يقينن ٻاهر مُلڪ ۾ وڃي رهڻ لاءِ پنهنجي عزت ڪرائڻ ۽ دِل ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ سُٺي ساک ٺاهڻ ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي. خاص ڪري تڏهن جڏهن کُلئي باغ ۾ سڀ ميووا پچيل هُجن ۽ انهن کي پٿر هڻڻ کان باز رهي انهن جي قدر ڪجي. مطلب ته عزت و احترام جا رشتا قائم ڪجن. ڇو ته جڏهن اسان ڪنهن ٻي مُلڪ ۾ آهيون ته اسان پنهنجي مُلڪ جا نمائندا آهيون. تُرڪي ان معاملي ۾ هڪ لحاظ کان سؤلو آهي جو هن مُلڪ جا ماڻهو سڄي دُنيا جي ڀيٽ ۾ اسان جي وڌيڪ عزت ڪن ۽ ٻي طرح سان ڏُکيو پڻ جو ظاهري ڏيک ويک يورپي هُجڻ ڪري ماڻهو کرڻ جي مُند هتي ايندي دير ناهي ڪندي.ها پر جيڪڏهن پاڻ سنڀالجي ته يقينن دلين ۾ جاءِ ته ڇا محل اڏجي سگهجن ٿا. گورڌن ولاسائي پاڻ وڻائڻ به ڄاڻي ته وٽس اهڙا گُر آهن جو ماڻهو کي پنهنجو ڪندي دير ناهي ڪندو. هي چٺي اُن جو مثال آهي. هي جواڻ جماڻ ڇوڪري جنهن پنهنجي لڳ ڀڳ اڌ طبعي حياتي جن مائٽن سان گُذاري آهي تِن ڏانهن ويندي به اسان جي دوست سان گُذريل چند ڏينهن جو ايترو اثر ٿي پيو آهي جو مائٽن ڏي ويندي مزو نه پيو اچيس. ان کي چئبو آهي دِل ۾ جايون ٺاهڻ. عيد تي ڏاکڻي تُرڪي جو سير ۽ واپسي تي ڪونيا توڙي ڪائيسيري ڏسڻا آهن. ڪائيسيري سان گڏ هڪ ٻيو زيرِ زمين شهر جو عجوبو به ڏسڻ جو ارادو آهي. جنهن لاءِ دوستن اڳ ئي هڪ ليک ۾ ياد ڏياريو هو. تنهنڪري بُشرى لاءِ اسان جي رهائش جو ٺڪاڻو ڳولڻ لازمي ٿي پيو آهي
سائين گورڌن، هڪ ڏينهن آئون ۽ سائين سليمان اوچتو توهان وٽ اچي وينداسين... پوءِ ڏسجو مزا، مهمان هونداسين اسين، خدمتون به اسانجون ٿينديون... بنا ٻڌائڻ جي اينداسين ته توهان جي حصي پتي وارو کاڌو به اسانجي نصيب ۾... هاهاهاها... اها ڪوڙي صلاح توهان کي مهانگي پئجي ويندي هاڻي.. سائين ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري جي ڳالھ دل تي چٽجي وئي آهي. واقعي سائين گورڌن وٽ اهڙا گُر آهن جو ماڻهو کي پنهنجو ڪندي دير ناهي ڪندو.
ڀاڙو پنهنجو ڪندا ته پوءِ ڀلي اچو.... باقي جتي اسين مهمان هونداسين اُتي جي گارنٽي ناهي. هرڪو پنهنجي کڏ پاڻ کوٽي.....
اهي ماڻهو خوش نصيب آهن جن کي دلي دوست ۽ محبت ڪندڙ ملن ٿا. رشتو صرف رت جو ناهي هوندو، ، رشتو ته جذبن ۽ احساسن جو نالو آهي. تنهنڪري اهڙي احساس ۽ پنهنجائپ ان چٺيءَ مان صاف نظر ٿي اچي .... ڪجهه دوست خاص ڪري آفيس وارا مون مان گهڻو تنگ هوندا آهن جو اجايو پيو ٽوڪيندو آهيان، وچ هڻندو آهيان، چرچا ڪندو رهندو آهيان ۽ ماٺ ناهيان رهندو ...... پر جڏهن هڪ مهيني جي موڪل ڪندو آهيان ته هنن جا روز فون ايندا آهن ته يار توکان سواء مزو ناهي محفل جو .... سو يار گورڌن اهي چرچا، ڀوڳ اصل ۾ محبت ۽ پنهنجائپ پيدا ڪندا آهن. ٻاهرين ملڪ ۾ رهي ايڏو پيار سو به غيرن جو مليو اٿو ... اهائي خوشنصيبي آهي پر ان ۾ اوهان جو پنهنجو عمل دخل وڌيڪ آهي. سدا سلامت هجو