• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ثقافت جي نالي سان نئون ناٽڪ سرويچ ساريو

سنڌ ۾ سنڌي ڪلچر ۽ ثقافت جي پذيرائيءَ جي نالي ۾گذريل ڪجهه ورهين کان ڪيترن ئي ڌرين پنهنجا سياسي هٽَ کولي ڇڏيا آهن. هرڪو پنهنجي هٽَ تان سنڌين کي هر نئين طريقي ۽ گُر سان نوان گشا پتا ڏئي، ٺڳڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سنڌي ماڻهو، اڳ ئي هن ملڪ جي سنڌي-دشمن اسٽيبلشمينٽ، ۽ ان جي پالتو، نمڪ حرام سنڌي-دشمن فسطائي دهشت گرد ٽولي، سنڌي-دشمن ، موقعي پرست، پيٽ پوڄاري وڏيرڪي ٽولي، سنڌجو نانءُ کڻي، سنڌي-دشمن ٽولن جي دلال، سنڌ جي قومي سياست ڪندڙ ٽولن، پيرن، ميرن، مُلن، سنڌي دشمن ڪامورن ۽ ٻين اهڙن ڪيترن ئي سنڌي دشمن ٽولن وٽ يرغمال بڻيل آهن، ويتر سنڌ جي سياسي افق جا نوان بازيگر، سنڌي ثقافت ۽ ڪلچر جي اوٽ وٺي، روز نوان ناٽڪ رچائي، ويساهه وسوڙيل سنڌين جو بچيل ٿوررو به ڀرم ٽوڙڻ جي ڌنڌي ۾ اڳ کان اڳرا رهندا اچن ٿا.

ٺلها سکڻا ٺڳ َ، ڏينهون ڏينهن گشا نوان،

ماڻهن سامهون ماتمي، محلي اندر مڳ َ،

ساڳيا ديرا، دڳ َ، کوٽا نعرا کوکلا. (بخاري)

سنڌ ۾ پهرين فيبروريءَ کان پندرهين فيبروريءَ تائين به شروع ڪيل نئون ثقافتي ناٽڪ به سنڌين جي هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ قومي سجاڳيءَ جي ڪنول کي ٽڙڻ کان اڳ مرجهائي ختم ڪرڻ جو هڪ سوچيل، سمجهيل، سماجي سائنسي نظرين جي روشنيءَ ۾ تيار ڪيل منظم منصوبو آهي. سنڌ فيسٽيول 2014 ع جي نالي سان شروع ٿيل هن ناٽڪ جي شروعات ئي سنڌو سڀيتا جي اوائلي نشانيءَ واري شهر مهين جي دڙي جي آثارن جي تباهي کان ٿي آهي. پهرين فيبروريءَ تي پوري لوڪ ڏٺو ته جتي هڪ ڏينهن لاءِ ان تهذيب کي بچائڻ جي ڪوشش اهڙي ريت ٿي رهي هئي جو مهين جي دڙي جي آثارن واري اهم ترين سائيٽ ايس ڊي ايريا جي منڍ ۾ هڪ رات واري پروگرام لاءِ ٻن هفتن کان وڌيڪ وقت ۾ اسٽيج ٺاهڻ دوران قديم آثارن جي مک سائيٽ واري جاءِ تي لتاڙ ٿيندي رهي. هڪ ڏينهن لاءِ اسٽيج ان جاءِ تي ٺاهي وئي، جتي ٻُڌ َ جو اسٽوپا، پادرين جي ڪاليج، وڏو حوض، ٿنڀن واري هال واري عمارت، واچ ٽاور، آني جهڙي کوهه جهڙيون مک اڏاتون به شامل آهن ۽ انهن سمورين عمارتن جي ڪجهه فوٽن جي فاصلي تي مهمانن لاءِ تيار ٿيل اسٽيج ۽ رٿيل پروگرام دوران مهين جا اهي قديم آثار مسمار ٿيندا رهيا. پنج هزار سال پراڻي شهر جا اهي آثار ، جن کي پاڪستان جي قانون موجب ڇُهڻ، انهن تي چڙهڻ، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ خراب ڪرڻ، ڪو به ڇيهو رسائڻ ۽ ايتري تائين جو هٿ لائڻ تي به سخت سزائون مقرر آهن. انهن قيمتي آثارن جي جهوني، ڪمزور، ڏَريل، جهُريل، ڏُتڙيل ۽ ڍَريل جسم جي مٿان هڪ ڪشادي اسٽيج تيار ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي تائين ڏهه ويهه مزدور ۽ ٻيا کوڙ سارا نگراني ڪندڙ انهن کي ڏينهن رات لتاڙيندا رهندا، انهن آثارن ۾ وڏا وڏا لوهه ۽ ڪاٺ جا ڪِلا هڻندا رهيا، انهن تي سوين مڻن جو ڳرو سامان رکندا رهيا، آثارن کي ڌڪ، مترڪا، مارتول، برما، لٺيون، باٺا، ڪارايون، رندا هڻندا رهيا ۽ اهڙي نموني اها اسٽيج ٺاهي وئي ۽ وري تقريب واري ڏينهن هزارين ماڻهن اتي پوري بي گُندرائپ سان تماشو ڪري، “ثقافت” سان پيار جي نالي ۾ سنڌ جي تهذيبي ورثي سان جيڪا جُٺِ ڪئي، اها به ڏسڻ وٽان هئي، جنهن جا سمورا تفصيل ميڊيا ذريعي، پوري عالم ۾ آشڪار ٿي چڪا آهن. سنڌي ثقافت جي نالي ۾ ٿيندڙ، ان پُتلين جهڙي تماشي ۾ اهي ئي ماڻهو اڳڀرا هئا، جن ماڻهن مان اسان “ٻليءَ جي خواب ۾ ڇيڇڙن” جهڙي ئي سهي، پر اسان پنهنجي ثقافتي، تاريخي ۽ تهذيبي ورثن جي بچاءَ جي اميد رکندا آهيون.

سنڌ سڀيتا جي پيڙهه، مهين جي مٽيءَ تي سنڌي ڪلچر ۽ ثقافت جي نالي ۾ “ڪامياب” تماشو ڪرڻ کان پوءِ 2 فيبروريءَ تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ موجود ، آزاد سنڌ کي پهريون ڀيرو غلام سنڌ بڻائيندر حملي آور جي نالي سان منسوب باغ ۾ فيسٽيول سٽي لڳايو ويو ۽ ساڳي ڏينهن تي حيدرآباد ۾ گهوڙن ۽ ڏاندن جي گوءِ مان “سنڌي ڪلچر جي عاشقن” کي مزو وٺرايو ويو، 3 فيبروريءَ تي وري ڪراچي ءَ ۾ وڏو مشاعرو منعقد ٿيندي ٿيندي رهجي ويو ۽ 4 فيبروريءَ تي ڊي ايڇ اي فيز 8 ۾ گڏهن جي ڪارڪردگي مان “سنڌي ڪلچر ۽ ثقافت جي عاشقن” کي لطف اندوز ڪيو ويو. هي سٽون لکڻ وقت ڪراچيءَ جي مبارڪ ڳوٺ ويجهو سمنڊ جي گهرائي ۾ “سنڌي ثقافت جا عاشق” مڇيءَ جو شڪار ڪري رهيا آهن ۽ وري جڏهن لائق پڙهندڙ هي لکڻي پڙهي رهيا هوندا، ان وقت “سنڌي ثقافت جي عاشقن” جي سمنڊ ڪناري لغڙبازي جاري هوندي. 11 ۽ 12 فيبروري ءَ تي وري TBD ۾ عالمي فلم فيسٽيول ملهايو ويندو ۽ ساڳي وقت NAPA ۾ فيشن فيسٽيول به جاري رهندو. 13 فيبروري تي معين خان اڪيڊمي ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ذريعي “سنڌي ثقافت جا عاشق” ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ چئونڪا ۽ ڇڪا هڻندي ڏيکاريا ويندا. . 14 فيبروري تي معين خان اڪيڊمي ءَ ۾ غزل رات ملهائي ويندي ۽ فيسٽيول (فيسٽيول جو سنڌي لفظ ميلو به استعمال نه پيو ڪيو وڃي، “سنڌي ٻولي، ڪلچر ۽ ثقافت سان پيار جي نالي ۾ دل ۾ نه ڪجو) جي آخري رات 15 فيبروري تي ڪينجهر جي ڪناري موسيقيءَ جو پروگرام ڪري سنڌي ڪلچر ۽ ثقافت سان “محبت” جو آخري ثبوت ڏنو ويندو.

ڪيترو ڏاڍ تو توڏ تاتي،

ڏنڀ ڏئي ڏيهه ڇلي ڇاتي،

قوم ڪوڪي، لڇن پڇن ڀاتي،

شرم تم ڪو مگر نهين آتي. (بخاري)

هتي ان بحث ۾ نه ٿا پئون ته مٿيون سمورو فيسٽيول (ميلو) ڪيترو سنڌ فيسٽيول آهي؟ يا ڪيتري قدر سنڌي تهذيب ۽ تاريخ جي تڪ تور تي پورو لهي ٿو پر ان سان سنڌي تاريخ جي بچاءَ سان نه رڳو ان جو ڪوبه پاسو ڪونه ٿو ڇُهي، پر سنڌي تاريخ، تهذيب، ڪلچر، ثقافت، سماجي قدرن ۽ روايتن جو رهيو کُهيو نور به چٽ ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.

“سنڌي ثقافت، تاريخ ۽ ڪلچر سان پيار” جي اظهارڻ لاءِ انهن پندرهن ڏينهن جي ٿيندڙ شغل لاءِ 450 ملين روپين جي خرچ جو تخمينو لڳايو ويو آهي. ان خرچ جي پورائي لاءِ مليل ڄاڻ موجب 20 ملين روپيا سنڌ حڪومت جي ڊولپمنٽ فنڊ مان ڪڍيا ويندا ۽ 25 ملين روپيا ايندڙ بجيٽ مان ڪٽوتي ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ صوبائي حڪمران پارٽيءَ جا ڪرتا ڌرتا گهمائي ڦيرائي ٻڌائن ٿا ته 150 ملين روپيا سنڌ حڪومت ٿي ڀري يا وري جيئين شرميلا فاروقي چيو آهي ته 250 ملين روپيا ڪلچر ڊيپارٽمنٽ ڏئي رهي آهي. سنڌ فيسٽيول اسڪيم جي پروجيڪٽ مينيجر فخرِ عالم چيو آهي ته حڪومت رڳو 150 ملين ڏئي رهي آهي باقي پيسا حڪومت اسپانسرن کان خرچ ڪرائيندي.

“سنڌي ثقافت” سان پيار ڪندڙ ڌرين کي “پنهنجي ثقافت تي ناز” ڪرن کان روڪڻ جو سان کي ڪو به اختيار نه آهي، سنڌي ڪلچر ۽ ثقافت جي انهن “عاشقن” جو “اظهار” ڪرڻ جو پنهنجو “انداز” آهي، ۽ انهن جي ان “انداز” تي اسان جو اعتراض ٺهي ڪو نه ٿو، پر جهڙي نموني “سنڌي ڪلچر ۽ ثقافت” سان پنهنجي “محبت جو اظهار”، مهين جي مٽيءَ مٿان ڪيو ويو، ان تي اسان جو هينئڙو لوڻ ٿئي ٿو. “سنڌي ڪلچر ۽ ثقافت” جي نالي ۾ گڏهن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جو تماشو ته برداشت ڪري سگهجي ٿو، “سنڌي ثقافت” جي نالي ۾ اميراڻن ٻارن جي عياشيون ڪرڻ، نمائشون لڳائڻ، مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ، غزل راتيون منعقد ڪرڻ، يا گورک وٽ، هر قسم جي مزي ماڻڻ لاءِ آخري رات اميراڻي ڪچهري قائم ڪرڻ سان به اسان جو ڪو لاڳاپو نه آهي، پر جهڙي نموني سنڌ فيسٽيول جي شروعات ۾ مهين جي آثارن جي لتاڙ ڪئي وئي، اهڙو عمل “سنڌي ڪلچر ۽ ثقافت سان محبت” جي نالي ۾ هرگز به برداشت ڪرڻ جوڳو نه آهي.

مهين جي دڙي کي دنيا جي ساڃاهه وند ادارن پوري انسانيت لاءِ تاريخي ورثو قرار ڏنو آهي ، ڇاڪاڻ ته هي انساني تاريخ ۽ تهذيب جي پس منظر ۾ ترقي متعلق قديم ترين دنيائن جو مڃيل عالمي ماڳُ آهي، جيڪو سنڌو ماٿريءَ جي دل ۾ واقع ۽ سنڌو درياهه جي اڀرندي ڪناري تي آباد آهي. اسان سموري دنيا ۾ ٻاڪاريندا رهندا آيا آهيون ته اسان جي تاريخي ۽ قومي ورثي کي بچائڻ جا سهڪاري ٿيو ۽ اهو به هڪ سچ آهي ته هن وقت مهين جي دڙي کي بچائڻ واسطي وڌ ۾ وڌ ڪوششون ٻاهريان ملڪ ۽ ادارا ئي ڪري رهيا آهن ۽ اسان جا حڪمران ۽ ادارا انهن جي ڏنل پيسن مان تاريخي ورثن کي بچائڻ بدران پنهنجي عياشين ۾ اڏائي ڇڏيندا رهيا آهن.

تاريخي ورثا، قومن لاءِ سندن وقار جو بنيادي عنصر هوندا آهن. تاريخي قديم آثارن تي هن ديس جا بدعنوان سياستدان، بدڪردار ڪامورا ۽ انهن جا گهرايل ڪنڌ ۾ ڪلي وارا مهمان، لاٿريا، وائڙا ۽ واٺا سنڌ سڀيتا جهڙي تهذيب جي ڇاتيءَ ۾ ڪِلن سان ٺوڪيل اسٽيج تي چڙهي، ان جي اڊڙيل جسم مٿان ويهي، کيس بچائن جي هام هڻن ته اها ڪٿان جي پنهنجي “ثقافت” سان پيار جي علامت آهي؟ ڇا دنيا جون سڌريل قومون پنهنجن پنهنجن ورثن سان “پيار” اهڙي انداز سان ڪنديون آهن، جيئن اسان پنهنجي تهذيب جي شاندار سرمائي جي مٿان بيهي ڪري ڏيکاريو؟.

سنڌي سڀيتا ۽ ڪلچر سان نئون “پيار” ڪندڙ ٽولن کي اها سادي ڳالهه به سمجهه ۾ ڇو نه ٿي اچي ته ٻاهريان ماڻهو جيڪي مهين جي دڙي جي ٺڪري، سر، مٽي ۽ رانديڪي تي به پي ايچ ڊي ڪندا رهندا آهن، اهي اسان وٽان اهڙي اجتماعي ڀيلاڙ جو ڪهڙو چڱو تاثر کڻي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس ويندا ۽ اتان وڃي اسان جي تهذيبي ورثن کي بچائڻ لاءِ فنڊ موڪليندا يا موڪليل فنڊ به واپس گهرائي وٺندا؟.

سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب کي بچائڻ جي نالي تي سنڌ جي تاريخ سان ٿيندڙ راند تي سنڌي عوام جي خون ۽ پگهر جي ڪمائي جا 450 ملين روپيا شير شاهه جا شڪرا پنهنجي شڪاري ۽ تفريحي روين جي ڀينٽ چاڙهي رهيا آهن. اسان جا حڪمران، پنهنجي ڪُوڙي، ڪسي ۽ ڪروڌي سياسي داو پيچن لاءِ اسان جي تهذيبي، تاريخي ۽ قومي ورثن کي تباهه ڪري رهيا آهن. بدترين حڪمرانيءَ ذريعي، انتهائي ذليل زندگي ڀوڳيندڙ عوام جو پيسو، انهن جي حالت بهتر بنائڻ بدران، اُبتو سندن ثقافتي ورثي جي ڀيلا ڙ لاءِ استعمال ڪندڙ حڪمران، ڪهڙي عوام دوستيءَ ۽ ڪلچرل دوستيءَ جو درس ڏين ٿا؟.

وري رهبر بڻيا باطل،

اهي ئي قوم جا قاتل،

سدا غم، ڪڙم کان غافل،

پوڄاري، پيٽ جا پاليل،

نئين نعري ۾ ٿي شامل،

نئون ليبل، اها بوتل،

اها بگري، اهو ڍارو،

خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو؟.

(ابراهيم منشي)

پوري دنيا ۾ تهذيبي ورثا، قديم آثارن ۽ پراڻين عمارتن جي صورت ۾ موجود آهن. مهذب قومون پنهنجن اهڙن ورثن بابت گهڻيون چوڪس رهندي ڏٺيون ويون آهن، پر اسان ان معاملي ۾ تمام گهڻا غير ذميوار آهيون. اسان جي اندر جو ضمير، اڃان ايترو روشن نه ٿيو آهي جو اسان پنهنجي سڀيتا سان پيار ڪرڻ جون گُهرجون، گهربل نموني پوريون نه ڪري رهيا آهيون.اسان جي اها روش، اسان جي سماجي تباهيءَ ۽ غلام نفسيات جو بنيادي محرڪ آهي. پنهنجي سڀيتا، ڪلچر، تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت ڏانهن پنهنجي رويي ۾ حقيقي تبديلي نه آڻڻ تائين، اسان هرگز به “سڌريل” ۽ “سڀيتائي” ماڻهو بڻجي ئي نه ٿا سگهون. پوءِ پاڻ، کڻي ڇو نه سوين ثقافتي ڏينهن، هفتا ڏها، پندرها، مهينا ۽ سال ڇو نه ملهائيندا رهون
 
Back
Top