ڪڪر ڪڻ ڪڻ ڪري، ياد مون کي ڪجان استاد وحيد علي خان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪَڪَر ڪَڻ ڪَڻ ڪري، ياد مون کي ڪجان…

    ناصر قاضي

    هڪ ڏاهو ڏات ڌڻي، پنهنجي ڏات توڙي ڏانءَ کي ڪتب آڻيندي، پنهنجي پوري ڄمار ۾ ڪوڙين شاهڪار سرجيندو رهي ٿو، جنهن کي ’تخليق‘ چئبو آهي. ڪڏهن برش مان ڦٽندڙ رنگن رستي ته ڪڏهن قلم مان سرجندڙ سٽن ذريعي، ڪڏهن ساز مان نڪرندڙ سرن وسيلي ته ڪڏهن وري نڙيءَ مان نڪرندڙ سريلي آلاپ توڙي آواز ذريعي ان ڏاهي ڏاتيار جي ڏات يقيناً عوام جي دلين ۽ روحن ۾ جوڳي جاءِ جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيندي آهي. اسان سنڌ واسين جي اها هڪ خوشنصيبي آهي، جو هن ڀونءِ تي اهڙن انسانن سان گڏوگڏ اهڙا مڪمل گھراڻا پڻ آباد آهن، جن گھراڻن جي فردن کي ڄائي ڄم کان وٺي، ڏات جهڙي ديوي، ستيءَ وانگر سوغات بڻجي، ميراث ۾ ملندي رهي آهي.

    اهڙن گھراڻن مان ننڍي کنڊ جو ’گواليار گھراڻو‘ به هڪ آهي، جيڪو گھراڻو موسيقيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي علم ۽ مهارت جي آڌار تي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، هن گھراڻي سان وابسته ڏات ڌڻين جي ڪلا جي ڪهاڻيءَ جي قدامت سالن نه بلڪه صدين تي محيط آهي. سنڌ ۾ ٽالپرن واري حڪومت ويل مير مراد علي خان ٽالپر جي دعوت تي، گواليار گھراڻي جو قربن ڀريو هڪ قافلو هندستان جي پنجاب پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ’فتح ڳڙهه چوڙيا‘ مان پاڻ سان گڏ سرن جي سرهاڻ ساڻ ڪري سنڌ ۾ آيو، اهڙيءَ طرح هن قافلي ۾ ساڳئي گھراڻي جا املهه ڏاتيار خانصاحب استاد شادي خان ۽ سندس ٽي فرزند خانصاحب استاد احمد خان، خانصاحب استاد ڪريم بخش خان ۽ خانصاحب استاد گامڻ خان سنڌ ۾ آيا ۽ اسان سنڌين جي اها خوشبختي چئبي جو اهي هميشه لاءِ سنڌ جا ئي ٿي ويا. اڳتي هلي سندن ٻاريل شمع کي رهندي دنيا تائين روشن ڪندڙ خانصاحب استاد مراد علي خان، خانصاحب استاد بيببو خان، خانصاحب استاد منظور علي خان ۽ خانصاحب استاد اميد علي خان سنڌ ڌرتيءَ سان سلهاڙيل رهيا. سنڌ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ ۽ سرهاڻ ويتر هن گھراڻي جي ڏات ڌڻين کي اهڙي روشني ۽ مڻيا عطا ڪئي، جو سندن سڳنڌ پوري عالم ۾ هنڌين ماڳين پکڙجي وئي.

    ساڳئي گھراڻي سان واسطو رکندڙ خانصاحب استاد پياري خان جو پيارو پوٽو، خانصاحب استاد منظور علي خان جو منظورِ نظر سندس ڀاڻيجو ۽ خانصاحب استاد اميد علي خان جي اميدن جو ڀرجھلو، سندس ڀائيٽيو، خانصاحب استاد وحيد علي خان به پوري سنڌ ڌرتيءَ لاءِ قابلِ فخر هو، جنهن سرن ۾ اهڙي ته نغمگي ڀري، جو سنڌي موسيقي ۽ راڳ کي هڪڙو نئون ۽ انوکو رنگ مليو. شاهه لطيف جي ڪلام ۽ سچل سرمست جي ڪافين کان وٺي جديد شاعريءَ جي چونڊ ۽ ادائيگيءَ ۾ هن اهڙا ته لطيف ۽ نفيس آلاپ سمايا جو دنيا دنگ رهجي وئي ۽ هر پاسي کان رڳو واهه واهه جا داد ۽ آواز اچڻ لڳا.

