جـيـوڻي ٻائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ورسيءَ جي مناسبت سان سرن سان جيءُ جياريندڙ جيوڻي ٻائي

    ناصر قاضي

    گرگلا قوم هندستان جي هڪ قديم قوم آهي، جيڪي هڪڙي خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندا هئا، جن جپسي پڻ سڏيو وڃي ٿو. انهن خانه بدوشن ۾ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ نينگري اهڙي به ڄائي، جنهن ڄمڻ سان فقيرن جي گودڙين ۾ ساهه ٻوساٽيل وجود سان پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو، جنهن ڄمڻ سان ئي در در تي صدائن جا پڙلاءَ پنهنجي ڪنن ۾ ٻُرندي محسوس ڪيا ۽ اڳتي هلي سندس ٻالڪپڻ ڳائيندي، لوٽو کڙڪائيندي، در در صدائون هڻندي، رولاڪيون ڪندي، پنهنجي جيڏين ۽ سرتين سان گداگري ڪندي گذريو، پر شايد سندس صدائون عرش تي اهڙيون اگھاميون، جو اڳتي هلي هيءَ ننڍڙي پينانگ فقيرياڻي پوري برصغير ۾ سرن جي دنيا تي راڄ ڪندي نظر آئي، سندس آلاپيل سر هند کان سنڌ تائين هنڌين ماڳهين اهڙا ته گونجڻ لڳا، جو اهي جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان هميشه لاءِ سندس سڃاڻپ بڻجي ويا.


    جـيـوڻي ٻائيءَ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ’گرگلا‘ قوم ۾ جنم ورتو، ڪن لکتن موجب سندس ڄم جي تاريخ 22 جنوري 1901ع ڄاڻايل آهي. جيوڻيءَ جي پتا جو نالو ڦڪـو گـرگلـو، جڏهن ته سندس ماتا جو نالو ’ماڻڪي‘ هو، جيوڻيءَ جو اصل نالو ته ’جيدي‘ هو. جيئن ته مٿي بيان ڪيل آهي ته جيـوڻيءَ جا والدين غربت سبب گداگريءَ تي گذران ڪندا هئا ۽ کيس به ان جي تربيت ڏني وئي. هوءَ جڏهن ستن اٺن سالن جي ٿي ته پاڻ پنهنجي چئن، پنجن ساهيڙين سان گڏجي در در تي صدا به هڻندي هئي ۽ ڳيچ به ڳائيندي هئي، ان وقت ئي جيوڻيءَ جو آواز پيارو ۽ من موهيندڙ هوندو هو ۽ پنهنجي مڙني هم پيشه ساهيڙين مان سندس ئي آواز نمايان هوندو هو.

    پر اڳتي هلي 1918ع ڌاري جيوڻيءَ جي پتا ڦڪوءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ هاڪارو انقلاب آيو، جو هو پنهنجو وطن ڇڏي ملتان اچي پنهنجي پوري ڪٽنب سميت حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي اسلام قبوليو. ان بعد ڦڪو ’فتح محمد‘ ٿي ويو ۽ گداگريءَ واري ڪرت هميشه لاءِ ڇڏي ڏنائين، جنهن کانپوءِ 1928ع ڌاري جيوڻي ٻائي سنڌ ۾راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس مريدياڻي ٿي، جنهن بزرگ سندس نالو ’جيدي‘ مان بدلائيندي، سندس دعائيه نالو ’جيئڻي ٻائي‘ (سدائين جيئڻ واري) رکيو هو، جيڪو ’جيئڻي‘ مان ڦري ’جيوڻي‘ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ توڙي هند ۾ مشهور ٿي ۽ هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون.

    ملتان ۾ رهڻ دؤران جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بڻائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ۽ موٽ ۾ جيوڻيءَ به ڌيءُ جي رشتي وارو ڀرم اهڙو پاڙيو جو جڏهن سندس استاد امير علي خان پنهنجي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ علالت جي حالت ۾ گذارڻ لڳو ۽ انهن ڏينهن ۾ جيوڻي مستقل طور تي حيدرآباد رهندي هئي ته جيوڻيءَ کيس ملتان مان حيدرآباد گھرائي سندس علاج ڪرائڻ سان گڏوگڏ هڪ ڌيءَ هجڻ جي ناتي سندس خدمت ڪرڻ مان به ڪين گھٽايو.

    استاد امير خان جي سرپرستيءَ ۾هوءَ ميلن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، فني منزلون طئي ڪندي رهي. سندس ڏيهان ڏيهه شهرت وڌڻ لڳي ۽ ملتان کان ڪراچيءَ تائين کيس راڳ جي محفلن ۾ دعوتون ڏئي گھرايو ويندو هو. سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي ٻائي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي خانصاحب استاد خير محمد خان سان ٿي، جيوڻي استاد جي فن، شخصيت کان بيحد متاثر ٿي ۽ استاد خير محمد خان کي استاديءَ لاءِ عرض ڪيائين، جنهنڪري جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد خان کان راڳ جا سبق سکيائين. خاص ڪري سنڌي ڪافي ڳائڻ جي سکيا ورتائين ۽ پوءِ ته سڄيءَ سنڌ توڙي هند ۾سندس آواز گونجڻ لڳو،

    انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ ۾ ميڊيا جي حوالي سان گرامون فون ريڪارڊنگ ڪمپنين جو عروج هوندو هو ۽ اهڙيءَ طرح جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ننڍي کنڊ جي هڪ ٻئي عوامي ڪلاڪار ماسٽر چندر کي گهڻو متاثر ڪيو، جنهن مهاراج ترسي داس جي معرفت سان جيوڻي ٻائي جو آواز رڪارڊ ڪرايو، جيوڻي ٻائيءَ جي ريڪارڊ ٿيل سڀ کان پهرين ڪلام جي موسيقي ڪمار خان ترتيب ڏني، جڏهن ته ان ڪلام جو رڪارڊنگ انجنيئر لال چند هو. اهڙيءَ طرح سندس آواز ۾ ريڪارڊ ٿيل ڪلامن سبب سنڌ سميت سموري ننڍي کنڊ ۾ هر طرف کان جيوڻيءَ کي داد جا درياءَ پلئه پيا. جيوڻي پاڻ به شاعره هئي، تنهنڪري ٻه ٽي رڪارڊ پنهنجي آواز ۾ پنهنجي شاعريءَ جا به رڪارڊ ڪرايائين. ان کان سواءِ هوءَ عبدالڪريم گدائي، حاجي شاهه، پرسرام ضياءَ توڙي ٻين شاعرن جا ڪلام پڻ ڳائيندي هئي.

    جيوڻي اسلام قبول ڪرڻ بعد حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي، پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجتن پاڪ سان وڏي عقيدت هئي. 1932ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ لڳاتار تيرهن سالن تائين شرڪت ڪري سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ۾ هز ماسٽرز وائس گراموفون رڪارڊنگ ڪمپنيءَ پاران سؤ کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ جاري ٿيا، جيڪي سڀ جا سڀ مقبول ٿيا. اهو ئي سبب هو، جو ڄاڻايل ڪمپنيءَ پاران جيوڻيءَ جي آجيان ۾ هڪ شاندار جشن ملهايو ويو، جنهن ۾ ساڍا ڏهه تولا سون جو ٺهيل ڪمپنيءَ جو مونوگرام کيس ايوارڊ طور ڏنو ويو. سندس آواز ۾ ريڊيي پاڪستان تان رڪارڊ اڄ تائين نشر ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ ’قابو ڪوٽن ۾‘ ۽ ’بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ‘ جهڙا ڪلام ٻڌي، جيوڻيءَ جي ياد تازي ٿيو وڃي.

    جيوڻي ٻائيءَ جي وفات بابت ٻه واقعا مشهور آهن، جن مان هڪ واقعو هن ريت آهي ته روهڙيءَ ۾ سندس هڪ سڪ جي سڏيل ڀاءُ کيس پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت جو نياپو موڪليو ته ”مُهنجي پٽ جي شادي آهي ۽ ان ۾ پڦيءَ جي حيثيت سان توهان جي شرڪت ضروري آهي ۽ اسان جو عرض آهي ته اتي توهان کي عزيزن اڳيان ڳائڻو به پوندو“. جيوڻيءَ جي ان وقت طبيعت تمام گھڻي خراب هئي، پر ان باوجود هن پنهنجي سڪ جي سڏيل ڀاءُ جي خواهش جو احترام ڪندي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لازمي سمجھيو. جيوڻيءَ شاديءَ ۾ نه صرف شرڪت ڪئي، پر هن ڀرپور نموني سان ڳايو، تقريب ختم ڪرڻ کان پوءِ رات جو دير سان پنهنجي طبيعت ويتر خراب ٿيندي محسوس ڪيائين ۽ ان وقت ئي روهڙيءَ مان حيدرآباد وڃڻ جي تياري ڪيائين. ان زماني ۾ لاهور کان ڪراچي صرف هڪ ريل گاڏي هلندي هئي جنهن کي لاهور ميل چوندا هُئا، جيوڻي ان ريل گاڏيءِ ۾ چڙهي حيدآباد لاءِ رواني ٿي وئي. پر جيوڻي جڏهن حيدرآباد اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پهتي ته سندس روهڙيءَ کان حيدرآباد واري سفر سان گڏ سندس زندگيءَ جو سفر پڻ پورو ٿيو ۽ اسٽيشن تي ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.

    جڏهن ته سندس وفات لاءِ ٻيو واقعو هن ريت آهي ته هڪ ڀيري جيوڻي ٻائي ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪري رهي هئي ته ساڻس سفر ڪندڙ ڪي همسفر پنهنجي هڪ صندوق جي امانت کيس سونپي، عارضي عذر ڄاڻائي ڪيڏانهن هليا ويا، ٻئي طرف کان پوليس کي اطلاع مليو ته ساڳئي ريل ۾ هڪ قتل ٿيل لاش صندوق ۾ بند پيو آهي. انڪوائريءَ دؤران پوليس جڏهن ڄاڻايل ريل گاڏيءَ جي تلاشي ورتي ته اتفاق سان جيوڻي ٻائيءَ وٽان ساڳئي صندوق مان لاش برآمد ٿيو، جنهن صندوق جي جيوڻي امانت دار طور حفاظت ڪري رهي هئي، پر کيس به معلوم نه هو ته ان صندوق ۾ ڇا بند ٿيل آهي..!! تلاشيءَ بعد جڏهن ساڳئي صندوق مان هڪ لاش برآمد ٿيو ته سڌو سنئون الزام جيوڻيءَ تي آيو، ڪيس هلڻ دؤران جيوڻي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ بابت ڪوبه دليل پيش نه ڪري سگھي، نتيجي ۾ جيوڻي ٻائيءَ کي بيگناهه سزاءِ موت جو فيصلو ٻڌايو ويو.

    ڪيترن ئي لکتن ۾ سندس وفات جي تاريخ 05 جون 1942ع ٻڌائي وڃي ٿي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو