• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امرجليل

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
امرجليل: سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، نثر نويس، ڪالم نگار ۽ ٽي ويءَ جو ڊرامانگار، امرجليل 8 نومبر 1936ع تي سنڌ جي مشهور شهر روهڙيءَ ۾ ڄائو. سندس اصل نالو عبدالجليل ولد عبدالغني قاضي آهي. سندس ڪهاڻين جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ )1( ”دل جي دنيا“, )2( ”-تاريخ جو ڪفن-“, )3( ”جڏهن مان نه هوندس“, )4( ”ٽيون وجود“, )5( ”منهنجو ڏس -آسمان- کان پڇو“, )6( ”رني ڪوٽ جو خزانو“, )7( ”جيجل منهنجي ماءُ“, )8( ”-امر جليل- جون اوائلي ڪهاڻيون“ )9( ”چنڊ وسامي ويو“ وغيره ذڪر لائق آهن. هن جي ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ -اشاعت- ۽ وڪري جا رڪارڊ -ٽوڙي- ڇڏيا، جنهن جون 10 هزار کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون. مشهور ’سهڻي‘ رسالو سندس ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ ڇپجڻ سبب، پابنديءَ هيٺ رهيو. سختين هوندي به امر لکڻ نه ڇڏيو. هو اڄ به لکندو رهي ٿو.‎ ‎
10341766_838257329536778_416528569502564037_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top