    استاد وحيد علي خان 1950ع ڌاري پنهنجي وقت جي تمام سريلي استاد ڪلاڪار استاد غلام الرسول خان جي گھر حيدرآباد ۾ اکيون کوليون، سندس ڀائر خانصاحب استاد حميد علي خان، خانصاحب استاد فتح علي خان ماضي کان وٺي دورِ حاضر تائين پِوري دنيا جي ڪلاسيڪل ڪلاڪارن جي صف ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. جيئن ته مٿي ڄاڻايل آهي ته استاد وحيد علي خان برِصغير جي مهان موسيقار گھراڻي ’گواليار‘ ۾ جنم ورتو، جنهن ڪري سُر سندس ميراث بڻيا، پر عملي طور تي هن فن جي بنيادي تعليم ستن سالن جي ننڍي عمر ۾ پنهنجي والد استاد خانصاحب غلام الرسول خان ۽ پنهنجي چاچي استاد اميد علي خان کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ پاڻ پريت جو پنڌ ڪندي، حيدرآباد کان ٽنڊي آدم وڃي، پنهنجي مامي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي مهان گلوڪار استاد منظور علي خان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جتي موسيقيءَ جي مالا جپيندي، راڳ سان روشناس ٿيندو رهيو. پاڻ پنهنجي استاد منظور علي خان جي سرپرستيءَ ۾ ايتري ته محنت ۽ رياضت ڪيائين، جو سندس ڳائڻ جي انداز ۽ سندس راڳ ۾ پختگي ايندي وئي ۽ پنهنجي استاد سان گڏ محفلن ۾ به ڳائيندو هو.

    استاد وحيد علي خان ريڊيو جي دنيا ۾ 1960ع ڌاري پنهنجي ٻالڪپڻ وارن ڏينهن ۾ تڏهن متعارف ٿيو، جڏهن سندس عمر صرف ڏهه سال هئي، ان وقت هن ريڊيو حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ ٻارڙن جي پروگرام ’ٻارڙن جي ٻاري‘۾ شرڪت ڪري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جنهن کانپوءِ ريڊيو ۽ ٽي. وي جي لاتعداد پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. استاد وحيد علي خان سنڌي فلمن ’دريا خان‘ ۽ ’جانيئڙا‘ لاءِ به ڳايو، هن پاڪستان کانسواءِ دبئي، شارجه، هندوستان ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃي فن جو مظاهرو ڪري سنڌ ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪيو.

    استاد وحيد علي خان جي محنت، فن سان لڳاءَ ۽ سچائيءَ جو اهو نتيجو نڪتو، جو هن پنهنجو هڪ الڳ مقام جوڙي ورتو ۽ ريڊيو، ٽي.وي، اسٽيج ۽ سنڌي فلم جي ميدانن ۾ ڪاميابي ماڻي پوري دنيا ۾ ڇانئجي ويو. ايتريقدر جو 80ع واري ڏهاڪي دؤران، سنڌ ۾ جڏهن ڪيسٽ ڪلچر عام ٿيڻ لڳو ۽ اصلوڪي سنڌي توڙي ڪلاسيڪل موسيقيءَ تي ڌيان وڌڻ بجاءِ ڌيان گھٽجڻ لڳو ۽ سنڌ ۾ پاڙيسري ملڪن جي سرجيل ڌنن تي سنڌي شاعري ڳائي سستي شهرت حاصل ڪرڻ جو رجحان وڌڻ لڳو ته اهڙي صورتحال ۾ استاد وحيد علي خان سنڌي موسيقيءَ جي اصلوڪن اصولن جو دفاع ڪندي، ڪلاسيڪل انگ توڙي رنگ سان ڪئسٽ جي دنيا ۾ به انقلاب آندو ۽ ڪلاسيڪي قدرن کي نئين دؤر جي گھرجن سان هم آهنگ ڪري، ڀٽائي سرڪار، سچل سرمست سميت ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ کي اهڙيءَ طرح نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ڳايو، جو موسيقيءَ جي انهن اسمن ۾ جدت سان گڏ اصلوڪو رنگ به برقرار رهيو. هن پنهنجي محنت ۽ علم جي آڌار تي سنڌي موسيقيءَ جي اسمن تي نيون ڌنون سرجي، نواڻ آڻڻ جا ڪامياب تجربا ڪيا، خاص طور تي لطيف سرڪار جي وائيءَ کي نئين رنگ ۾ پيش ڪيائين، لطيف سرڪار جي واين مان استاد وحيد علي خان جي مٺڙي آواز ۾ ڳايل: ’منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن ۾ آءُ ڪيئن گذاريان‘ هڪ سهڻو مثال آهي. استاد وحيد علي خان جتي لطيف سرڪار، سچل سائين، بابا بلهي شاهه ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري ڳائي، اتي ڪيترن ئي جديد شاعرن جي شاعري پڻ ڳايائين، جن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، سيد مرتضى شاهه ڏاڏاهي، عبدالحڪيم ارشد، نياز محمد پتافي، عادل سخيراڻي، عبدالغفار تبسم، بخشڻ مهراڻوي، سائينداد ساند، اياز گل ۽ ٻين جا نالا قابلِ ذڪر آهن. سندس شاعريءَ جي چونڊ سدائين سهڻي ۽ لاجواب رهي، سندس آواز تمام مٺڙو هوندو هو، وٽس ڏات به هئي ته ڏانءُ به هو، اهو ئي سبب آهي جو استاد وحيد علي خان خوبصورت شاعري، سنگيت جي سهڻي سٽاءَ ۽ پنهنجي مٺڙي آواز سان انتهائي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪندو هو.

    استاد وحيد علي خان کي سندس فن جي اعتراف ۾ ٽي ڀيرا لطيف ايوارڊ، چار ڀيرا لال شهباز قلندر ايوارڊ، بيدل ايوارڊ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) پاران ايوارڊ ۽ ٻيا کوڙ سارا ايوارڊ ۽ اعزاز پڻ مليا. سندس مٺڙي آواز ۾ ڳايل سدا بهار ڪلامن ۾ ’اسان راز دل جو اوهان سان پچاريو‘، ’جيئي لطيف منهنجو سهڻو لطيف‘، ’آءُ ته گڏجي گذاريون، ڏکيا سکيا ڏينهن‘، ’جي روز رسندين ته مهڻا ملندا‘، ’هن دل جون ڇا ٻڌايان، کولي مان يار ڳالهيون‘ ۽ ٻيا قابلِ ذڪر آهن.

    سنڌ ڌرتيءَ جو هي ناميارو ڪلاڪار ۽ ڏات ڌڻي استاد وحيد علي خان، گڙدن جي تڪليف سان جنگ جوٽيندي، 22 مارچ 1999ع تي سنڌ ڌرتيءَ کان سدائين لاءِ موڪلائي ڏورانهين ڏيهه هليو ويو. سندس فني ورثي جو وارث سندس فرزند اقرار وحيد علي پڻ پنهنجي والدِ محترم جي نقشِ قدم تي هلندي سنڌي موسيقيءَ جي خدمت ڪري رهيو آهي.

    مولا علي عليه السلام جو فرمانِ آهي ته: ”هڪ عالم جو موت، پوري عالَم جو موت آهي“ ڇاڪاڻ ته هڪ علم وارو انسان يا ڪو ڏاهو ڏات ڌڻي جڏهن هي جهان ڇڏي پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي ملندو آهي ته پنهنجي پٺيان پوري دنيا کي سوڳوار ۽ روئڻهارڪو ڇڏي ويندو آهي. مولا علي عليه السلام جي ان قول مان پروڙ پوي ٿي ته ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ هوندو آهي، هڪ عالم جو موت! جنهن سان علم جا روشن بابت هميشه لاءِ بند ٿي ويندا آهن، برش بيوس بڻجي ويندا آهن، رنگ روئڻهارڪا ٿي ويندا آهن، سٽون سوڳوار بڻجي وينديون آهن، گيت گھايل بڻجي ويندا آهن، پر ڏات ڌڻي پنهنجي ڏات سان گڏ ابدي جيئدان ماڻي هميشه لاءِ اسان سان گڏ هوندو آهي! استاد وحيد علي خان پنهنجي آواز ۽ آلاپ ذريعي اڄ به اسان سان گڏ آهي، هو اسان کي اڄ به ياد آهي، اسان کان وسريو مور ناهي! ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي پارت عادل سخيراڻيءَ جي هنن سٽن ۾ پاڻ ئي ڪري ويو آهي ته:

    ڪڪر ڪڻ ڪڻ ڪري، ياد مون کي ڪجان

    رات جڏهن ٺري ياد مون کي ڪجان.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 جولائي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين عبدالرحيم سلام

    اوهان جي سهيڙ سهڻي ۽ دل کي وڻندڙ هوندي آهي. هڪ عرض آهي ته هميشه ليکڪ جو نالو ضرور ڏيندا ڪريو. اسان کي عوامي آواز پاران شڪايت موصول ٿي آهي ته اسان وٽ پيش ڪيل مواد بغير اسان جي رفرنس ڏيڻ ۽ ليکڪ جي نالي جي اوهان جي فورم تي شيئر پيو ٿئي.

    اميد ته اڳتي ليکڪ جو نالو ۽ ريفرنس ضرور ڏيندا.

    سدا خوش هجو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو