عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
اهي ئي روزا اهي ئي عيدون يزيدي غربت اُتي ئي بيٺل
حيات هوندي مري ويا جي تنين جي تربت اُتي ئي بيٺل
وڳو پراڻو جتي پراڻي نئين انهن عيد نه ملهائي
ننگي اڃا مفلسي نچي ٿي،بکن جا پربت اُتي ئي بيٺل
گهڙيو پراڻا فسانا ساڳي پرين اوهانجا بهانا ساڳي،
ڏسڻ پري کان ملڻ پري کان اوهان جي فرصت اُتي ئي بيٺل
نه ڪا نئين آ اڏار تو ۾ نه ئي نئون ڪو نياپو تنهنجو
سڄڻ اوهان ڀي اهي ئي ساڳيا اوهان جي قربت اُتي ئي بيٺل
اسان جو جيون اُتي ئي بيٺل جتي پرين تون بِهاري هليو وين
جتي پيارا ٻڌڻ ڇڏي وين ،چپن جي حرڪت اُتي ئي بيٺل