ايڪيهين رمضان تي پاڪ فوج کي اسٽينڊ باءِ رکڻ ۽ موبائل سروس بند رکڻ جو فيصلو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ڪراچي (آن لائن) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ يوم علي جي موقعي تي فوج کي اسٽينڊ باءِ رکڻ ۽ موبائل فونسروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر موٽر سائيڪل جي ٻيل سواري تي پابندي لڳائي وئي، ٻيل سواري تي پابندي يوم علي جي حوالي سان لڳائي وئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير کي اماڻيل سمري ۾ گهرو کاتي يوم حضرت علي تي دهشتگردي جو خدشو ظاهر ڪيو هيو، سنڌ جي وڏي وزير کي تجويز پيش ڪئي وئي آهي ته 19، 20، 21، رمضان المبارڪ تي يوم علي تي سنڌ جي 5 وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ۽ خيرپور ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيل سواري تي پابندي لڳائي وڃي، سنڌ جي وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ ڪراچي ۽ سکر ڊويزن ۾ ٻيل سواري تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، يوم علي جي موقعي تي ڪراچي ۾ فوج کي اسٽينڊ باءِ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير گهرو سيڪريٽري کي ان حوالي سان هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، سنڌ گهرو کاتو فوج جي مدد لاءِ اڄ باضابطه طور تي درخواست ڏيندو، يوم علي تي ڪراچي سميت سنڌ جي 7 شهرن ۾ موبائل فون سروس بند رکڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي.هوڏانهن قائم مقام آئي جي سنڌ غلام حيدر جمالي گذريل ڏينهن شهر جي مختلف ٿاڻن جو اوچتو دورو ڪيو. زونل ڊي آئي جيز ۽ ضلعي ايس ايس پيزس ڪراچي به ساڻس گڏ هئا. هن کارا در ۽ ميٺا در ٿاڻن جي انتظامي معاملن جو جائزو ورتو ۽ لاڪ اپ ۾ قيد جوابدارن سان ڳالهه ٻولهه کان علاوه ايس پي سٽي کان سيڪيورٽي اپائن جا تفصيل معلوم ڪيا. هن ڊي ايس پي کارا در سميت ميٺا در ۽ کارادر جي ايس ايڇ اوز کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪرڻ جا حڪم ڏيندي چيو ته ته ٿاڻن جي انتظامي معاملا فوري طور تي درست ڪيا وڃن. قائم مقام آئي جي سنڌ کي ٿاڻي پير آباد جي دوري جي موقعي تي ايس ايس پي ويسٽ پوليس ڪارڪردگي ۽ سڪيورٽي اپائن جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پوليس جي نئين حڪمت عملي ۽ لائحه عمل جي ڪري نه صرف ٽارگيٽ ڪلنگز بلڪ اسٽريٽ ڪرائمز جي واقعن ۾ به گهٽتائي آئي آهي. قائم مقام آئي جي سنڌ چيو ته پوليس کي اضافي وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ اضافي نفري، پوليس موبائيلون ۽ موٽرسائيڪلن جي فراهمي سرفهرست آهي. هن هدايتون ڪيون ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ خاص ڪري ڏوهن کان متاثر علائقن ۾ فرضن تي مامور اهلڪارن کي بلٽ پروف جيڪٽس ۽ هيلمٽس لازمي ڏنا وڃن. ان کان علاوه مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ باقاعده نشاندهي ڪندي نئين پوليس پوسٽس جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. هوڏانهن ): سنڌ جي چيف سيڪريٽري سجاد سليم هوتيانه سيڪريٽري بلديات ۽ سمورن ڊويزنل ڪمشنرز ۽ بلدياتي ايڊمنسٽريٽرز کي هدايت ڪئي آهي ته جمعته الوداع کان پهريان پوري صوبي ۾ سمورن مسجدن ۽ عيدگاهن جي صفائي، سيوريج نظام جي بهتري ۽ ٻين شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي ته جيئن آلودگي کان پاڪ صحتمند ماحول ۾ مسلمان ڀائر عيد جي نماز ادا ڪري سگهن. چيف سيڪريٽري جامع مسجد سمن آباد ٽرسٽ بلاڪ 18 فيڊرل بي ايريا ڪراچي جي سيوريج نظام جي نقص سبب خراب صورتحال جو سختي سان نوٽِس ورتو آهي ۽ ڪمشنر ڪراچي، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته مسجد جي صفائي جي سلسلي ۾ فوري اپاءُ عمل ۾ آندا وڃن ۽ ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن واضح ڪيو ته مذهبي جاين، عبادتگاهن، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن سميت سمورن اهم عمارتن ۽ جاين متعلق سيوريج جي شڪايتون فوري طور تي ختم ڪيو وڃن. ٻي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
    [​IMG]
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڀلي مابائل فونز بند هجن ، جيڪي ڏوهاري آهن ، انهن وٽ ڪيئي طريقا هوندا آهن ! نيڪ ورڪ بند ڪرڻ سان ڏوھ بند ٿي ويندا؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو