ٿي منهن ۾ ٺريل کير کي ٿو ڦوڪون ڏئين.”
    قاسم جذباتي ٿيندي پري کان ئي رمضوءَ کي بجوڏيندي چيو.
    “نٿو مڙين ته صبح واپس روانو ٿي وڃجانءِ.مان پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ڏانهن وڃان ٿو.توکي نوڪرمهمان خاني ڏانهن وٺي ويندو.”
    “جيڪا تنهنجي مرضي.”
    “وري نه ملڻ جي لاءِ موڪلايون ٿا.”
    ائين چئي قاسم هليوويو.
    رمضوءَ کي آرامدهه پلنگ تي به ننڊ ڪان آئي.صبح ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ هئو.بنا نيرن ڪرڻ جي ئي نڪرڻ ٿي چاهيو پر ائين امالڪ نڪرڻ سندس وس ۾ ڪون هئو.صبح ٿيوته کيس نيرن ڪرڻ لاءِ سڏيوويو.جهڙي تهڙي نيرن ڪري هواتان جلدي نڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳو.ذهني طورتي هن پاڻ کي هرڳالهه لاءِ تيارڪري ڇڏي هئو.رات جو هن کي پنهنجي دوست قاسم جي اکين ۾ خون نظريوهئو.هو کيس مارائي به سگھيوٿي.ڪنهن کي ڪا ڪل ڪان پئي ها ته رمضو ڪيڏانهن گم ٿي ويو.کيس خبرهئي ته ڪيترائي ماڻهون هن خطي مان گم ٿيل آهن.جن جا وارث شهرجي چوراهن،پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ڪندي ڪندي سالن جاسال وهامي ويا اٿن.پرڪوکڙتيل ناهي نڪتو.رمضوانهي سوچ ۾ هيو ته هڪ وردي پوش ماڻهون آيو.
    “سائين اچو مان توهان کي اڳڀروڪري اچان.”
    “ڇو.قاسم ڪٿي آهي.؟هن کان ته موڪلائيان.”
    “سائين سڀ ڪجھه انهن جي حڪم سان ته ڪيون پيا.پاڻ ڪنهن ميٽنگ ۾ مصروف آهن.توهان اچو.”
    رمضواٿي هن سان گڏ گڏ هلڻ لڳو.گاڏي تائين هوساڻس گڏ آيو.گاڏي ۾ رڳوڊرائيوهئو.رمضو چڙهي ويٺوگاڏي چرڻ لڳي.ڊرائيورکيس ڳوٺ وڃڻ واري بس اسٽيڊ تي ڇڏي واپس روانوٿيو.بس نڪرڻ ۾ اڃان ديرهئي.ڀرسان ئي وقت گذاري لاءِ هوٽل تي ويهي رهيو.ڪي سائتون گذريون هونديون ته هوکنڀجي ويو.
    ******
    رمضوءَ جو نالووڃائجي ويل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل آهي.سندس تصويرخطي جي هر وڏي ننڍي شهر جي چوڪ تي لڳل آهي.جنهن جي هيٺان لکيل آهي.
    “هي ماڻهون اوچتو وڃائجي ويوآهي.ڪجھه سالن کان ذهني طور بيمارهو.جنهن کي ملي ته ڪنهن ويجھي پوليس اسٽيشن تي تي اطلاءُ ڏئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو