( سنڌيڪار پاران: هي مضمون سنڌ جي سرڪار، تعليم کاتي، ان جي وزير ، ڪامورن، شاگردن، استادن، والدين، يونيورسٽين ۾ پڙهائيندڙ سمورن پروفيسرن ۽ استادن کي نه رڳو پڙهڻ گهرجي پر ان جي عملي پاسن تي پڻ سوچڻ گهرجي. ان ۾ ڪنهن به قسم جو وهم ناهي ته اسان جي تعليم جو معيار ڪِرندو پيو وڃي. ڪٿي اسان سمورن کان ڪي نه ڪي غلطيون ٿيون آهن يا ٿي رهيون آهن جن کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سنڌ سان سڄڻائپ ڪرڻ جي برابر آهي. هي مضمون سنڌ جي سائنسدان ، هاڪاري عالم، علم، قلم ۽ عقل جي ڌڻي محترم ايم ايڇ پنهور ( محمد حسين پنهور صاحب) انگريزي ۾ لکيو هيو. پنهور صاحب اپريل 2007ع ۾ گذاري ويو. هن جي لکڻي ۾ 2005ع جو حوالو موجود آهي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته وڃڻ کان ٻه سال اڳ ۽ عمر جي 80 ورهين ۾ به کين سنڌ جي تعليم جي ۽ سنڌ ۾ سائنس جي کوٽ جي اون ۽ پريشاني هئي. اسان جو هي ننڍڙو پورهئو هڪ وڏي مقصد جي نيت جو پهريون پٿر آهي. اوهان به هي مضمون هر ماڻهوءَ کي ضرور پڙهايو) منهنجي سڄي ڪيريئر مختلف شعبن ۾ سکيا لاءِ انجنيئر ۽ سائنسدان ڀرتي ڪرڻ رهيو آهي. انهن شعبن ۽ ميدانن ۾ مڪينيڪل، اليڪٽريڪل، سول، انڊسٽريل ۽ ماحولياتي انجنيئرنگ، اعليٰ تعليم لاءِ سائنسي اوزارن، تحقيق، صنعت، زراعت خاص ڪري باغباني، فصلن جي ٽيڪنالاجي، جانورن جي سائنس، ماهيگيري، ٻيهر استعمال ڪري سگهجندڙ توانائي(Renewable Energy) ، توانائي پيدا ڪندڙ هوائي ملون، شمسي پينل، گوبر ٻارڻ وسيلي گئس ۽ بجلي پيدا ڪرڻ، درآمد ٿيندڙ ميوون جي پوکائي ۽ ٻيا انتظام، مشيني زراعت، آبپاشي، نڪاسي، سم، ڪلر، خراب زمين کي بهتر ڪرڻ،برسات پاڻي تي پوکائي وغيره جا انجنيئر شامل آهن. ڪتاب ۽ سفر منهنجا رهنما: آمريڪي رياست Wisconsin جي شهر ميڊيسن ۾ منهنجي استاد مونکي ٻڌايو هو ته ٽيڪنالاجي ايتري ته تيزي سان تبديل ٿي ترقي ڪري رهي آهي جو توکي ايندڙ پنجاهه ورهين ۾ پنج ڀيرا ڌنڌا بدلائڻا پوندا. هن درست چيو هيو. مون ته پنجن کان به وڌيڪ پنهنجا شعبا بدلايا آهن. “ڪتاب” ۽ “سفر” منهنجا ٻه دوست ۽ رهنما رهيا آهن. انهن ٻنهي جي پڙهڻ ۽ عالمي يونيورسٽين ۾ وڃڻ ۽ اتي سڀ کان ذهين پروفيسرن سان انهن سبجيڪٽن تي بحث ڪرڻ ۽ نيون نيون تبديليون معلوم ڪرڻ ۾ لڳي ويس. انهن اعليٰ ترين پروفيسرن سان بحث جي ڪري اهي وري مون کي پاڪستان جو انهن شعبن ۾ سڀ کان وڏو سائنسدان سمجهڻ لڳا هيا. ان قسم جي همت افزائي جي ڪري مونکي هميشه يونان جو “سقراط” ( 469 کان 399 ق.م) ياد ايندو هو . جنهن چيو هيو ته “ ماڻهو مون کي ڏاهو سمجهن ٿا، ڇوته، مان ڪجهه به نه ٿو ڄاڻان”. اصل ڳالهه به اها آهي ته مان ڪنهن به پرائمري واري کان مٿي ناهيان. 1980ع تائين ، گذريل سٺيڪو ورهين ۾ مون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي 25 هزار ڪتاب ۽ بليٽن گڏ ڪيا آهن. جڏهن ته باغباني تي 1980ع کان پوءِ ڇپيل 15 هزار ڪتاب ان کانسواءِ آهن. مون ٻه ڀيرا انهن مان گهڻو مواد، ڪتاب ۽ رسالا ان ڪري اڇلائي ڇڏيا ڇوته اهي مُدي خارج ٿي ويا هئا ۽ ٻيو ته نون ڪتابن ۽ مواد لاءِ مون کي جاءِ به گهربل هئي. اسان به انگريزن جهڙو ئي پڙهيو هو: منهنجي لاءِ هڪ شعبي کان ٻئي ۾ وڃڻ سولو ڪم هيو ڇوته منهنجي مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ سائنس بهتر نموني پڙهيل هئي. مان انگريزن جو ٿورائتو رهندو آهيان جن اسان وٽ به آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽين جو نصاب رائج ڪيو هيو. اهو نصاب انگريزن جو لکيل ۽ اتان ئي ڇپجي ايندو هيو. ٻين مهاڀاري لڙائي ( 1939ع کان 1944ع) ۾ ڪاغذ جي اڻاٺ سبب اهي ڪتاب اتان اچڻ بند ٿي ويا ۽ ان زماني ۾ رڳو سائنس جي نون ميدانن جهڙوڪ ريڊيو، ٽيليويزن ۽ وائرليس ٽيڪنالاجي وغيره تي ڪتاب ايندا هيا. هڪ شاگرد هوندي مون کي ڪيمبرج امتحان جا پيپر چيڪ ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو. اهي پيپر ڏسندي مون کي عجب جهڙي خبر پڻ پئي ته بمبئي يونيورسٽي جا استاد ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ جي پيپرن مان هتي جي مئٽرڪ ۽ انجنيئري جي امتحان لاءِ پيپر ٺاهيندا هيا. آمريڪا ۾ علم سنڌ کان وڏو نه هيو! مون کي ياد آهي ته مون هڪ ڀيري اين اي ڊي NED ڪاليج جي پرنسپال ڪيولراماڻي کي آمريڪا جي رياست ٽيڪساس ۾ پڙهندي مون هڪ خط لکيو هيو ته مون لاءِ هتي سکڻ لاءِ ڪابه نئين ڳالهه ڪانه هئي، جيڪي ڪجهه هو زراعت ۽ زرعي انجنيئرنگ جي باري ۾ پڙهائي رهيا هيا، اهو ته مون غريب ملڪ جي غريب اين اي ڊي ڪاليج مان اول ئي پڙهيو هيو. سو، مون کين چيو ته مونکي ڪتابي نه پر عملي سکيا ڏني وڃي. هنن مونکي آميريڪا جي پنجين وڏي ڪمپني “هارويسٽ” ڏانهن موڪليو جتي هڪ ئي وقت چار لک ماڻهو ڪم ڪري رهيا هيا. ان ڪمپني مون کي سيکاريو ته : تيستائين زرعي اوزارن ۽ مشينن جي باري ۾ سکي نه ٿو سگهجي جيستائين زمين، هر فصل جي زرعي ڄاڻ، آبپاشي، ڀاڻ، فصلن جي بچاءَ توڙي فصلن کان پوءِ ان جي سنڀال جو علم سکيل نه هوندو. هنن مونکي سندن عالمن جا لکيل ڪتاب ۽ پمفليٽ ڏنا، مون کي پڙهندي هڪ لحظي لاءِ به ڏکيائي نه ٿي ڇوته انهن ٽن ڪتابن مان هڪ ڪتاب ته مون ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ يارهين درجي ۾ بايولاجي ۾ موجود باٽني پڙهيو هيو. مون کي تجربي اهو سيکاريو ته انجنيئرنگ يا زراعت جون سموريون شاخون عملي فزڪس، رياضي، ڪيمسٽري ۽ بايولاجي مان نڪتل آهن، جيڪو شاگرد انهن ۾ ڀڙ نه هوندو اهو شاگرد ڪڏهن به سائنسدان نه ٿي سگهندو” تعليم ڪڏهن تباهه ٿيڻ شروع ٿي؟ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو رهيو. جڏهن مون 1949ع ۾ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڇڏيو ان کان 10 ورهيه پوءِ نون شاگردن کي اسان کان 33 سيڪڙو ڄاڻ گهٽ هئي، جيڪا اسان بمبئي يونيورسٽي هيٺ هلندڙ اين اي ڊي مان حاصل ڪئي هئي. ٻئين ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ 1969ع ۾ قائم ٿيندڙ “مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ” جي شاگردن کي رڳو 33 سيڪڙو ڄاڻ هئي. پر اهو سال سنڌ جي اندرين ضلعن لاءِ تباهي جو سال هيو. ون يونٽ سرڪار سنڌي ڪامورن خلاف ڇا ڪندي هئي؟ اينٽي ڪرپشن کاتي جي هڪ ڪاموري جو خيال هيو ته اهي سنڌي آفيسر جيڪي “ون يونٽ” سرڪار جا مخالف آهن تن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏجي. اوهان هڪ مثال مان سمجهي ڇڏيو. مهراڻ ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر قدير افغان تي حڪم نه مڃڻ جو ڪوڙو ڪيس مڙهيائون. هن کي حڪم ڏنائون ته هو پنهنجي ڊيوٽيءَ کانسواءِ 13 هزار ايڪڙن يا ويهه چورس ميلن تي ٿيندڙ اڏاوتي رٿائن جي نگراني ڪري. هن کين چيو ته گاڏيءَ کانسواءِ هو ايڏي وڏي ڊيوٽي نه ڪري سگهندو. هن کي گاڏي نه ڏنائون. پوليس جي گاڏي آئي کيس گرفتار ڪري وٺي ويئي. جيڪو انچارج انجنيئر هيو تنهن تي ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيائون. منظم ڪاپي جي شروعات ڪيئن ٿي؟ ڊاڪٽر افغان جيل مان شاگردن کي نياپو ڪيو ته سندس آزاديءَ تائين هڙتال تي هليا وڃن. ان جي موٽ ۾ سمورن شاگردن کي سالياني امتحان بدران پاس ڪيو ويندو. شاگرد هڙتال تي هليا ويا. ڊاڪٽر افعان آزاد ٿيو. هن واعدو پورو ڪيو. اصل ۾ تعليم جي بربادي جي اها پهرين شروعات هئي. 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ٻه يونيورسٽيون ڪڍي ٺاهيون ويون. هڪ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ٻين سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام. مهراڻ يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر ۽ ٻه سينئر پروفيسر سخت مزاج جا استاد هيا. انهن يونيورسٽي ۾ ڪاپي خلاف ڏنڊو کنيو. پر امتحانن هلندي هڪ ڏينهن سنڌ جو وزير تعليم آيو تنهن ٽنهي لائق استادن کي حڪم ڪيو ته اهي امتحان هالن جو دورو نه ڪن. شاگردن اهي امتحان سولائي سان پاس ڪيا. سنڌ ۾ ٽيڪنيڪل تعليم کي ان کان وڏو نقصان ڪڏهن نه پهتو هيو. انهن کانپوءِ ڪيترن ئي لائق وائيس چانسلرن ۽ پروفيسرن ڪاپي خلاف وڏو ڪم ڪيو آهي پر جيڪا پاڙ ان واقعي سان پيدا ٿي تنهن کي ڪپڻ ۽ ڪاٽڻ لاءِ وڏو وقت زيان ٿي ويو آهي. 1970ع ۾ شڪست کانپوءِ ڇا ٿيو؟ اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) وڃائڻ کانپوءِ، سرڪار ملڪ ۾ نئين پيدا ٿيل صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ “پاڪستان اسٽڊيز” جو سبجيڪٽ اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. جنرل ضيا جيڪو جالنڌر (انڊيا) ۾ هڪ مولوي جو پٽ هيو، تنهن وري 1977ع ۾ پاڪستان ٺهڻ جو بنياد ئي اسلامي ڄاڻائي پرائمري اسڪولن کان يونيورسٽين ۾ “اسلاميات” پڙهائڻ شروع ڪئي. نصابي ٻولي تي ايوب خان ڇا ڪيو؟ 1966ع ۾ هڪ ايجيٽيشن شروع ٿي ته پاڪستان جي دفترن ۾ توڙي تعليمي ادارن ۾ انگريزي جي جاءِ تي اردو ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي وڃي. سنڌي شاگردن ۽ استادن ۽ بنگالين ان جي موٽ ۾ چيو ته “اردو هنن خطن جي ٻولي ناهي، اها ڪيئن ٿي پڙهائي وڃي”. جنرل ايوب خان 1965ع جي جنگ ۽ تاشقند معاهدي کانپوءِ پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺو هو. تنهن اردو واري مطالبي تي هٿيار ڦٽا ڪيا. ٻوليءَ جي معاملي تي انڊيا ۾ ڇا ٿيو؟ ورهاڱي کان پوءِ 1948ع ۾ هند سرڪار فيصلو ڪيو ته انگريزي جي جاءِ تي “هندي” ٻولي رائج ڪئي وڃي. ان لاءِ ماهرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن جي ذمي اهو ڪم رکيو ويو ته انگريزي ٻولي ۾ جيڪي به ٽيڪنيڪل، سائنسي ۽ غيرمعمولي لفظ ۽ اصطلاح آهن، انهن جي وچور ٺاهي وڃي ۽ انهن جي جاءِ تي هنديءَ ۾ لفظ ڳوليا ۽ ٺاهيا وڃن. 15 ورهين کانپوءِ 1963ع ۾ انڊيا جي وزيراعظم جواهر لال نهروءَ سان ان ڪميٽي ملاقات ڪئي. نهروءَ کي ڄاڻ ڏني وئي ته ٻين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ ( 1945) کان وٺي اڄ تائين لڳ ڀڳ چار لک لفظ انگريزيءَ ۾ وڌيا آهن. اها ڳالهه ٻڌي نهروءَ کانئن هڪ سوال پڇيو ته “ هنديءَ ۾ گهڻا لفظ آهن؟” تنهن تي ماهرن جواب ۾ وراڻيو ته “ هڪ لک لفظ” . تنهن تي نهروءَ پڇيو ته “ ڇا اهو ممڪن آهي ته هندي ٻولي اهي چار لک لفظ پاڻ ۾ ضم ڪري سگهي؟” ان سوال کانپوءِ انڊيا ۾ ٻيهر ان معاملي جو فائل نه کليو.انڊيا جو تعليمي ميدان ۾ سگهارو هجڻ جو هڪ سبب به اهو آهي ته انهن وٽ سکڻ لاءِ ذريعو انگريزي آهي. اسان وٽ ڪونهي. نهرو رڳو سياستدان نه هيو. پر پڙهيل به هيو. هو چوٽيءَ جو عالم به هيو. هن جيڪي ڪتاب ( دنيا جي تاريخ ۾ جهاتي) Glimpses in World History ۽ (انڊيا جي دريافت) Discovery of India لکيا آهن سي دنيا جي شاهڪار ۽ ڪلاسيڪل ادب جو حصو آهن. انگريزي نه رهي ته سائنس به نه رهي؟ جيتوڻيڪ اسان وٽ مٿين سطح تي انگريزي ۾ تعليم رائج رهي پر هاءِ اسڪول ۽ انٽرميڊيئيٽ تائين اردو ۽ سنڌي هجڻ ڪري سائنسي نصاب اسان جا شاگرد انگريزي ۾ پڙهڻ کان عاجز رهيا. جنهن ڪري انگريزي ٻولي جا بنياد شاگردن کان پري ٿيندا ويا. سائنس ۽ انگريزي جي ڪتابن کي اختصار ۾ پيش ڪيو ويو جنهن ڪري سائنس ۽ ان جي تصورن ۽ انگريزي جي باري ۾ درست ڄاڻ ملي نه سگهي. ڪمدارن جي جاءِ تي پڙهيل مئنيجر: مان باغباني ۽ زراعت ۾ ڪم ڪندو آهيان. مونکي انهن جي سنڀال لاءِ ڪيئي نوجوان گهربل آهن.مون گذريل پندرنهن ورهين کان ڪيتراڀيرا انٽرويو ڪيا آهن ته جيئن پنهنجي زرعي ۽ فروٽ فارم لاءِ بهترين مينيجر رکي سگهان. مون محسوس ڪيو آهي ته اسان جي فارمن تي جيڪي روايتي “ ڪمدار” Foreman آهن سي جديد ڄاڻ ۽ طريقن کان وانجهيل ۽ بيزار آهن. مون چاهيو ته انهن جي جاءِ تي پڙهيل نوجوان رکان. مون اخبارن ۾ اشتهار ڏنا. سنڌ، خيرپور ميرس ۽ ٽنڊوڄام يونيورسٽين جي “نوٽيس بورڊن” تي اشتهار لڳرايا. مون کي ڪوبه جواب نه مليو. ڪابه مناسب موٽ نه ملي. نوجوانن جو محنت ڏانهن سراسري رويو: مون ان روئي ۽ موٽ تي هڪڙي پروفيسر کان سبب پڇيو. هن ٻڌايو ته نوجوان سهولت وارا ڌنڌا ڳولين ٿا. کين آرامده آفيس گهرجي، آفيس پهچڻ شرط نوڪر کي سڏڻ ۽ چانهه پاڻيءَ پيئڻ لاءِ گهنٽي کپي، ڪجهه وقت آفيس ۾ آرام ڪرڻ چاهين ٿا، مختلف فارمن تي هڪ اڌ چڪر هڻي وري آفيس ۾ اچن ٿا. ان جي ابتڙ اوهان جيڪي اشتهار ڏيو ٿا ان ۾ هر مينيجر هيٺان پنجن کان ڏهه ڪم ڪندڙ سنڀالڻا پوندا. انهن کان ڏينهن ۽ هفتن ۾ ڪيل ڪم جو حساب وٺڻو پوندو. فارمن تي مختلف نوعيت جا ڪم ڪرڻا پوندا، ڪنهن مهل موون کي ڏسڻو پوندو ڪنهن مهل زمين تي نظر رکڻي پوندي. اوهان غير روايتي پوک ڪريو ٿا، اوهان جي وڻن پوکڻ ۽ تاتڻ جو ڍنگ الڳ آهي. اوهان ڪئلين جي ڦونگڙين کي ڀاڻ طور ڪتب آڻيو ٿا، ڪيميڪل ڀاڻ استعمال نه ٿا ڪريو، قدرتي جيت مار ڪتب آڻيو ۽ جيت مار دوائون نه ٿا آڻيو، هڪ وڻ کي ٻئي سان ملائي ان مان ٽيون وڻ پيدا ڪريو ٿا، ٽريڪٽر ۽ مشينون استعمال نه ٿا ڪريو، ان لاءِ مينيجرن کي ڪم به وٺڻو پوندو ۽ ڪم ڪرڻو به پوندو. اوهان اونهاري ۾ ٻه ڪلاڪ موڪل سان صبح 8 وڳي کان شام پنجين وڳي تائين ۽ سردين ۾ هڪ ڪلاڪ جي موڪل سان صبح اٺين کان شام چئين وڳي تائين ڪم ڪريو ۽ وٺڻ چاهيو ٿا. هن ٻڌايو ته مون اشتهار پڙهي ڪيترن ئي گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ماڻهن سان ڳالهايو آهي، اهي چون ٿا ته کين اهڙو پابندي وارو ڪم نه ڪرڻو آهي. ڪجهه اميدوار آيا. اهي پنهنجي ڪم ۾ ڀڙ ته نه هيا پر مون سوچيو ته هتي ڪم ڪندي سکي ويندا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اڪثر روانا ٿي ويا. جيڪي مون وٽ رهيا انهن ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪيو. پر، جڏهن سرڪاري نوڪرين جا اشتهار ڏٺائون ته اتي درخواست ڏنائون. انهن پنهنجي تجربي ۾ منهنجي فارم تي ڪم جو ذڪر ڪيو ته سرڪار بنا دير بنا انٽرويو جي انهن کي نوڪريون ڏئي ڇڏيون. هڪ ڀيري، مون کي ويهن نوجوانن جي گهرج پئي. مون کين مئٽرڪ ۽ انٽر پاس هجڻ جو شرط وڌو. 200 اميدوار پهتا. جيڪي سائنس، انجنيئرنگ، زرعي انجنيئرنگ ۽ سوشل سائنسز ۾ گريجوئيٽ هيا. انهن ۾ آرٽس جا شاگرد بنهه گهٽ هيا. مون کي سندن مارڪون ڏسي صدمو پهتو. انهن مارڪن تي سڄي قوم کي سوچڻو پوندو. 95 سيڪڙو اميدوارن جون سنڌي، اردو، اسلاميات ۽ پاڪستان اسٽڊيز ۾ مارڪون 85 سيڪڙو کان مٿي هيون. انگريزي ۾ سندن مارڪون 40 کان 50 سيڪڙو هيون. فزڪس، ڪيمسٽري ۽ بايولاجي جي ڇهن پريڪٽيڪلز ۾ هر اميدوار 25 مان 23 يا 24 مارڪون کنيون هيون جيڪي 92 کان 96 سيڪڙو ٿين ٿيون. پر پيپرن ۾ انهن کي مس پاس مارڪون 33 يا ان کان ٿورو مٿي مليون هيون. جڏهن ڳالهه جو پير کنيو ته خبر پئي ته ڪاليجن ۾ شاگرد رڳو پريڪٽيڪلز جي ٽيوشن اتي پڙهائيندڙ استادن کان وٺن ٿا. اهي ٽيوشن في ڀرين ٿا ۽ موٽ ۾ استاد انهن کي پريڪٽيڪل امتحانن ۾ فل مارڪون ڏين ٿا. ٻي ڳالهه اها سامهون آئي ته اهي شاگرد آرٽس جي سبجيڪٽن ۾ فل مارڪون کڻن ٿا ۽ ان بنياد تي داخلا وري يونيورسٽين ۾ سائنس جي شعبن ۾ وٺن ٿا. جنهن ڪري اهي ڪڏهن به سائنسدان نه ٿا بڻجي سگهن. اهي شاگرد ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن ۾ ته “بي” ۽ “سي” گريڊ کڻي پاس ٿيا پر يونيورسٽين ۾ پهرين سال کان “اي” گريڊ ۾ پاس ٿيا. اهو معجزو ڪيئن ٿئي ٿو؟ ان جي به جاچ ٿيڻ گهرجي. اٽڪل ڏهه ورهيه اڳ مون ورلڊ بئنڪ جي هڪ پروجيڪٽ لاءِ يونيورسٽي پاس هڪ بهترين نوجوان هٿ ڪيو. جنهن کي مون 50 هزار مهينو پگهار آڇي. جڏهن ته هو يونيورسٽي مان 18 هزار مهينو کڻندو هيو. جڏهن پروجيڪٽ پنهنجي ڦوهه تي هيو ته هڪڙي ڏينهن هن معذرت ڪندي چيو ته “هو واپس يونيورسٽي وڃي رهيو آهي، جتي کيس ايم ايس سي MSc جي شاگردن کي ٿيسز لکڻ ۾ مدد ڪرڻي آهي. هن کي پئسا نه ٿا گهرجن، هو قوم جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو” مون سوچيو ته هي ڪيڏو نه وڏو ماڻهو آهي. جڏهن اها ڳالهه يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر کي ٻڌايم ته ان هڪ وڏي ڪٿا ٻڌائي. يونيورسٽي ۾ ٿيسز ڪيئن ٺهي ٿي؟ هن ٻڌايو ته اهو جوان “ چريو” نه هو. هو يونيورسٽي کان هڪ ٿيسز تي ٻه لک 16 هزار وٺندو، 16 هزار ٽئڪس ڀريندو. صافي ٻه لک کيس هڪ ٿيسز تي بچندا. هو اها ئي ٿيسز شاگردن کي ٽن لکن ۾ ڏيندو ۽ ڪل کيس پنج لک بچندا. جي هن وٽ 10 شاگرد هوندا ته هو لکين رپيا ڪمائي ويندو. مون کي پنهنجي نوڪريءَ جا ڏينهن ياد آيا. منهنجي پهرين نوڪري: اين اي ڊي ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ مون (بڪِويل اينڊ ڪمپني)Buckwell & Co ۾ نوڪري ورتي. پهرئين ڏينهن انهن مون کي هڪ “مرمت جي دڪان” تي مقرر ڪيو. مون جڏهن ڪيٽرپلر انجڻ Caterpillar Tractor کلندي ڏٺي ته خيال آيم ته اسان جي ڪتابن ۾ موجود ڄاڻ کان قصو اڳتي وڌي ويو آهي. ان ڏينهن کان وٺي هر گهڙي مون ڪجهه نه ڪجهه سکڻ چاهيو آهي. گذريل 56 ورهين کان منهجا استاد جديد ڪتاب رهيا آهن. سائنس ۽ اسان جي اولاد: تازو هڪ دوست پنهنجي نائون ڪلاس پڙهندڙ پُٽ کي وٺي آيو ته سندس ذهانت ۽ شوق جي باري ۾ معلوم ڪريان. هو شهر جي هڪ مهانگي اسڪول ۾ پڙهندو هيو. ڪجهه ٻيو پڇڻ کان اڳ مون کانئس پڇيو ته “ هن کي آلجبرا، رياضي ۽ جاميٽري ڪيتري وڻندي آهي؟” هن وراڻيو ته ، اسڪول ۾ ڪنهن به استاد کي جاميٽري نه ايندي آهي، ان ڪري اها نه پڙهائيندا آهن” مون کيس ٻڌايو ته جيستائين ڪنهن کي به ٽرگناميٽري يا ٽن رخن واري جاميٽري نه ٿي اچي اهو ڪڏهن به انجنيئرنگ نه پڙهي سگهندو. اهو ڪڏهن به انجنيئري جو نقشو ۽ ڊزائين نه ٺاهي سگهندو ۽ نه ئي درست نموني هٿن ۾ جهلي سگهندو. هو ڪوبه سول يا مڪينيڪل ڊزائين ٺاهڻ لاءِ محتاج هوندو. انهن ڊزائين واسطي جيڪي به پاسا ۽ ان تي پوندڙ فورس جي خبر رکي نه سگهندو، هو خلائي سائنسدان نه ٿي سگهندو جنهن جو بنياد آسماني علم تي آهي جيڪا دارومدار ئي جاميٽري جي بنيادن تي رکي ٿي. هن کي جاميٽري کانسواءِ فزڪس سمجهه ۾ ئي ڪانه ايندي. ڇوته انجنيئرنگ فزڪس ته آهي پر ان جو بڻ بنياد جاميٽري تي رکيل آهي. جن استادن کي جاميٽري ايندي اهي “ سبب” ۽ “عقليت” جي سکيا ڏئي سگهندا. انسانذات جڏهن کان سمجهڻ شروع ڪيو آهي ته ان جي ڄاڻ جي ڪري دنيا ۾ سوچيندڙ ۽ فلاسافر پيدا ڪيا آهن. دنيا جون 100 وڏيون شخصيتون: مون پنهنجي لائبرري مان مائيڪل هارٽ جوڪتاب ( دنيا جا 100 وڏيون شخصيتون) “The 100 ranking of most influential persons in history” آڻي کيس ۽ سند والد کي ڏيکاريو ته (يوڪلڊ) Euclid ان ڪتاب ۾ 14هين نمبر تي آهي. جڏهن ته حضرت موسيٰ، ڊارون، آگسٽس سيزر، جارج واشنگٽن، ڪارل مارڪس، نيپولين، گراهم بيل، اشوڪ، اووٽو، جوليئس سيزر، جان ف ڪينيڊي، لينن، تائو، زرتشت ۽ جئن عقيدي جو ديوتا مهاوير ان کانپوءِ ليکيا ويا آهن. ““يوڪلڊ”” کان مٿي جيڪي شخصيتون آهن انهن ۾ حضرت محمد صلعم، نيوٽن، حضرت عيسيٰ، مهاتما ٻڌ، ڪنفيوشس، ڪولمبس ۽ آئن اسٽائين ليکيا ويا آهن. مون کيس ٻڌايو ته “يوڪلڊ” جي ترتيب ڏنل جاميٽري ڏکي آهي پر اها آلجبرا ۽ رياضي کان اهم آهي ۽ اها ڪنهن به شخص کي تجزيو ڪندڙ دماغ بنائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. مون کين ٻڌايو ته چين، جاپان ۽ هندستان تيستائين بهترين سائنسدان پيدا نه ڪري سگهيا جيستائين هنن 18هين ۽ 19هين صدين ۾ جاميٽري سکي نه ورتي هئي. جڏهن ته يورپ جا سائنسدان 16هين صديءَ کان وٺي آئن اسٽائين تائين جاميٽري ۾ ڀڙ هيا. نيوٽن جيڪو ان ڪتاب ۾ حضرت محمد صلعم کانپوءِ ليکيو ويو آهي سو “يوڪلڊ” جي جاميٽري سان ايترو ته گڏ هيو جو هن پنهنجو شاهڪار ڪتاب ( جاميٽريءَ جا اصول) “Principia in geometrical form” لکيو هيو. مون ان نوجوان کي آخر ۾ صلاح ڏني ته هو ڀلي اهڙي ڪنهن به شعبي ۾ وڃي جنهن ۾ سندس ذهن جو استعمال نه ٿئي ڇوته اڳتي هلي جاميٽريءَ کانسواءِ هو سمجُهو نه ليکيو ويندو. آمريڪي سماج ۾ ڇا ڪيو ويو؟ ٻين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ دنيا ۾ ڪيترن ماڻهن پنهنجو زندگيون تحقيق ۽ سکڻ لاءِ ارپي ڇڏيون. انهن 25 ورهيه اڳ پنهنجي رٿابندي ۾ طئي ڪيو هيو ته سندن 45 سيڪڙو آبادي سفيد پوش White Collar ۽ 55 سيڪڙو نيرو پوش Blue Collar تي ٻڌل هوندي. سفيد پوش بي اي BA ۽ بي ايس سيBSc پاس هوندا. انهن مان 15 سيڪڙو ايم اي MA ۽ ايم ايس سي MSc هوندا.انهن مان ست سيڪڙو پي ايڇ ڊي Ph.D بڻبا. اهي 7 سيڪڙو ملڪ جي لاءِ پنهنجي سڄي ڄمار تحقيق ۽ ترقيءَ لاءِ وقف ڪندا. پاڪستان ۾ ڇا ٿيندو آهي؟ ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ جيڪو به يونيورسٽين مان پڙهي نڪري ٿو اهو باقي ڄمار ڪتابن کي هٿ به نه ٿو لاهي. اهو ايئن ٿو سمجهي ته جيڪي به جديد تحقيقون ۽ نيون دريافتون ٿين ٿيون ان جي ڄڻ ته کيس اول ئي خبر آهي. مون ڇا ڪيو، ڪيئن ڪيو؟ مان پنهنجي گذرسفر لاءِ ٿورو ٿڪو باغباني تي ڪم ڪندو آهيان. اهو فارم 103 ايڪڙن جو باغ آهي. جتي مون گذريل 40 ورهين کان انب، لچي، لونگن، آڙو، صوف، سنگتڙا، انگور ۽ ڏاڙهون پوکيا ۽ تيار ڪيا آهن. مون 1965ع کان ان ڪم جي شروعات ڪئي، ان عرصي ۾ مونکي تجربو ٿيو ته جيستائين ڪمدار سخت نگراني ۾ ڪم نه ڪرائيندا تيستائين مزدور بهتر ڪم نه ٿو ڪري. پر ان ۾ به خرابي اها آهي ته اهي ڪمدار به انهن مزدورن مان اُسري مٿي اچن ٿا ۽ انهن جي هلت به لاپرواهي واري آهي. ان ڪري هو پنهنجي پوزيشن جو ناجائز فائدو وٺي اهڙي صورتحال پيدا ڪن ٿا جو مالڪ بيوس بڻجي پوي ٿو. اهو ان ڪري آهي ڇوته اهي ڪمدار جديد ٽيڪنالاجي کان اڻواقف آهن. جڏهن کين سيکارجي ٿو ته هو بانءِ ڪري بيهي رهن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته جيڪي ڪجهه هو پيا ڪن اهو ئي صحيح آهي. ان روئي جي ڪري منهنجا هزارين ٻوٽا ۽ وڻ ۽ نيون نيون جنسون ضايع ٿينديون رهيون آهن. منهنجو خيال آهي ته جيستائين نگراني ڪندڙ ان جديد ڪم کي بهتر ۽ درست سمجهندي ڪم نه ڪندو، تيستائين به صورتحال تبديل نه ٿيندي. مون ڪيتريون ئي نيون جنسون پوکڻ چاهيون، نوان فروٽ اپائڻ چاهيا پر ڪمدار نابري واري بيٺا، ڪم نه ڪيائون. جنهن ڪري جيڪا به جنس ۽ جيڪو به ٻوٽو پوکيو اهي مري ويا. 100 سيڪڙو تباهي سامهون هئي. نيٺ مون ٽنڊوڄام جا Msc پاس نوجوان هٿ ڪيا. جن کي نئين ڄاڻ ته ڪونه هئي پر انهن کي تيار ڪرڻ ۽ انهن کان ڪم وٺڻ سولو هيو. پر انهن اڳيان به ڪمدار اچي سامهون ٿيا. هڪڙي ڪمدار انهن کي چيو ته “جتي اوهان جي ڄاڻ پوري ٿئي ٿي اتان اسان جي ڄاڻ شروع ٿئي ٿي” نيٺ مون هڪ ڏينهن ڪمدارن مان جان ڇڏائي، کين نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو ۽ پڙهيلن تي آسرو رکيو. 1990ع کان اڄ تائين مون ڪيترا ڀيرا انٽرويو ڪري نوجوانن کي رکڻ چاهيو آهي. منهنجي خيال ۾ ته جي انهن جي ڄاڻ گهٽ آهي پر ڪم جو جذبو آهي ته سکي پوندا. گهڻن کي مزدورن کان ڪم وٺڻ تي اعتراض هيو، گهڻا ٽائيم جا پابند نه هيا، گهڻا ڪم ڪرڻ تي ئي راضي ڪونه هيا. مون وٽ نوڪرين لاءِ اهي ايندا هيا جن کي ڪجهه به نه اچڻ سبب پنج اٺ سال نوڪريون نه ملي سگهيون هيون ۽ مجبوري کين مون ڏانهن موڪليو هيو. تعليم جي تباهيءَ جا ڪارڻ: تعليم جي تباهي جو بنيادي سبب پرائمري تعليم کان وٺي غلط نصاب پڙهائڻ آهي. اسان کي پرائمري جي ٻئين درجي کان مئٽرڪ تائين ٽوٽل 11 سال سياسي ۽ ڪائناتي جاگرافي پڙهائي وئي. جنهن ۾ تعلقا، ضلعا، سنڌ، انڊيا، ايشيا ۽ دنيا جي جاگرافي ۽ شمسي نظام ۽ ڪهڪشائون شامل آهن. چوٿين درجي کان سنڌ جي تاريخ، انڊيا جي مختصر تاريخ پڙهائي وئي ۽ مٿين درجن ۾ وري انهن تاريخن کي تفصيل ۽ تجزين سان پڙهايو ويو. ان کانپوءِ چار ورهيه انگلستان جي تاريخ 1500ع کان انڊيا جي تاريخ سان گڏ پڙهائي وئي. پرائمري ۾ سڀ کان اهم سبجيڪٽ رياضي هيو، جيڪو تجزيو ڪرڻ ۾ اڻسڌي نموني مدد ڪري ٿو.مئٽرڪ جي امتحان ۾ فزڪس، ڪيمسٽري ۽ حسابن جا سبجيڪٽ هوندا هيا. انگريزن جي دور ۾ ٽائيپ ڪندڙن ۽ ڪلارڪن کي به اهي سبجيڪٽ پڙهڻا پوندا هيا ۽ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانسواءِ هُو ڪلارڪ نه ٿي سگهندا هيا. انهن سبجيڪٽن جي ڪري شاگردن کي پنهنجو پاڻ کي ۽ سڄي زماني ۽ ترقيءَ کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي هئي. اسان انگريزن کانپوءِ اهي سڀ ڪم ختم ڪري مئٽرڪ جا ٻه قسم تيار ڪري ورتا. جهڙوڪ: سائنس ۽ آرٽس. ان جي ڪري پرائمري ۾ پڙهائجندڙ رياضيءَ کي پهريون شڪار ٿيڻو پيو ۽ تعليم جي تباهي شروع ٿي ويئي. مان انجنيئرنگ ۽ باغباني تي جديد مواد حاصل ڪرڻ لاءِ اڪثر ڪري يونيورسٽين جي لائبريرين ۾ ويندو آهيان. ڪجهه استاد ۽ شاگرد لائبررين ۾ هوندا آهن. شاگرد ڪتابن بدران اخبارون پڙهندا آهن. لائبررينLibrarian پڙهيل ڳڙهيل هوندا آهن. پر انهن وٽ نوان ڪتاب خريدڻ لاءِ رقمون نه هونديون آهن. 1965ع کانپوءِ سنڌ جي مختلف ٽيڪنيڪل لائبررين لاءِ بنهه ٿورڙا ڪتاب ٻاهران گهرايا ويا آهن. مڪاني ۽ انڊين ڪتاب گهٽ معيار جا آهن. سنڌ ايگريڪلچر انسٽيٽيوٽ زرعي تحقيق جي رٿا نمبر 2 هيٺ رڳو انڊيا مان ڪتاب گهرايا پر اهي سڀ گهٽ معيار جي هيا. انهن ڪتابن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيو ويو. پر ان جي بدران اهي ئي رقمون دنيا جي بهترين ڪتابن گهرائڻ تي لڳي پئي سگهيون. اهي سڀ رقمون ٻاهريان ملڪ اسان کي قرض طور ڏين ٿا، جيڪي قرض وياج سميت اسان جي ايندڙ نسلن کي لاهڻا آهن. ڪاپيءِ لاءِ ننڍيون چوپڙيون ۽ ڪارتوس: 1966ع کانپوءِ، استادن ڇا ڪيو جو 400 يا 500 صفحن تي ٻڌل ڪتابن کي رڳو 50 صفحن جي اختصار سان پيش ڪيو. انگريزي ۾ پڙهائي اڳي ئي ختم هئي مٿان وري وڏن ڪتابن جي جاءِ تي ننڍا ننڍا نوٽس ٺاهي انهن تي پڙهائي شروع ڪئي وئي. شاگردن اصلوڪن ڪتابن کي پڙهي انهن جا حوالا ڏيڻ ۽ سمجهڻ مناسب نه سمجهيا. يونيورسٽي ۾ جيئن ته “اي” گريڊ ملڻ حق بڻيل هيو تنهن ڪري اهي نوٽس پڙهيل شاگرد گريجوئيشن کانپوءِ وري ساڳي يونيورسٽي ۾ استاد ڀرتي ٿيا ۽ ساڳين اختصار وارن نوٽس وسيلي پڙهائڻ شروع ڪيائون. 2005ع ۾ اهي ئي استاد 1966ع ۾ ٺهيل نوٽس وسيلي اسان جي شاگردن کي پڙهائي رهيا آهن. جنهن ڪري هڪ پاسي استاد انگريزي کان وانجهيل ته ٻئي پاسي جديد تحقيق ۽ واڌارن کان بيخبر ٿي پڙهائي رهيو آهي. اهي استاد پنهنجي “ڪارڪردگي” طاهر ڪرڻ لاءِ هر سيمسٽرجي پڇاڙي ۾ هڪ امڪاني سوالنامون Guess Paper ٺاهين ٿا. اهي ان “امڪاني” پيپر کي 100 سيڪڙو “يقيني” بڻائي پيپر ٺاهين ٿا. اهي پيپر به ساڳيا استاد چيڪ ڪن ٿا. شاگرد وڏيون مارڪون کڻي پاس ٿيندا رهن ٿا. پر جڏهن TOFEL يا ILETS جي امتحانن ۾ ويهن ٿا ته جڏي انگريزي سبب ناڪام ٿي دنيا کان پري رڳو سنڌ ۾ ئي سُسي ويهي رهن ٿا. پرڏيهه ۾ انهن کي جي موقعو ملي به وڃي ٿو ته اهو اوڀر يورپ، روسي، مصري، فلپيني ۽ ٿائيلينڊ جي يونيورسٽين ۾ ئي داخلا وٺي سگهن ٿا. انهن ملڪن ۾ پي ايڇ ڊي سولي ٿئي ٿي پر اها حاصل ڪرڻ کانپوءِ استاد گهٽ ۽ جديد ڄاڻ نه هجڻ ڪري تعليم جي معيار ۾ واڌارو ڪري نه ٿا سگهن. ان گهٽ ڄاڻ ۽ غيرتحقيقي ماحول جي ڪري سرڪار جڏهن فيصلو ڪيو ته ڪوبه اسسٽنٽ پروفيسر پي ايڇ ڊي جي ڊگري سان ئي اڳيان پروموشن حاصل ڪري سگهندو ته استادن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. سڀ پاڻ کي پي ايڇ ڊي ۾ رجسٽر ڪرائڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳا. اسان وٽ آمريڪي يا انگلينڊجو تعليمي سرشتو ناهي. هڪ تحقيقي ٿيسز لاءِ 40 کان مٿي سبجيڪٽس پڙهڻا پون ٿا. برطانيا ۾ ته پي ايڇ ڊ ڪندڙ کي سموريون سهولتون ڏئي انهن کان ڏينهن رات محنت ڪرائي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ سينئر تيچر پنهنجي جونيئر لاءِ 40 هزار رپين ۾ ٿيسز ٺاهي ڏين ٿا. هاڻي شايد اگهه ڪجهه مٿي هجي. جنهن ه استاد پي ايڇ ڊي ڪئي ته ان جي پگهار ۾ في مهينو پنج هزار واڌارو ٿئي ٿو. اهو ملهه پينشن تائين ڏهن لکن کان وڌي وڃي ٿو. 1960ع ۾ پنهنجا نوازي يا پسند ناپسند جي ڪري ڪنهن کي پي ايڇ ڊي حاصل ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي ، ڪنهن کي نه، واري روش جي ڪري ڪيترا ئي ذهين انسان رهجي ويا. پر هاڻي پي ايڇ ڊي مارڪيٽ جي هڪ وکر وانگر ٿي پئي آهي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگرد فرسٽ ڪلاس ڪيئن بڻجن ٿا ؟ ٿئي ڇا ٿو، جو، سياسي شاگرد تنظيمون داخلائن جي وقت تي پنهنجي پنهنجي تنظيم ۾ ميمبرشپ وڌائڻ لاءِ نوان شاگرد ڀرتي ڪن ٿيون. شاگرد تنظيمون مختلف معاملن تي مختلف رويا رکن ٿيون. استادن کي پنهنجا پروموشن ڪرائڻ لاءِ ۽ ٻيون سهولتون وٺڻ لاءِ انهن ئي شاگرد تنظيمن جي انهن نون شاگردن کي استعمال ڪرڻو پوي ٿو. جي وائيس چانسلر انڪار ڪري ٿو ته پوءِ شاگرد ڪلاسن بدران جلوسن ۾ وڃن ٿا. ان “سهڪار” جي ڪري استاد انهن نه پڙهندڙ شاگردن کي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪن ٿا. انهن ئي استادن جا مٽ مائٽ انهن ئي طريقن سان انهن ئي يونيورسٽين ۾ نوڪريون وٺندا رهن ٿا ۽ موٽ ۾ شاگرد فرسٽ ڪلاس ٿيندا رهن ٿا. انگريزن جي دور ۾ پڙهائڻ جو طريقو: سنڌ ۾ ترتيبوار تعليم کي پئي نقصان پهتا آهن. سنڌ ۾ انگريزن جي دور ۾ هڪ امتحان ورتو ويندو هيو. اٺ جماعتون پاس ڪرڻ کانپوءِ اٺ پيپر ورتا ويندا هئا. جنهن کي “ورنيڪيولر فائينل امتحان” Vernacular Final Examination چيو ويندو هيو. جيڪو اهو امتحان پاس ڪندو هيو ان کي پرائمري ٽيچر، تپيدار، آبدار ۽ ڪورٽ جي منشي طور ڀرتي ڪيو ويندو هيو. ان امتحان جي معيار جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته بمبئي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙن مان گهڻا شاگرد به اهو امتحان پاس ڪري نه سگهندا هيا. ان ۾ حساب، جاميٽري، هندستان جي تاريخ، دنيا جي جاگرافي، اڪائونٽس، جنرل سائنس، وڌيل سنڌي گرامر ۽ سنڌي ادب جا سبجيڪٽ شامل هوندا هيا. اهي استاد طور ڀرتي ڪيا ويندا هيا ۽ هڪ سال کانپوءِ سندن حاصل ڪيل تجربي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ کين “ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد” ۾ داخل ڪري ٻن سالن تائين پڙهايو ويندو هيو. انهن استادن جي معيار جو اندازو ان مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ يونيورسٽي جڏهن ماسٽرس جا ڪلاس سنڌي ۾ شروع ڪيا ته انهن ئي پرائمري استادن کي يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ لاءِ موڪليو ويو. ورهاڱي کانپوءِ، سرڪار تعليم جي سرشتي کي بدلايو ۽ اٺين جماعت پاس شاگرد کي استاد مقرر ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن سان بنا دير پرائمري تعليمي سرشتو تباهه ٿي ويو. استادن جي هاڻي جيڪا ڀرتي ٿئي ٿي ان لاءِ انٽر پاس شاگرد استاد ٿي سگهي ٿو پر اهي سائنس جا سبجيڪٽ پڙهيل نه هئڻ سبب ڪلاسن ۾ سائنس پڙهائي ئي نه ٿا سگهن. جنهن ڪري شاگرد حسابن ، رياضي، فزڪس ۽ ڪيمسٽري ۾ ڪمزور هجڻ سبب هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ به ڪمزور رهي ٿو. اها آس ئي رکي سگهجي ٿي ته ڪاش! سنڌ ۾ ورنيڪيولر فائينل امتحانن جو سرشتو ٻيهر چالو ٿي وڃي. اسان وري نئين سر شروعات ڪري سگهئون. پر هڪ سوال سامهون رهندو ته ڇا اسان امتحان ايمانداري سان وٺي سگهنداسين؟ اهو سوچي مان پاڻ کي بند گهٽيءَ ۾ محسوس ڪريان ٿو. پر مونکي انهن ايماندار ۽ ذهين ماڻهن تي ڀروسو آهي ته هڪ ڏينهن اهي سنڌ جي تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي زندگي ارپي ڇڏيندا. جيڪي اهي لاڀائتو ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي سلام ۽ شاباس هجي